سنڌ ڳوٺاڻن ۾ ترقيءَ جو بنياد: هٿ جي هنر، مهارتن ۽ عورتن جي رهنمائي ـ قمر زمان کوسو

سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتون صديون کان محنت، هنر ۽ همت جي علامت رهيون آهن. هوءَ گهرن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ زراعت، مال چارڻ، ۽ هٿ جي هنر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٿرپارڪر جي رنگين ڪڙهايون، بدين ۽ سانگهڙ جي هٿ جي ٺاهيل شيون، ۽ دادو، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي دستڪاريون سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي ويون آهن.

اهو سڀ عورتن جي هٿن جي محنت جو نتيجو آهي، پر افسوس جو اهي عورتون، جيڪي پنهنجي هٿن سان حسن ۽ فن پيدا ڪن ٿيون، پاڻ اڃا بہ غربت ۾ جيئڻ تي مجبور آهن. ان جو وڏو سبب آهيمهارتن جي ترقيءَ لاءِ سهولتن ۽ صحيح رهنمائيءَ جي کوٽ.

1.       ڳوٺاڻن علائقن ۾ عورتن جو ڪردار:

سنڌ جي ڳوٺاڻن زندگيءَ ۾ عورت جو ڪردار مرڪزي آهي. هوءَ گهر سنڀالڻ سان گڏوگڏ ،فصلن ۾ ڪم ڪندي آهي، مال پالي ٿي، ٻچن کي پڙهائي ٿي، ۽ دستڪاريون ٺاهي ٿي. پر انهن سڀني ڪمن جي باوجود عورت کي نہ سماجي سڃاڻپ ملي ٿي، نہ اقتصادي آزادي. عورتن جي ڪم کي اڪثر گهر جو ڪم سمجهي بي قدر ڪيو ويندو آهي، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهو ڪم ڳوٺاڻن معيشت لاءِ ريڙه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو.

2.       هٿ جي هنر (Handicraft) سنڌ جي سڃاڻپ:

سنڌ جي هٿ جي هنر جي روايت صديون پراڻي آهي. سنڌي عورتن جو هنر رڳو ڪمائيءَ جو ذريعو ناهي، پر اهو ثقافتي ورثو بہ آهي.

ڪجهہ اهم هٿ جا هنر هن ريت آهن:

·        ڪڙهائي ۽ رلي ٺاهڻ: ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ مشهور.

·        ٻنڪ ۽ سينگار جون شيون: جهڙوڪ ڪنن جا وارا، ڪنگڻ، ۽ موتين جا ڪم.

·        چادر، شال، ۽ ڪپڙن تي هٿ جو ڪم.

·        گهر جي سينگار لاءِ هٿ جي ٺاهيل شيون: ٽوڪريون، ٿالها، ۽ ڌاڳن جا ڪم.

انهن شين جي گهريلو پيداوار وڏي پيماني تي ٿيندي آهي، پر مناسب مارڪيٽ تائين نہ پهچڻ سبب عورتون پنهنجن هنر مان مناسب آمدني حاصل نٿيون ڪري سگهن.

3.       مهارتن جي ترقي — ترقيءَ جو اوزار:

گهڻيون عورتون قدرتي طور هنرمند آهن، پر انهن کي بازاري تقاضائن، معيار، ۽ جديد ڊيزائنن جي ڄاڻ نہ آهي. جيڪڏهن انهن کي جديد مهارتن ۾ سکيا ڏني وڃي تہ اهي پنهنجي هنر کي ڪاروبار ۾ تبديل ڪري سگهن ٿيون.

مثال طور:

·        ڊيزائننگ ۽ پيڪيجنگ سکيا: هٿ جي شين کي جديد انداز سان پيش ڪرڻ.

·        مارڪيٽنگ ۽ وڪرو جي ڄاڻ: شين کي شهرن ۽ آن لائين مارڪيٽ تائين پهچائڻ.

·        مالي مينيجمينٽ: ننڍي ڪاروبار کي منظم ڪرڻ ۽ بچت سکڻ.

·        ڊيجيٽل سکيا: سوشل ميڊيا ذريعي شين جي واپار.

سنڌ جي عورتن لاءِ اهڙا مهارت سينٽر قائم ٿيڻ گهرجن، جتي هوءَ پنهنجي هنر کي پيشہ ورانہ سطح تي ترقي ڏئي سگهي.

4.       عورتن جي صحيح رهنمائي جي ضرورت:

گهڻيون ڳوٺاڻيون عورتون پنهنجي ڪم جي قيمت ۽ اهميت کان اڻ واقف آهن. ان لاءِ صححيح رهنمائي ۽ شعور تمام ضروري آهي. هيٺين قدمن سان عورتن جي زندگي بدلائي سگهجي ٿي:

·        تعليمي ۽ فني رهنمائي: عورتن کي سکيا ڏيندڙ مرڪز جتي هوءَ عملي تربيت حاصل ڪري.

·        مارڪيٽ تائين پهچ: سرڪار ۽ ادارا عورتن کي شين جي مارڪيٽ سان ڳنڍين.

·        قانوني ۽ مالي آگاهي: عورتن کي سندن حق، فائدو ۽ قانوني تحفظ بابت ڄاڻ ڏني وڃي.

·        سماجي همٿ افزائي: مردن کي پڻ عورتن جي ڪم جي اهميت بابت آگاهي ڏني وڃي.

عورتن جي رهنمائي سان نہ رڳو انهن جي زندگي بهتر ٿيندي، پر سڄو ڳوٺاڻو سماج معاشي طور مضبوط ٿيندو.

5.       هٿ جي هنر ۽ معيشت تي اثر

هٿ جي هنر کي جيڪڏهن صنعت جي صورت ڏني وڃي تہ اها سنڌ جي معيشت ۾ وڏو حصو ڏئي سگهي ٿي. دستڪاري هڪ اهڙو شعبو آهي. جيڪو گهٽ سيڙپڪاري سان گهڻي آمدني پيدا ڪري سگهي ٿو. فائدا:

·        گهر ويٺي ڪم ڪرڻ جا موقعا.

·        عورتن جي مالي خودمختياري.

·        مقامي ۽ بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ سڃاڻپ.

·        ثقافتي ورثي جو تحفظ.

·        انهيءَ سان گڏ، نئين نسل لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.

6.       حڪومت ۽ ادارن جو ڪردار:

سنڌ حڪومت ۽ مختلف سماجي تنظيمون عورتن لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، پر انهن کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندھ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن: هٿ جي هنر کي فروغ ڏيڻ لاءِ عورتن جا نمائش مرڪز ٺاهيا.

سندھ رورل سپورٽ آرگنائيزيشنڳوٺاڻين عورتن کي فني تربيت ۽ مالي سهائتا فراهم ڪري رهي آهي.

بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام: معاشي طور ڪمزور عورتن کي نقد امداد سان بااختيار بڻائي رهيو آهي.

پر حقيقت ۾، انهن قدمن کي مارڪيٽ، ٽيڪنالاجي، ۽ فني ماهرن سان ڳنڍڻ ضروري آهي تہ جيئن نتيجا وڌيڪ پائيدار ٿين.

7.       ڳوٺاڻن ترقيءَ تي اثر:

عورتن جي مهارتن ۾ واڌارو ۽ صحيح رهنمائي سان ڳوٺاڻن ترقيءَ جا هي فائدا ٿين ٿا:

·        خاندانن جي آمدني وڌي ٿي.

·        ٻارن جي تعليم ۽ خوراڪ ۾ بهتري اچي ٿي.

·        غربت ۾ نمايان گهٽتائي اچي ٿي.

·        مقامي صنعتون ترقي ڪن ٿيون.

·        عورتن جي سماجي حيثيت بلند ٿئي ٿي.

اهو ثابت ٿي چڪو آهي تہ جتي عورت معاشي طور خودمختيار آهي، اتي سماج ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جو عمل وڌيڪ تيز ٿيندو آهي.

8.       رڪاوٽون ۽ چئلينجز:

·        روايتي سماجي رويا ۽ پابنديون.

·        مالي وسيلن ۽ سهولتن جي کوٽ.

·        ٽيڪنالاجي تائين محدود رسائي.

·        عورتن لاءِ محفوظ مارڪيٽ ۽ نقل و حمل جا مسئلا

انهن مسئلن جو حل حڪومت، نجي شعبي، ۽ سماجي تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان ممڪن آهي.

هٿ جي هنر، مهارتن جي ترقي، ۽ عورتن جي صحيح رهنمائي سنڌ جي ڳوٺاڻن ترقيءَ جو اهم ترين ذريعو آهي. جڏهن عورتن کي پنهنجي هنر جي سڃاڻپ، جديد تربيت ۽ مارڪيٽ تائين رسائي ملندي، تڏهن هوءَ رڳو هڪ ڪم ڪندڙ نہ رهندي، پر تبديلين جي اڳواڻ بڻجي ويندي.

عورتن جي بااختياري، ثقافتي ورثي جو تحفظ، ۽ مقامي معيشت جي بحالي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل عمل آهن. جديد سنڌ تڏهن خوشحال ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان جون ڳوٺاڻيون عورتون هٿ ۾ هنر، ذهن ۾ شعور، ۽ دل ۾ اعتماد سان اڳتي وڌنديون.



Previous Post Next Post