نالو ـ سرواڻ جوکيو

چَپي چَپي تي اوهان جنهن سان بہ ڪا ٿوري ٿَڪي ڪچهري ڪندؤ تہ ڪٿي نہ ڪٿي هو ضرور ڦاٽُ کائيندو تہ: ’مان هڪ شاعر آهيان، نہ فقط شاعر آهيان پر محقق بہ آهيان، دانشور بہ آهيان؛ ڇو تہ مان هڪ وڏو نالو آهيان، انهي ڪري مان سڀ ڪجهہ آهيان ۽ اهو بہ آهيان جيڪو مان نہ آهيان.‘

سنڌي ادب جا تمام وڏا نالا ٿي گذريا آهن، جن کي نالي ڪڍائڻ جو تمام وڏو شوق هيو ۽ ان سببان هنن تمام وڏيون محنتون ۽ ڪوششون ورتيون، ڪن تہ مورڳو ئي استيفائون بہ ڏنيون. استعيفيٰ ڏيندڙن جو سوال هيو تہ: ”جيڪڏهن نالو نہ هوندو تہ ناليون ڪيڏانهن وينديون؟“ اهو انتهائي غور طلب سوال هيو. مذڪر نالن سان گڏ وري کوڙ ساريون مؤنث ناليون بہ هيون جيڪي اچي انهن نالن ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. ويجهر ۾ هڪڙي هر فن مولى اديب ان ڪري استيفي ڏني جو ڪنهن ڊڪشنريءَ ۾ سندس نالو نہ هيو. تنهن کان پوءِ سڀني ادبي گهڻگهرن هڪ عظيم الشان تقريب ڪوٺرائڻ جو سوچيو، جنهن ۾ کيس ان قسم جي ادبي اڳڀرائي تي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. هونئن بہ ان قسم جي ادبي اڳڀرائي تمام ٿورڙن ماڻهن ڪئي آهي. سچ تہ اهي ماڻهو جس لهڻن جيڪي نالي نہ سببان استعيفائون ڏئي، گهر ڀيڙا ٿين ٿا، ڀلا گهٽ ۾ گهٽ نالو تہ هجي، جي نالو نہ هوندو تہ ناليون ڪيڏانهن وينديون!

هڪڙي تسلي بخش ۽ خوش دماغ دوست صلاح ڏني آهي تہ ”نالي جي لاءِ اسان کي ادبي بورڊن کان هٽي ڪري ڪنهن ٽي.ايم.او کان بہ مدد وٺڻي پوندي، ڇو تہ ان کان سواءِ نالو ڪونہ ٺهندو ۽ جي نالو نہ ٺهندو تہ ناليون ڪيڏانهن وينديون؟ انتهائي ڳنڀير معاملو آهي. اسان کي عقل کان مدد وٺڻي پوندي ڇو تہ بنا عقل جي بہ نالو سُرَ وارو ڪونہ ٺهندو.“ ان اديب جنهن نالي نہ هجڻ سببان استيفىٰ ڏني تنهن اهو پڻ چيو تہ ’نالي جي اسان کي ڪابہ بُک ڪانهي، اصول بہ تہ ڪا شئي ٿيندي آهي.

اها ڳالهہ تہ صاف سڌي آهي تہ نالي جي بُک ڪنهن کي بہ ناهي هوندي، ڇو تہ نالي منجهہ ڪوبہ انساني کاڌو موجود ناهي هوندو، البتہ جيڪڏهن هوندو بہ آهي تہ جيت جڻن ڪاڻ. سو سندس ڳالهہ کي، ڪنهن بہ دل تي ڪونہ ورتو. هونئن نالي جو مسئلو انتهائي پيچيدہ آهي، جتي انساني زندگي موجود آهي، اُتي نالي جي پڻ سخت ضرورت هجي ٿي. نالي سان ئي اسين تهذيب يافتہ قومن ۾ شمار ٿي سگهون ٿا. هڪڙي ادبي ٺيڪيدار اهو پڻ ٻڌايو تہ جيڪڏهن نالو نہ هوندو تہ ناليون بہ ڪم جون نہ رهنديون؛ سو بورڊن ۾ جيڪي ناليون آهن، تن کان اول نالن جي تعمير جو سوچيو وڃي. ايتري ۾ هڪڙي ناليءَ دانهن ڪئي تہ نالي پُٺيان جيڪي ناليون آهن، تن سڀني کي ڄاڻي واڻي ڍَڪيو پيو وڃي، اها سراسر نا انصافي آهي. اسان کي ڍڪي ڪري ٻيهر 5000 سال پوئتي ڌڪيو پيو وڃي جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي، جنهن جون تقريباً ناليون ڍڪيل آهن. اسان سڀ سمجهئون ٿيون تہ اسان کي ڍڪڻ ۾ طالبان ۽ دائش وارن جا ڳجها هٿ آهن، اهي اسان کي ٻيهر چوديواري ۾ قيد ڪري باندي بڻائي ۽ برقعا پارائي ڏائڻيون بڻائڻ جي چڪر ۾ آهن. اسان کي کليل فضا ۾ ساه کڻڻ کان روڪي اسان تي تشدد ڪيو پيو وڃي. سوچيو تہ سهي، جيڪڏهن اسان ڍڪيل هونديونسين تہ آزاديءَ سان روڊن تي اُٿلي گند بہ ڪونہ ڪري سگهنديونسين ۽ توهان کي تہ خبر آهي گند هن ملڪ جي سُڃاڻپ آهي ۽ اڻ سڌي طرح سازشون ڪري هن ملڪ کان سُڃاڻپ کسي پئي وڃي.

اسان حڪومت کان پرزور مطالبو ٿيون ڪريون تہ سڀني نالين کي اجايو ڍڪيو نہ وڃي، اسان کي بہ وائکو رهڻ ڏنو وڃي ۽ جن ماڻهن استعيفائون ڏنيون يا اخبارن ۾ بيان ڏنائون، تن ماڻهن جي مانَ لاءِ تقريب ڪوٺرائڻ گهرجي. انهن سڀني وڏن نالن جي تاج پوشي پڻ ڪئي وڃي، پر تاج ۽ پوشيءَ کي الڳ الڳ ڪري رکجي، ائين نہ ٿئي تہ تاجُ، پوشيءَ جي اڳيان صرف و نحو جو استعمال ڪندي ري، واؤ پيش، رُو جو استعمال ڪندي روپوش ٿي ڀڄي وڃي، پوءِ جي نالو نہ ٺهندو تہ ناليون ڪيڏانهن وينديون؟

سنڌيءَ جي هڪ ڄاهي، ات پت ڏاهي اديب نصابي ڪاميٽيءَ جي اڳيان جديد دور جي گهرجن پٽاندڙ ڪچي پهرئين جي کٿابين لاءِ هڪ سبق پيش ڪيو آهي، جيڪو امڪان آهي تہ جلد نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو. جيڪو مان اڳواٽ پاناما ليڪس جي غير مشروط تعاون سان ائين ليڪ ڪري رهيو آهيان، جيئن گهڻان ڏسڻان وائسڻان ڀري ڪچهريءَ ۾ الائي ڪٿان ڪٿان ليڪ ٿي ويندا آهن.

نالو هي نالو آهي.

نالي ۾ نالِي هوندي آهي.

نالو، ناليءَ جو مذڪر آهي.

نالو، نالن جو واحد هوندو آهي.

نالي ٺاهڻ واري کي رازو چئبو آهي.

ڪجهہ اديبن جا انهن جملن تي سوالي اعتراض پڻ هيا تہ ’اسان سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آهي تہ ڇا اسان رازا ٿياسين؟‘ ڪجهہ اديبن جواب ۾ چيو تہ ’بلڪل اسين سنڌي ادب جي تعمير ڪئي آهي، سنڌي ادب جون ڀتيون، ڇت، ڏاڪڻيون سڀ ڪجهہ اسان ٺاهي تنهن کان پوءِ وڃي اسان آخر ۾ وهندڙ نالو ٺاهيو آهي؛ تنهن ڪري اسان سنڌي ادب جا تمام وڏا نالا آهيون

سنڌي ادب کي سڀني شين سان گڏ تمام وڏن نالن جي بہ ضرورت آهي؛ ڇو تہ سنڌي ادب کي ڪنهن هڪڙي نالي سان ڪوبہ فائدو نہ رسندو. جڏهن نالا ناليون گڏجي ڪم ڪندا تہ سنڌي ادب جو جيڪو بي ادبيءَ وارو گند آهي تنهن جي بہ ادبي نموني سان صفائي ٿيندي رهندي. نالو انتهائي اهم آهي، تنهن کان سواءِ ڪابہ ادبي اڳڀرائي ڪانہ ٿي سگهندي. هاڻ سڀني اديبن کي پنهنجي شهر جي ٽي.ايم.او کان سوال پڻ ڪرڻ گهرجي تہ جي نالو نہ هوندو تہ ...............؟!


Previous Post Next Post