جاکوڙي انسان احمد حسن (جاويد) پنهور ـ محمد خالد ميمڻ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو موجودہ سيڪريٽري اطلاعات، احمد حسن (جاويد) پنهور، اداري جي اُن اهم ڪڙي طور سامهون اچي ٿو، جيڪا لفظن کي صرف خبرن تائين محدود نہ ٿو رکي، پر ان کي اداري جي سڃاڻپ، سوچ ۽ تحريڪ جو اثرائتو آواز بڻائي ٿو ڇڏي، هو پنهنجي ذميواري کي محض اطلاع پهچائڻ تائين محدود نہ ٿو رکي، بلڪہ هر خبر کي اهڙي ترتيب، سچائي ۽ حساسيت سان پيش ڪري ٿو، جو اها پڙهندڙن جي دل ۽ ذهن تي پنهنجو نقش ڇڏي وڃي ٿو، سندس ڪم ۾ وقت جي پابندي، مواد جي سچائي ۽ اظهار جي نفاست واضح نظر اچي ٿي، پاڻ جديد ميڊيا جي گهرجن کي سمجهي، هو سگا جي سرگرمين کي اهڙي انداز سان منظرعام تي آڻي ٿو، جو اداري جي مثبت ساک وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي ۽ عوام سان ويجهڙائپ وڌي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سندس پيشڪشون صرف اطلاع نہ، پر هڪ اعتماد جو پيغام بڻجي سامهون اچن ٿيون، جاويد پنهور جي ڪوششن سان سگا جي مڙني شاخن جي ساٿين جي وچ ۾ رابطن جو دائرو وسيع ٿيو آهي، جنهن سان نہ رڳو اندروني هم آهنگي وڌي آهي، پر اداري جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بہ سڌارو آيو آهي، هو اُن نسل جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪا لفظن جي ذميواري کي سمجهي ٿي ۽ ميڊيا کي هڪ مثبت تبديليءَ جو ذريعو بڻائڻ چاهي ٿي، بيشڪ، احمد حسن (جاويد) پنهور جي محنت، بصيرت ۽ پيشورانہ سوچ سگا لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي، جيڪو اداري کي نہ رڳو موجودہ وقت ۾ سگهارو بڻائي رهيو آهي، پر مستقبل جي راهن کي پڻ روشن ڪري رهيو آهي، هو وقت جي رفتار سان هلندي، هر واقعي کي اهڙي نفاست سان لفظن ۾ پروئي ٿو، جو سادي خبر بہ هڪ معنائتي ڪهاڻي بڻجي سامهون اچي ٿي.

سندس اظهار ۾ سچائي جي چمڪ، خلوص جي خوشبو ۽ ذميواريءَ جو احساس نمايان نظر اچي ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿو، جاويد پنهور جي محنت سان سگا جون سرگرميون رڳو رپورٽون نہ رهيون آهن، پر هڪ زنده تصوير بڻجي ويون آهن، جتي هر منظر، هر لمحو ۽ هر ڪوشش، لفظن جي ذريعي جيئري ٿي اڀري ٿي، سندس لکڻين ۾ اهڙو سحر آهي، جو اهي دلين ۾ جاءِ ٺاهي، اعتماد ۽ وابستگيءَ جي نئين لهر پيدا ڪن ٿيون، بيشڪ، هو اُن قلم جو نگهبان آهي، جيڪو اداري جي سڃاڻپ کي نہ رڳو محفوظ رکي ٿو، پر ان کي نون افقن ڏانهن بہ وٺي وڃي ٿو۔ احمد حسن (جاويد) پنهور، سگا جي اُن روشن چراغ وانگر آهي، جنهن جي روشني سان اداري جي راهون وڌيڪ واضح ۽ روشن بڻجي رهيون آهن، سگا مرڪز جو جڏهن کان احمد حسن (جاويد) پهنور سيڪريٽري اطلاعات چونڊيو آهي، تڏهن کان هن پنهنجي ڪم جي سلسلي ۾ سگا جي سڀني برانچن سان ائين رابطو رکيو آهي جو ائين محسوس ٿي رهيو آهي تہ ڄڻ پاڻ سگا جو پهريون سيڪريٽري اطلاعات ٿيو آهي ڇوتہ اڳ جيڪي بہ سيڪريٽري اطلاعات ٿي گذريا آهن، انهن جو رابطو شاخن جي ساٿين سان ائين نہ هوندو هيو ۽ اسان رب پاڪ کان دعا ٿا ڪيون تہ رب پاڪ سيڪريٽري اطلاعات سگا احمد حسن (جاويد) پهنور کي اڃان وڌيڪ ھمت، حوصلو ۽ سٺي صحت عطا ڪري تہ جيئن پاڻ اڳتي بہ سڀني شاخن جي ساٿين ۽ مرڪز جي ساٿين وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندي سگا جي ڪيل سرگرمين کي سڄي دنيا تائين پهچائيندو رهي (آمين)


Previous Post Next Post