ٻه ڏينهن اڳ عوامي آواز سٿ جي اٿي ۽ سنڌ جو بهادر
صحافي نصرالله گڏاڻي تي قاتلاڻو حملو ڪري شهيد ڪيو ويو جيڪو زخمن جا تاب نه سهندي
اڄ صبح ويل وڃي مالڪ حقيقي سان پاڻ ته مليو پر سنڌ سميت پوري ملڪ جي هزارين صحافين
کي سوڳوار بڻائي پنهنجي وني کي بيواه، جيجل امڙ پي ڀائرن کي بي سهارا ۽ پنهنجي
معصوم ٻارن کي يتيم بڻائي سنڌ کان موڪلائي ويو نصرالله گڏاڻي جي شھادت سنڌ سرڪار
جي ناقص نظام تي هڪ اهڙو ڪارو داڳ لڳايو آهي جيڪو ڪنهن آبزم زم سان به نٿو ڌوپجي
سگهي خير موت ته برحق آهي شھيد نصرالله گڏاڻي سنڌ جي ظالم سرداري نظام کي
للڪاريندي مهاڏو اٽڪايو پر آڻ نه مڃي عالمي ليول جي صحافي تنظيمن لاء هڪ پيغام
ڇڏيو آهي ته صحافين سان تعزيت نه پر ظالمن کي طاقت ڏيکارڻ جو وقت آهي پوء موت ڇو
نه اچي وڃي هن وقت اتر سنڌ جي صحافين کي محدود رکڻ لاء جهڙي نموني باه ٻاري وئي آهي اها انتهائي
خطرناڪ موڙ تي اچي بيٺي آهي جيڪا رت جي راند هاڻي ايتري قدرخطرناڪ ٿيندي پئي وڃي
جو انجو خاتمو ٿيڻَ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ۽ ان ۾ اتر سنڌ ھن وقت تعليم يافته
ماڻھن ۽ صحافين لاء ڄڻ وانا وزيرستان بڻجي وئي آهي جنهن کي ذاتي مفادن خاطر گولين
جو کاڄ بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ ڪيترن ئي تعليم يافته ماڻھن توڙي صحافين کي جانين جو
نذرانو ڏيڻو پيو آهي پر افسوس جو ڪنهن به صحافي جي ناحق خون واري ڪيس ۾ ملوث ڪو
جوابدار ڪيفر ڪردار پهتو هجي
وڏي گهري سازش تحت سنڌ ۾ صحافين جي آواز کي دٻائڻ لاء هڪ بهادر ورڪنگ جرنلسٽ جاکوڙي صحافي نصرالله گڏاڻي کي سرعام گولين جو کاڄ بڻايو ويو۽ باقي صحافين ۾ هڪ خوف جي لهر پکيڙڻَ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ان کان پهرين به سنڌ صحافين لاء ٻرندي رهي ڪيترائي صحافي گولين جو کاڄ بڻائي شھيد ڪيا ويا آهن هن وقت نصرالله گڏاڻي جي شهادت سنڌ تي سڪتو طاري ڪري ڇڏيو هر اک آلي ۽ ڀنل آهي جيڪا هن معاشري لاء انتهائي خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي لهر تصور ٿي وئي آهي بهادر صحافي نصرالله گڏاڻي جي شھادت سان هزارين مظلوم مسڪين ماڻھن جو قتل ٿيو آهي جڏھن هڪ صحافي هزارين ماڻھن جو ڀرجهلو ۽ آواز بڻجي ٿو ته انجو قتل هزارين
ماڻھن جو قتل محسوس ٿئي ٿو ۽ نصرالله گڏاڻي جو قتل تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي مطلب ته اسين ملڪ کي آزاد ته آزاد سمجهون ٿا پر هتي هر اهو ماڻھون خوفزده آهي ۽ جيئڻ جو حق انهن کي آهي جيڪي ظلم ڏاڍ جي غلامي ڪنٿا ۽ غريب مظلوم کي هروقت پنهنجي عزت پائمال ٿيڻَ سميت موت جو ڊپ رهي ٿو هتي جيڪوصحافي قلم وسيلي هن قوم جو محافظ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو انکي راه تان هٽائڻ لاء ڪيترائي هٿڪنڊا استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ سنڌ جو اتر سنڌ علائقو صحافين لاء وانا وزيرستان بڻجي ويو آهي، غريب مسڪين مظلوم ماڻھن لاء نوگو ايريا بڻجي ويو آهي جتي صحافت ڪرڻَ سمجھ زندگي تان هٿ کڻڻ جي مترادف لڳي ٿو ڏاڍ ظلم جي ڪاري رات قائم ڪري قانون ۽ انصاف کي ايترو ته ڪمزور ڪيو ويو آهي جو ڪنهن به قلم ڌڻي جي جان محفوظ ناهي سنڌ ۾ صحافين جو وڏو وير سنڌ جي سرداري نظام سان آهي ۽ سرداري نظام کي سرڪاري مشينري جي حمايت حاصل آهي سردار ۽ سرڪاري ٻئي صحافي دشمن پليٽ فارم تي گڏ آهن اهي هن وقت بلڪل گردش ۾ آهن جنهن ذريعي غريب عوام سان ظلم ۽ ويڌن وڌندو پيو وڃي ۽ صحافي نٿو چاهي ته ڪو مسڪين ڪنهن ظالم جي ظلم جو شڪار ٿئي سنڌ ۾ هن وقت صحافي، سردار ۽ سرڪار آمهون سامهون آهن اهو بلڪل سچ آهي ته ظالم ته فنا ٿيڻو آهي پر ظلم تاقيامت رهڻو آ سو هي راند هن وقت خطرناڪ موڙ تي اچي بيٺي آهي جنهن جو پهريون نشانو صحافي بڻجي ويا آهن اتر سنڌ ۾ صحافي دشمن پکڙيل هن رت جي راند بند ڪرڻ لاء قانون کي فوري طور قدم کڻڻ گهرجي اتر سنڌَ ۾ جيڪا رت جي راند شروع ٿي وئي آهي انجو اهم سبب اهو ئي آهي ته اتي سرداري نظام نافذ ڪيو ويو آهي جنهن جو ڀوائتو اثر سڄي معاشري مٿان حاوي ۽ مسلط ٿي ويو آهي پر اسانجي حڪومت قانون انصاف جي هٿن ۾ اهڙيون ته هٿڪڙيون لڳي چُڪيون آهن جو ڪرسين تي ويٺل ان قانون ۽ انصاف جو قلم صرف غريب مسڪين ماڻھن مٿان وهايو ٿو وڃي انهن جو اهو قلم ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف لکڻ نٿو چاهي.
سنڌَ ۾ هن وقت جيڪا لاقانونيت قائم ٿي چُڪي آهي ان ۾ غريب جو سهارو صرف صحافي بڻيل آهن جيڪي سرڪار جي ظلم ڏاڍ خلاف سينو سانهيو بيٺا آهن انهن کي ڪابه پرواه ڪانهي ته ڪنهن مسڪين ۽ مظلوم جي آواز بڻجڻَ تي جان جوکي ۾ وڃي سگهي ٿي جيڪڏھن سرڪار صحافين جو تحفظ ڪرڻ نٿي چاهي ۽ اهو ان ڪري ته سرڪار جي ناقص ۽ عوام دشمن پاليسين تان صحافين ته هروقت پردو پئي کنيو, ۽ سنڌ سرڪار هن وقت سرداري نظام جي قبضي ۾ اچي چُڪي آهي , سردارن پنهنجي علائقن جي غريب عوام مٿان پنهنجا قانون ۽ فيصلا مڙهي ڇڏيا آهن ۽ ايتري تائين جو نٿا چاهين ته هنن جي قبيلن جا ماڻھون تعليم, يافته پڙھيل لکيل هجن ۽ سردارن جي اهڙن فيصلن جا به صحافي مخالف بڻيل آھن سو مقصد جي ڳالھ اها آهي ته جيڪڏھن هن معاشري ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ انهن کي هٿ ڏيندڙ هٿن جو هڪ صحافي ئي مخالف بڻيل آهي ۽ ڏوه کي اڄ ڪلھ وڏي عزت ۽ تعظيم ڏني وڃي پئي افسوس زده ڳالھ اها ٿي سگهجي ٿي آخر صحافين کي هن معاشري جو حقيقي دشمن ڇو ٿو سمجهيو وڃي ڇو جو هو عوام مٿان ظلمن کي وائکو ڪري ٿو هن وقت سنڌ ۾ اتر سنڌَ به صحافتي پيشي لاء ايترو ته خطرناڪ بڻجي وئي آهي جتي هر ڏينهن صحافين جي زندگين لاء خطرناڪ قرار بڻيل رهي ٿو اندازو لڳائي ڏسجي ته اتر سنڌَ ۾ جيڪي به صحافي شهيد ٿيا آهن انهن جو ڏوه صرف ظالمن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ آهي افسوس جو هن وقت تائين ڪنهن به قلم ڌڻي جي ناحق خون سان عدالتي سطح کان انصاف ناهي ٿيو ائين انهن جا خون رائيگان ٿي ويا صحافي تنظيمن جي ذميواري آهي ته هو صحافين سان ٿيندڙ ظلم.تي عالمي سطح تائين اهڙو پليٽ فارم جوڙين جنهن تان هو قانوني طريقي سان ڪيس وڙھي صحافين سان ٿيندڙ ظلمن کي بينقاب ڪري سگهن جيئن ايندڙ وقت ۾ نصرالله گڏاڻي جهڙا بي باڪ ۽ بهادر صحافي سنڌَ ۾ ظالم ۽ وحشي نظام جو شڪار ته بڻجڻ کان بچي پون.
No comments:
Post a Comment