سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور،
ڪئنال سمورا نامنظور.
سنڌ، سنڌي قوم جي مفادن ۽ سندن جياپي جي تاريخي سڃاڻ سنڌو
درياءَ تي حملو ڪا نئين ڳالھ ته ناهي، پر ان معاملي کي ھر ڀيري ڪنهن نئين نالي، قومي مفاد، نون
بھانن سان پيش ڪرڻ، سنڌ خلاف ساڳي
پراڻي سازش ئي هوندي آهي. سنڌو
درياءَ جيڪو رڳو ھڪ وهندڙ پاڻيءَ جي ڪنهن ذريعي بجاءِم سنڌ
۽ سنڌ واسين جي قومي سڃاڻپ، سندن تاريخ، تهذيب سان گڏ، زراعت
۽ زندگيءَ جي جياپي جي ضمانت مثل آھي. جنهن سنڌوءَ
جو ھڪ ھڪ ڦڙو ھن ڌرتيءَ جي واسين جي ساھ سان جڙيل آھي. اھڙي
حساس صورتحال ۾، وزير اعظم پاران ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس (CCI) جو اجلاس سڏائڻ ۽ سنڌو
درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جي
ڳالھ، سنڌ جي عوام ۾ سخت ڳڻتي ۽ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آھي. ھاڻ
جڏهن وزيراعظم سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال
ڪڍڻ بابت CCI جو اجلاس سڏائي ورتو آهي ته سنڌ جي عوام لاءِ اھو سمجهڻ ڏکيو
ناهي ته ھي گڏجاڻي گڏيل مفادن لاءِ نه، پر
سنڌ جي پاڻيءَ تي ٻيھر ڌاڙو هڻڻ جي تياري آهي. تاريخ
شاھد آھي ته سنڌ سدائين پاڻي جي معاملي ۾ ناانصافي جو شڪار رھي آھي.
پاڻيءَ جي قومي
پاليسي ۽ صوبن جي معاھدي باوجود، عملي طور تي
ان تي عمل نه ٿيڻ سنڌ لاءِ مستقل مسئلو بڻيل آھي. اپ
اسٽريم صوبن طرفان بار بار وڌيڪ پاڻي کڻڻ، غيرقانوني
ڍانچا ۽ ھاڻ وري ھر ڪجھ مھينن کانپوءِ
نوان
ڪئنال ٺاھڻ جون تجويزون، ان خدشي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون ته سنڌ جي حصي جو
شايد پاڻي ٻيھر قربان ڪيو ويندو. سنڌ جيڪا اڳ
ئي پاڻيءَ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رھي آھي. ڪوٽڙي
بئراج کان ھيٺ سنڌو درياءَ جو سڪڻ، ڊيلٽا جي تباهي، سمنڊ جو اڳتي وڌي لکين ايڪڙ ٻني کي تباھ ڪرڻ، لکين ايڪڙ زرعي زمين جو کارو ٿيڻ ۽ ماهيگيرن جو
روزگار ختم ٿيڻ، ھي سڀ ان پاڻي پاليسيءَ
تي عمل نه ڪرڻ جا ئي نتيجا آھن. جنهن
تحت وڏي ڀاءُ جو نالو ڏئي سدائين
پنجاب کي ئي فائدو رسايو ويو آهي. اھڙي
مفادي عملن کانپوءِ سوال اھو پڻ
آھي ته ڇا CCIصوبن جي گڏيل
مفادن جي تحفظ لاءِ آھي يا وري ڪنهن
آئيني ڍڪ ذريعي اڪيلي پنجاب صوبي کي ئي
فائدي پھچائڻ
جو ادارو؟
ڇا ھڪ ڀيرو
ٻيھر ان جي پٺ ۾ سنڌ سان ٻيھر ناانصافي ڪئي ويندي؟
جيڪڏهن اڳواٽ
اھڙا فيصلا ٿي چڪا ھوندا آھن ته پوءِ رسمي ادارن
۽ اجلاسن جو ڪھڙو فائدو؟ يا
ان سڀ کانپوءِ وفاقيت، صوبائي خودمختياري
۽ آئين جي ڪھڙي حيثيت...؟
سنڌو درياءَ
تي سنڌ جو ئي تاريخي، قانوني ۽ اخلاقي حق آھي ته پوءِ سنڌ جي اعتراضن کي رسمي ڇو ٿو سمجھيو وڃي..؟؟
سنڌو ڊيلٽا
۽ ماحولياتي ضرورتن کي قومي ترجيح ڇو نٿو سمجهيو وڃي..؟؟
انهن سڀني ڳالھين
تي سختي سان ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ان جي ابتڙ جيڪڏهن ھن ڀيري به سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو
ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته ھي معاملو
رڳو ھڪ سياسي تڪرار نه رهندو, پر ھڪ قومي بحران بڻجي ويندو.

