بي حسيءَ جو الميو ـ زاھد ڏيپر

قبرستان ھر سماج ۾ احترام، خاموشي ۽ انسانيت جي آخري سفر جي علامت ھوندو آھي. اھو رستو جيڪو قبرستان ڏانھن وڃي ٿو، رڳو ھڪ عام رستو ناھي پر انسان جي آخري سفر جو رستو آھي، جتي زنده ماڻھو به ادب، احترام ۽ خاموشي سان ھلندا آھن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي يونين ڪائونسل ڪينچي جاگير تعلقو مورو جي ٽن ڳوٺن وڏپاڳيا ، ماڪو ڏيپر، صبڙ ڏيپر جي قبرستان ڏانھن ويندڙ رستي تي داد برانچ تي واقع پل گذريل ھڪ ڏھاڪي کان ڀڳل، ٽٽل ۽ انتهائي خطرناڪ حالت ۾ آھي، جتان جنازا وڏي مشڪل، تڪليف ۽ خطري سان گذاريا وڃن ٿا.

ھي صورتحال رڳو ھڪ تعميراتي مسئلو ناھي، پر ھڪ سماجي، اخلاقي ۽ انساني مسئلو بڻجي چڪي آھي. جڏهن ڪو ماڻهو وفات ڪري ٿو ته سندس جنازو احترام سان قبرستان تائين پهچائڻ وارثن، مائٽن عزيزن توڙي ھر انسان جي ذميواري ھوندي آھي، پر ڀڳل پل سبب جنازي کي کڻندڙ ماڻھو پاڻ به خطري ۾ پون ٿا، ۽ ميت جي بيحرمتي جو احساس به جنم وٺي ٿو. ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ويو آھي ته جنازو کڻندڙ ماڻھو ڊپ، پريشاني ۽ ڏکيائين سان پل پار ڪن ٿا، جيڪو انتهائي دردناڪ منظر ھوندو آھي.

چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني، عدم دلچسپي ھن مسئلي کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آھي. سالن کان ڳوٺاڻا ھن تڪليفده صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي ڀيرا گذارشون ڪيون ويون آهن واعدا به ڪيا ويا آهن، پر عملي قدم کڻڻ ۾ مڪمل ناڪامي نظر آئي آهي. عوام جن نمائندن کي ووٽ ڏئي چونڊيو، اھي رڳو اليڪشن جي ڏينهن تائين عوام سان گڏ هوندا آهن، ان کان پوءِ اهڙا بنيادي مسئلا سندن ترجيحن ۾ شامل ناهن رهندا.

ھي ڀڳل پل رڳو قبرستان جي رستي جو مسئلو ناھي، پر اھو حڪومتي نظام، مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگيءَ جو عڪس آھي. جتي انسان جي آخري سفر لاءِ به محفوظ رستو مهيا ناھي، اتي ترقي، خدمت ۽ عوامي ڀلائي جا دعويٰ رڳو لفظن تائين محدود ٿي وڃن ٿا.

ڳوٺاڻن لاءِ ھي صورتحال ذهني اذيت، سماجي تڪليف ۽ مستقل پريشاني جو سبب بڻجي چڪي آھي. هر فوتگيءَ تي ٻيهر ساڳيو درد، ساڳي تڪليف ۽ ساڳي بي وسي جو احساس تازو ٿي ويندو آھي. اھو مسئلو ڪنهن هڪ خاندان جو ناھي، پر ٽن ڳوٺن جي گڏيل تڪليف آھي.

ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته چونڊيل نمائندا ۽ لاڳاپيل کاتا فوري طور تي هن ڀڳل ٽٽل پل جي مرمت يا نئين پل جي تعمير لاءِ سنجيده قدم کڻن ۽ ڳوٺاڻن کي يقين ڏياريو وڃي ته انسان جي آخري سفر جي رستي کي محفوظ بڻائڻ به رياست ۽ نمائندن جي بنيادي ذميواري آھي.

آخر ۾ اھو چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته قومن جي سڃاڻپ سندن قبرستانن جي رستن مان به ٿيندي آھي. جيڪو سماج زنده ماڻهن لاءِ ته رستا ٺاهي ٿو پر مئلن جي عزت واري سفر لاءِ محفوظ رستو نٿو ٺاهي، اھو سماج پنهنجي اخلاقي قدرن ۾ به ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ڀڳل ٽٽل پل رڳو سيمينٽ ۽ سرن جو مسئلو ناھي، پر اھو اسان جي اجتماعي ضمير جو امتحان آھي.


Previous Post Next Post