Thursday, August 28, 2014

فيسبڪي شاعر ـ ڪھاڻي ـ ھدايت ڏيپر

مشھور شاعر گل خان گولائي سرڪاري اسپتال جي روڊ سان پنهنجي خيالن ۾ گم آيو پئي ته هڪ بيٺل گڏھ گاڏي سان وڃي ٽڪرايو .سندس وڊڪا شاعري جا نشائي ٽٽي پيس.پاڻ سنڀالي اٿي اڳتي هليو ته سرڪاري اسپتال جي ايمرجنسي حال ٻاهران شاعر لالا ڪاڪروچ .ماهر بڪواز.مريد چوچڙي .طوطو توائي. واڱڻ لل جن تي نظر پيس ته همراه پريشان ٿي ويو.ادا ڏيو خبرخير ته آھي سموسن هاڻا چپ ٻانهن سان اگهندي پڇيائين؟ادا خير وري ڪهڙو ؛ماهر بڪواز ٽچ موبائيل تي ڪجھ لکندي ڳالهايو.ڇو گولائي توکي خبر ناهي ڇا؟مريد چوچڙي پڇيس.نه ڀاء ادا گولائي واڱڻ لل ڳالهايو فيسبڪ جو مايا ناز فاء فعو جو فني نقاد ۽ شاعر جنهن جي شاعري مان ڪانوٗ جي رنگ جهڙي رنگت اٺ جي اوڳاڇ .رڍ جي ڏاس جهڙي خوشبو ايندي آھي.جيڪو هر پوسٽ تي 10فوٽن کان 15فوٽن جا ڪمينٽس لکندو آھي.

جناب اجرڪ پوتڙي جي طبيعت صحيح ناهي .پر ٿيو ڇا اٿس ؟ گولائي حيرت مان پڇيو.ادا گولائي ڳالھ نه پڇ.لالا ڪاڪروچ چيو جڏهن کان حڪومت فيسبڪ بند ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آھي.تڏھن کان هي اسان جو سدا بهار شاعر بيڊ تي بيهوش پيل شاعر اجرڪ پوتڙي ڏي اشارو ڪندي .چيائين انهن ڏينهن کان ذھني ٽينشن ۾ هو.اڄ چرين وانگي دانهون ڪندي فيسبڪ بند نه ڪيو فيسبڪ بند نه ڪيو نه ته مان مري ويندس .اوچتو رڙيون ڪندي ڪندي بيهوش ٿي ويو.