هن سال جو ادب
جو نوبل انعام هنگري جي ليکڪ لاسزلو ڪراسناهوڪائي (László
Krasznahorkai) کي ڏنو ويو آهي، هن جي اثرائتي ۽ بصيرت سان ڀرپور تخليقي ڪم
لاءِ، جيڪو تباهيءَ جي دهشت جي وچ ۾ بہ فن جي طاقت کي ٻيهر ثابت ڪري ٿو.
لاسزلو ڪراسناهوڪائي
جو جنم 1954ع ۾ ڏکڻ اوڀر هنگري جي ننڍڙي ڳوٺ جيولا (Gyula) ۾ ٿيو، جيڪو رومانيا جي سرحد جي ويجهو آهي. اهڙي
ئي پري واري ڳوٺاڻي علائقي ۾ سندس پهريون ناول’شيطان تانگو(Sátántangó) ‘ جو منظر بہ
جڙيل آهي، جيڪو 1985ع ۾ ڇپيو (انگريزي ترجمو 2012ع) ۽ هنگريءَ ۾ هڪ ادبي ڌماڪو بڻجي
ويو.
هي ناول ڪميونزم
جي زوال کان ٿورو اڳ هنگريءَ جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ هڪ ڇڏيل گڏيل فارم تي رهندڙ مفلس ماڻهن
جي زندگيءَ کي انتهائي گهري ۽ علامتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. هن بيابان ۾ سڪون ۽ انتظار
جو عالم آهي، جيستائين ٻن پراسرار شخصيتن ايريمياش (Irimiás)
۽ سندس ساٿي پيٽرينا (Petrina)، جن
کي سڀ مئل سمجهندا هئا، اوچتو ظاهر ٿين ٿا. مقامي رهاڪو انهن کي اميد يا قيامت جي پيغامبرن
طور ڏسن ٿا.
ناول جي عنوان
۾ موجود ”شيطاني“
عنصر
انهن جي غلام جهڙي اخلاقيت ۽ ايريمياش جي ٺڳيءَ واري فريب ۾ ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو جيترو
اثرائتو آهي اوترو ئي ڌوڪيباز بہ. آخرڪار سڀ ڪردار پنهنجي ئي اميدن ۾ الجهي وڃن ٿا.
ناول جو شروعاتي قول ڪافڪا جي هڪ جملو آهي تہ ”ان
حالت ۾، مان انهيءَ شيءِ کي انتظار ڪندي وڃائي ويهندس.“
هي ناول پوءِ
1994ع ۾ نامور ڊائريڪٽر بيلا تَر (Béla Tarr) سان گڏجي هڪ
گهڻي منفرد فلم جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. آمريڪي نقاد
سوزن سانٽاگ (Susan Sontag) جلدي ئي ڪراسناهوڪائي کي ”قيامت جو ماسٽر“ قرار
ڏنو، جڏهن هن سندس ٻيو ناول ”مزاحمت جي
اداسي“Az ellenállás melankóliája, 1989; The Melancholy of
Resistance, 1998) پڙهيو. هن ڪتاب ۾، جيڪو ڪارپيٿين واديءَ ۾ هڪ ننڍڙي
شهر ۾ پيش ايندڙ خوفناڪ ۽ وهمي فضا تي ٻڌل آهي، جيڪا صورتحال وڌيڪ شدت اختيار ڪري ٿي.