ڌاريا ۽ سنڌ: هڪ سنجيدہ مسئلو ـ ارشاد علي پنھور

سنڌ ڌرتي، جيڪا ازل کان محبت، رواداري، مھمان نوازي ۽ تهذيب جي ڌرتي رھي آهي، صديون گذري وڃڻ کانپوءِ اڄ بہ پنهنجي پاڻ ۾ بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهبي فرق جي ھر مهمان ۽ دوست بڻجندڙ ساٿين ۽ سچن ماڻهن کي خوشي خوشيَ جاءِ ڏني آهي. پر صد افسوس جو ان سڀ کانپوءِ بہ  سنڌ ڌرتيَ پنهنجي پاڻ، سواءِ بحرانن جي ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي حاصل ڪيو. جيتوڻيڪ سنڌ اندر انيڪ مسئلا آهن پر ھن وقت قومي سطح تي سڀ کان وڏو مسئلو ڌارين جي آبادڪاري ۽ سندن پاران سنڌ جي وسيلن تي روز لڳندڙ ڌاڙن جو آهي.

ھر ھاڃي ۽ لٽ مار باوجود سنڌ هميشہ کليل دل سان هر مهمان کي ڀليڪار ڪيو آهي، پر موجودہ دور ۾ ان مسئلي کي ھميشہ جي لاءِ حل ڪري ختم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇاڪاڻ تہ اهو صرف مهمان نوازي جو مسئلو نہ پر هڪ منظم منصوبہ بنديءَ جو حصو ٿو لڳي. جنهن سان سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪري، سندن جي ھٿ مان انتظامي معاملن کي کسي ۽ پوءِ سندن مٿان وڌيڪ ڏاڍ ۽ ظلم شامل آهن. تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو تہ جڏهن ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ ملڪ پاڪستان ٺھيو ۽ لڏپلاڻ ڪري مهاجر اچي سنڌ ڌرتيءَ تي آباد ٿيا تہ سنڌي ماڻھن، انهن کي پنهنجي ڀائرن وانگر قبول ڪيو، پر وقت سان گڏ انهن جي وڌندڙ سياسي ۽ معاشي طاقت سنڌين لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ لڳي آهي. اھي ئي مھاجر سنڌ جي معاشي وسيلن تي قبضو ڪري پنهنجي ذاتي ملڪيت ڪري ويھي رھيا آهن.

اڄ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو راڄ آهي. سنڌ جي ھر وڏي ۽ ڪاروباري شھر جھڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۾ زمينن کان وٺي ڪاروبار، ۽ نوڪرين تي ڌارين جو مڪمل ڪنٽرول نظر اچي رھيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جا اصل وارث نوجوان پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بيروزگار ۽ پٺتي پيل بڻجي ويا آهن. اهو ناانصافيءَ جو اهڙو سلسلو آهي جيڪو سڄي سماج کي متاثر ڪري رهيو آهي.

مسئلو صرف اتي ختم ٿيڻ جو ڪونهي پر سوچ سمجهہ رکڻ وارا ئي ان کي دور انديشيءَ سان ڏسي سگهن ٿا تہ اھو سڀ ٿيڻ سان اسانجي قومي سڃاڻ ۽ ثقافتي کي پڻ وڏو سنجيدہ خطرو آهي.

سنڌي ٻوليءَ، موسيقي، ۽ تهذيب مٿان ڌارين جي اثر جي ڌنڌلاڻ پئجي چڪي آهي. ڇاڪاڻ تہ ھن وقت شهري علائقن ۾ سنڌي ٻوليءَ ڳالهائڻ کي پوئتي سمجهيو وڃي ٿو، ۽ ھزارن سالن جي تاريخ رکندڙ ٻوليَ مٿان فخر بدران شرم جو سبب سمجهيو ۽ بڻايو پيو وڃي. نئين نسل پنهنجي ازلي اصليت وساري رهي آهي ۽ سنڌيت، ڏينهون ڏينهن هڪ تاريخي ورثي مان بدلجي صرف هڪ علامت تائين محدود ٿي رهي آهي.

ڌارين جي وڌندڙ ۽ منظم آبادڪاري سبب سياسي نقشو پڻ تبديل ٿي رهيو آهي. ووٽر لسٽن ۾ تبديليون، حدبندين ۾ ھير ڦير، ۽ سياسي اثر وڌائڻ لاءِ مخصوص پاليسيون، سڀ ڪجهہ ھڪ پختي منصوبابندي سان سنڌي عوام کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن. ان سان گڏ، سنڌين جي نمائندگي گهٽجي رھي آهي، ۽ پنهنجن ئي شهرن ۾ سنڌي اقليت بڻجي رهيا آهن ۽ اسان جا سياستدان وري ان مسئلي سنجيدگي سان حل ڪرڻ بجائي، بيان ٿا ڏين تہ اھي ڪجهہ ڪرڻ کان قاصر آهن ڇو تہ ڌاريا ھتي مٽيون، مائٽيون ڪيو ويٺا آهن،  تہ پوءِ ان سڀ جو زميوار بہ آخر ڪير؟

ڇا انهن ڌارين جون مٽيون مائٽيون ڪنهن سنڌي ھاري سان ٿيل آهن يا ڪنهن ڀوتار، وڏيري ۽ سياستدانن سان؟

ان سڀ ۾ سموريءَ سنڌي قوم جي ذميواري بڻجي ٿي تہ هي وقت خاموش رهڻ جو نہ پر سجاڳ ٿيڻ جو آهي. اسانکي نفرت نہ، پر تعليم، شعور، قومي اتحاد ۽ تنظيم جي ذريعي پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻي آهي. پنهنجن ٻچن جي روشن مستقبل ٺاهڻ ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڌارين سان دشمني نہ پر پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ قانوني، جمهوري ۽ پرامن جدوجهد ضروري آهي.

اسان سڀني کي قومي سطح تي سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ ڌارين جو مسئلو رڳو سياسي يا سماجي نہ، پر هڪ وجودي ۽ ثقافتي خطرو آهي. جيڪڏهن سنڌي قوم چند مفاد ۽ ذات پرست سياستدانن ۽ وڏيرن پٺيان لڳي، اڄ بہ خاموش رهي تہ ايندڙ نسل پنهنجي ڌرتيءَ تي، پنهنجي سڃاڻپ، وڃائي ويھندو.

ضرورت ان ڳالهہ جي بہ آهي تہ هر سنڌي پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي سڃاڻپ، ۽ پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ اٿي کڙو ٿئي ۽ عملي جدوجهد ۾ شريڪ ٿئي. ڇو تہ ”جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ جو نہ ٿيو، اهو ڪڏهن بہ ڪنهن جو نہ ٿيندو.“

Previous Post Next Post