انس ۽ احساس انسان جي سڃاڻپ ـ حڪيم پريم چاندواڻي

انس ادب، ايڪتا احساس،

خاصو رکجي، خلق اخلاص۔

هر انسان، انس ٿو چاهي،

پيار جي پيداوار جو آهي۔

هر انسان فطرتي طور محبتي يعنيٰ محبت ڪرڻ وارو هجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ محبت سندس فطرت ۾ شامل آهي۔ انهيءَ سان گڏوگڏ هر انسان ۾ ادب ايڪتا احساس، اخلاق ۽ اخلاص هجڻ ضروري آهي۔  کيس ورثي ۾ ملي آهي پڻ انسان هجڻ ناتي انس ان جي رڳن ۾ رت جيان روان دوان رهي ٿو۔ جنهن انسان جي دل ۾ محبت جو جذبو يا پيار جو احساس شامل ناهي اهو انساني روپ ۾ حيوان آهي، پڻ سندس جبلتون بہ حيوانن واريون ٿي وڃن ٿيون۔ انهيءَ حيوانيت ۽ وحشت پويان وري دنيا جون نا انصافيون، بيواجبيون، سفاڪيون، بيحسي، ۽ تمام گهڻيون مجبوريون، مسئلا ۽ مونجهارا هجن ٿا جنهن ڪري ئي انسان تي وحشانيت ۽ حيوانيت حاوي ٿي وڃي ٿي۔ جنهن سبب سندس فطرتن، عادتن ۽ ورتاؤ ۾ بہ حيوانيت اچي وڃي ٿي۔

تنهنڪري ائين چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ دنياوي دوکا دولاب، ڌڪار وارا رويا، ڪوڙ ڪلفت، نقلي ۽ جعلي فطرتن وارا فرد کين دنياداري ۾ ذهني عذاب، ڏئي باغي بنائي ڇڏن ٿا۔ اهو ئي مکيہ سبب آهي جو وحشت حيوانيت ۽ بيحسي وڌي رهي آهي۔ اهو مشاهدي ۽ مطالعي مان معلوم ٿيو آهي تہ انتهائي ظالم جابر، سفاڪ، بہ ڪنهن نہ ڪنهن سان محبت ضرور ڪندا هيا ۽ کين پنهنجي دل جي ساري سلطنت جي راڻي بنائي پاڻ راڄ وارو ڪردار ادا ڪندا هيا ۽ اتي کين هڪ ٻڙڪ يا ٻاڙو ٻولڻ جي جرئت نہ ٿيندي هئي۔ ڪن تہ وڏيون وڏيون قربانيون بہ ڏنيون ڪن بادهاشت کي ٺڪرائي وڃي فقيريءَ واري خاموش زندگي لوڪ کان لڪي گمناميءَ ۾ گذاري ڇڏي۔

جي اسان محبت ٿا چاهيون، نفرتن کي دور ڀڄايون۔ بس پيار ڪرڻ ٿا ڄاڻون، تڪرارن مان ڇا ڄاڻون، ڪلفتن کان ٿا ڪترايون، بس امن محبت سان جيون گهارڻ ٿا چاهيون، امن امان جياپو آهي، جنگ جنوني جذبو آهي، امن الفت ايڪتا، اهنسا پنهنجي جيون جو سرمايو آهي، امن امان سان ترقي ٿيندي، دنيا سان پئي ڀيٽ ڪبي۔ ان جي ابتڙ ڇاهي، تباهي ۽ بربادي آهي، جنگ ۾ لاشا روز ڪرن ٿا، ٻار ٻڍا سڀ ماريا وڃن ٿا، جنگ کان نفرت، امن سان محبت اها ئي آهي خلق سان چاهت۔ ڪائنات سونهين ٿي، آدم سان، ورنہ سڪجي ها هڪ دم کڻڻ کان۔ هجي ها، مشڪل هڪ دم کڻڻ ڀي۔ محبت سان آ، قائم دنيا، محبت سان رهندي، دائم دنيا۔ آدم جي آ بقا امن ۾، شيطاني آ ڄار اهو، ويڙاهيو ۽ حڪومت ڪريو، انسان کي جهالت طرف ڌڪيو۔

هن دنيا جي اهڙي ابتر حالت ڪنهن ڪئي آ، يقينن نفرتن، ڪلفتن، وحشتن، جبر بربريت، انياء جهل اڻسهپ، انا، محبتن جي کوٽ۔  ائين هلي ٿو سارو ابتو چرخو، ريڪارڊ ٽٽي ويو دشمنيءَ جو، ڇو ايڏي آهي، آدم بيزاري، بيحسي آ جڳ تي طاري، ڪيئن ڀلا ڪو جيون گهاري، سامراج پيو ٿو، آدم ماري۔ چرخو سست چلي ٿو، شاطر پيو هر چال چلي ٿو۔ بس پنهنجي ڀلائي هرڪو چاهي، ٻئي جي ڳڻتي ڪنهن کي بہ ناهي۔ نيڪ انهيءَ کي سڏجي ٿو، جو سڀ جي نيڪي چاهي ٿو۔ حيوانن جيئن سو آ جيئڻ، ماڻهن جو مفادن ور چڙهڻ، پيار محبت ۾ ئي راحت، ورنہ جيون آهي زحمت، محبت ۽ اميد سهاري، جڳ پيو ٿو وقت گذاري، محبت جي پرواز ڪندي، جڳ ۾ صغرا قيامت ايندي، اسان امن ٿا چاهيون، سچا  صوفي، سنڌي جو آهيون۔ جنگ جنوني، ڪار شيطاني، امن جذبو آ انساني، محبت ماڻ آ رحماني۔ رحمان نٿو ائين چاهي، جيئن شيطان ٿو راھ ڀلائي۔ سو شيطاني چيلو آهي، جيڪو جنگ جا طبل وڄائي۔ انسان محبت ٿو چاهي، سڀ ملي ڇڏيو نفرت کي ڀڄائي۔

جو نفرتن جي، ور چڙهندو،

ان جي بقا کي، خطرو ٿيندو۔ بقائي باهمي، پوشيده محبت ۾،

هرخوشي راحت ملندي الفت ۾۔ مشعل ٻاريون، محبت جي،

هجي شمع گل، هر نفرت جي۔

سڀ ڪوي سفير امن جا آهيون، سڀ محبتن جا خمير آهيون۔ ها زندہ ظرف ضمير آهيون۔ محبتي ماڻهن وٽ اسير آهيون۔ ضمير جنهن جو ڀي زنده آهي، اهو نفرتون نٿو چاهي۔ جي نہ هجي ها محبت، دنيا ۾ ناياب هجي ها راحت۔ اسان جي انسان آهيون۔ احساسن کي خوب جيئاريون۔ بهتر مذهب انسانيت،  وڌندي ويندي، ٻي صورت ۾ حيوانيت۔ بدامنيءَ کي ڀڄايو، محبتن کي عام ڪيو۔ احساسن کي جاڳايو۔ نيتون جي صاف هونديون، خوشيون هر هنڌ جام ٿينديون۔ امر مڃڻ، احترام پڻ ضروري آهي، ٻي صورت رهڻي آدم بيزاري آهي۔ خوشيون ۽ خوشحالي هوندي، گهر گهر ۾ عيد  ٿيندي۔ ترقيءَ جو ڦيٿو ڦرندو رهندو، وقت وڌي آجيان ۾ بيهندو۔ انس سان امن ۽ انتي ٿيندي، بدامنيءَ جي باھ وسامي ويندي۔ انسانيت گهڻي عظيم آهي، ڇا وحشت پاڳلپڻو ناهي؟!!۔ سڀ وحشي بي سوچ آهن، ڇا من انهن جا مردہ ناهن۔

هي محبت سان قائم، ڪائنات،

محبت سان رهندي، سدا حيات۔

جي امر اسان کي ٿيڻو آ،

محبت کي، قائم رکڻو آ۔

جو جنگ، جنوني چاهي،

سو سفاڪ، وحشي آهي۔

وحشي پڻو، مردہ- باد،

انسانيت رهي شاد آباد۔

سدا ايڪتا سان، آباد رهبو،

نفاق سان، برباد ٿي وڃبو۔

الفت، فطرت انساني،

نفرت جذبو، وحشاني۔

جي دنيا کي آباد آ رکڻو،

نفرت کي، برباد آ ڪرڻو۔

Previous Post Next Post