يونيورسٽي پارڪ
جي ساوَن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويٺو، حُسن سان ٿيل آخري ملاقات جي اڌورن خوابن بابت سوچي
رهيو هئس. آسمان تي هلڪي ڳاڙھاڻ هئي، پنن مان هوا سرسر ڪندي مڌر آواز پيدا ڪري رهي
هئي، ۽ وڻن جي ٽارين تي پکين جي اڄاتل رستن تان اچ وڃ ھئي. ايتري ۾ اوچتو پويان ڪنهن
پٺيءَ تي زور سان مُڪ هنئي، ڄڻ ڪنهن ننڊ ۾ ستل کي اوچتو جاڳايو ھجي. ڪنڌ ورائي ڏٺم
ته هڪ شخص، منهنجي سامهون بيٺو هو. سندس ڪپڙا ڦاٽل، وارن ۾ مٽي ۽ چِيڙهه، چهرو ڄڻ تڪليفن
جو تصوير بڻيل هجي. هُو مشتاق هو. يونيورسٽيءَ جو پراڻو يار، جنهن يونيورسٽيءَ سان
ڪيترائي ڏينهن گذاريا هئا اڃان به گذاري رھيو ھو.
”مشتاق!“ مون
بي اختيار چيو. هو بنا ڪجهه ڳالھائڻ جي کلڻ لڳو، اهڙي کل، جيڪا درد جي کوهه مان نڪري،
ظاهر ۾ بي پرواهه لڳي ٿي. مون ھن کي هٿ کان وٺي ڀرسان پٽَ تي ويهاريو. سامهون هڪ نوجوان
جوڙو ويٺو هو، جيڪو حيرانگيءَ سان اسان ڏانهن ڏسي رهيو ھيو. مون انهن جي نظرن کي نظرانداز
ڪري مشتاق ڏانهن نهاريو، جيڪو هاڻ به ساڳي شدت سان کلي رهيو هو.
”چانهه پيار!
چانهه پيار!“ هو ورجائيندو رهيو، ڄڻ اها ئي زندگيءَ جي آخري فرمائش هجيس.
”چانهه ته ضرور
پياريندوسانءِ، پر هي جيڪو تنهنجي هٿ ۾ ڪتاب آهي، مون کي ڏي، مان پڙهان.“
منهنجي ڳالهه
تي هو ڄڻ اوچتو هڪ وڏو ڏاهو اديب بڻجي ويو. اکيون اجاري، هڪ گهڙي لاءِ آسمان ڏانهن
نهاري، پوءِ پٽ تان اٿي بي ترتيب جملن جي تقرير ڪندو، بي معنيٰ لفظن سان حالتن کان
بغاوت جو اظهار ڪندو، وڃڻ لڳو. مان پويان کيس سڏيندو رهيس، پر هو نه موٽيو. سندس پٺتي
ٿيندڙ قد، ان شام جي ڇانوَ ۾ گم ٿيندو ويو، ۽ پارڪ جي خاموشي وري اوتري ئي ڳري لڳڻ
لڳي، جيتري سندس اچڻ کان اڳ هئي. وقت سان گڏ مشتاق جو ورتاءُ به عجيب ٿي رھيو ھو، پر
ڪو به سندس ڪھاڻيءَ جي حقيقت کان واقف نه ٿي سگھيو ھو.
ڪيترن ئي ڏينهن
کان مشتاق جو ڪو پتو نه ھو. ڄڻ هو وقت جي ويرانيءَ ۾ لڪل ڪو گم ٿيل آواز ٿي ويو هجي.
هڪ شام، جڏهن
مان پنهنجي شعبي مان نڪري هاسٽل ڏانهن وڃي رهيو هئس، يونيورسٽيءَ جي پٺئين حصي مان
هڪ کنڊر نما ڪمري مان عجيب قسم جو آواز اچي رهيو هو، جڏهن ته ان ڪمري جي ڀتين تي زماني
جا زخم لڳل هئا، مون دروازي وٽ بيهي، نرميءَ سان اندر نهاريو. سامهون مشتاق هو، خالي
بينچن، ٽٽل درين ۽ ويران ڀتين جي وچ ۾ بيهي ليڪچر ڏئي رهيو هو. سندس چهري تي ايتري
سنجيدگي هئي، ڄڻ ڪنهن وڏي ڪلاس ۾ افساني تي ليڪچر ڏئي رهيو هجي. ڪجهه جملا، ايترا اونها
۽ فڪري، جو منهنجي مٿي مٿان پکين وانگر اُڏامي ويا، پر ڪي جملا منهنجي ذهن جي بند درين
سان ٽڪرائجندا ويا. انهن لفظن ۾ ڪو جادُو هو، جن سان ذهن ۾ ساز وڄي رھيا ھئا.
ايئن لڳو ڄڻ
سنڌي ادب جو ڪو وڏو پروفيسر منهنجي سامهون بيٺو هجي، جيڪو وقت، تنهائي، ۽ ادب جي ڳوڙهين
لهرن مان اڀري، علم جي شمع ٻاري رهيو هجي ۽ مان، هڪ
سادو شاگرد، سندس خاموش ٻڌندڙن مان هڪ هجان.
الائجي ڪيئن
اوچتو سندس نظر مون تي پئجي وئي! سخت آواز ۾ چيائين.
”هي وقت آهي
ڪلاس وٺڻ جو؟ اچ، منهنجي سامهون ويهه!“
مونکي ڄڻ منھنجي
ئي اندر ۾ ڪنھن ڌِڪو ڏنو ھجي. پاڻ سنڀالي ورتم، پر پوءِ به دل کي دلاسو ڏنم. ٽٽل ڪرسيءَ
ڏانهن وڌيم، ڪرسيءَ تي ويھڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳس ۽ مشتاق بي پرواهيءَ سان پنهنجن
انداز سان ليڪچر ڏيڻ ۾ گم رهيو.
هوا ۾ دز ۽
پراڻڻ ڪاغذن جي بوءِ شامل هئي. ڪنڊ ۾ پيل ڪتابن جا ڍير ڄڻ ڪي وساريل خوابن جا قبرستان
لڳا. مشتاق ا لفظ ڪمري جي هوائن ۾ وڪوڙجي رهيا هئا.
اوچتو هن جي
آواز ۾ تيزي آئي.
”هي سامهون ڪتاب
پيو آهي! کڻي وٺ، پڙهه... ۽ پڙھي مون کي واپس ڏجانءِ.“
ھي ساڳيو ڪتاب
ھيو جيڪو مون ھن کان پارڪ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.
مون ڏڪندڙ هٿن
سان ڪوشش ڪري ڪتاب کڻي پاڻ وٽ رکيو. ايتري ۾ هن جي چهري تي اهڙي مرڪ ظاهر ٿي، جيڪا
خاموشيءَ ۾ به ڪيترائي ڀوڳ، خواب، ۽ ويراڳ جا راز چپن تي آڻي ويٺي. اها مرڪ نه خوشيءَ
جي هئي، نه اداسيءَ جي، پر ڄڻ وقت جي سوزناڪ حقيقتن جي گواهي هئي.
مشتاق جيڪو
مون کي ڪتاب ڏنو سو ان جي ذاتي ڊائري ھئي، صرف ڊائريءَ جي ڪور تي ڪنھن ٻئي ڪتاب جو
ڪور ھيو، مان عجب مان ڊائريءَ کي کولي پڙهڻ لڳس. ڊائريءَ ۾ بنا ڪنھن تاريخ جي لکيل
ھو:
”اڄ مان ٻڌايان
ٿو، پوري سچائيءَ سان، بنا ڪنهن فلسفي، بنا ڪنهن شاعراڻي پردي جي!
ها، مان مشتاق
آهيان. مان انهن ڪتابن مان پڙهيو آھيان، جن کي حڪومتن ’خطرناڪ نظريا‘ چيو. مون انهن
خوابن بابت ڳالهايو، جن خوابن ۾ هر مزدور جو پيٽ ڀريل هو، هر نوجوان کي روزگار، ۽ هر
زبان کي عزت هئي. مان انهن شاگردن سان گڏ بيٺو ھيس، جن لاءِ علم صداقت هو، نه رڳو ڊگري
حاصل ڪرڻ جو وسيلو!
۽ پوءِ
هڪ ڏينهن.... مان گرفتار ٿيس. منهنجي اکين تي ڪپڙو ٻڌو ويو، هٿن ۾ زنجير، ۽ جسم تي
سوالن جا ڀالا. ”ڪير آهن تنھنجا ساٿي؟“، ”ڪٿي آهي توهان جي تنظيم جو اڳواڻ؟“، ”ڇو ٿو
لکين انقلابي نظم؟“ مان چُپ هئس—ڇاڪاڻ ته منهنجي اندر ۾ سوين نالا هئا، پر منهنجي زبان
تي رڳو خاموشي هئي...
پوءِ هو مون
تي چڙهي آيا... بجليءَ سان ڪرنٽ ڏيڻ لڳا، ڪُٽڻ لڳا، ننگي ڀتين سان منهن ٽڪرائڻ لڳا،
۽ مون کان منهنجو نالو پڇڻ لڳا، ڄڻ مان مشتاق نه، ھنن جي مھذب انساني جسمن لاءِ خطرناڪ
جراثيم ھجان، جنھن کي مارڻ بس فرض ھجين.
پوءِ مون راتين
جو سُمهڻ وساري ڇڏيو آهي. جڏهن بند اڱڻ ۾ مونکي ڌڪ لڳندا ھئا، تڏهن مان ڪتابن جا صفحا
ياد ڪندو هئس. من اندر نظم اُڀري ايندا هئا:
دل سان ڳالهيون
ڪندي چوندو ھيس؛
”جيڪڏهن لفظ
بغاوت آهن، ته مان هر لفظ مان جُدا ٿيندس،
پر بغاوت نه
ڇڏيندس.“
پر جسم ٽُٽندو
ويو،
هڏ هڏ سان وڙهي،
پاڻ سان اجنبي ٿيندو ويو.
هر زخم، هر
ساهه،
ڄڻ ڪا نئين سزا هئي...
پر اصل ڀڃ ڊاهه
ته اندر ۾ ھئي.
ذهن؟
ذهن ته ڄڻ ڪنهن
وساريل بند ڪمري ۾ گم ٿي ويو،
جتي نه آواز،
نه روشني، نه واٽ،
صرف اونداهي،
۽ ان
اونداهيءَ ۾ مان آهستي آهستي پاڻ کي وساريندو ويس.
هڪ ڏينهن آيو،
مان پنهنجي ئي نالي کان بيگانو ٿي ويس.
جسم ته بس زندهه
ئي هو،
پر ذهن....
ذهن ته هزارين ڀيرا مري چڪو هو...
پوءِ اوچتو
مونکي آزاد ڪيو ويو - ان لاءِ نه جو مان معاف ٿيس، پر ان لاءِ جو مان هاڻ ھنن لاءِ
ڪو خطرو نه هئس. مان ”چريو“ قرار ڏنو ويس. ڊاڪٽرن چيو؛ ”صدمي سبب ذھني مريض“ ٿي ويو
آھي -
پر مان ڄاڻان
ٿو، مان لفظن جو زخمي سپاهي. مان واپس يونيورسٽي آيس. پر هاڻ نه پڙهڻ، نه لکڻ جي سگهه
آھي.
مان ليڪچر هال
۾ اڪيلو ويهي، خالي ڪرسيءَ سان ڳالهايان ٿو. مان ”ڪلاس وٺندو آهيان“ پر نه شاگرد هوندا
آهن، نه ڪو استاد. ڇو ته مان هاڻ چريو مشتاق آهيان، جنهن کي سڀ وساري ويٺا آهن - سواءِ
انهن ديوارن جي، جن تي مون ڪڏهن انسان جي آزاديءَ جا نعرا لکيا هئا. نه فقط ايترو پر
آھستي آھستي مان پاڻ به پنھنجو پاڻ کي وساري رھيو آھيان.“ ....
ڏڪندڙ ھٿن سان
مون ڊائريءَ جي آخري حصي کي پڙھيو، جنھن ۾ لکيل ھو:
”جيڪڏهن ڪو منهنجي
ڊائري پڙهي، ته ياد رکي - مان چريو نه آهيان. مان صرف انھن جي جبر جو نتيجو آهيان.
مونکي قيد ڪيو ويو، پر منهنجي سوچ آزاد هئي. مونکي خاموش ڪيو ويو، پر منهنجا لفظ هاڻ
اوهان جي هٿن ۾ آهن، مونکي يقين آھي ته ڪو ٻيو ھنن لفظن ۽ سوچ جي رسيءَ جو سھارو وٺي
ضرور اڳتي وڌندو.“
مون ڊائري بند
ڪري مشتاق کي ڏيڻ بدران پنھنجي ئي ٿيلھي ۾ رکي ڇڏي. منهنجو سڄو جسم ڄڻ سُن ٿي ويو،
هڪ عجيب ڇرڪ، هڪ بيچيني، رڳ رڳ ۾ پکڙجي وئي. ڄڻ لفظ صرف ڪاغذ تي نه، پر منهنجي چمڙيءَ
تي لکجي ويا هجن، جن مان هر هڪ پنهنجي جاءِ تي ڪو زخم کولي ويٺو هجي.
مشتاق هاڻ يونيورسٽيءَ
جي لانن ۾ گم ٿيل پکين جي پٺيان گھمي ٿو. ڪڏهن هو چانهه گهرندو آهي، ڪڏهن هڪڙو اڻپورو
ليڪچر ڏيڻ لڳندو آهي. پر مان ڄاڻان ٿو، هو چريو نه آھي- هو فقط زندهه تاريخ آهي، جنھن
جو تسلسل اڃان باقي آ...

