Friday, May 24, 2024

صحافي نصرالله گڏاڻي جي شھادت، وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي نظام ۾ اظھار جو قتل | هلچل ايڊيٽوريل

موقف سان اختلاف رکڻ ھر ڪنھن جو بنيادي ۽ اخلاقي حق ھوندو آھي، پر ان تي ڪنھن کان زندگي کسڻ کي وحشي پڻي کانسواءِ ٻيو ڪو به نالو نٿو ڏئي سگھجي، سنڌ جا صحافي ڊگھي وقت کان اھڙي ئي ماحول ۾ صحافت ڪري رھيا آھن،جتي معمولي کان معمولي ڳالھ تان کين خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻا پوندا آھن، جيتوڻيڪ حق سچ جي واٽ تي ھلڻ ھر ھنڌ ڏکيو آھي، پر وڏن شھرن جي ڀيٽ ۾ ننڍن شھرن ۾ صحافت ڪرڻ وڌيڪ مشڪل آھي،اھو به انھن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي ڀوتارڪي، جاگيرداراڻي ۽ سرداري نطام جي ڪوڙڪي ۾ سخت نموني جڪڙيل آھن، جتي جيڪڏھن ڪنھن لاءِ شڪايت ٿئي ٿي ته وڏيري يا ڀوتار جو منشي فون ڪري سردار جي درٻار ۾ حاضري ڀرڻ لاءِ حڪم ڏئي ٿو، اُھو منشي جنھن جو تر ۾ ايس ايس پي کان به وڌيڪ داٻو ھوندو آھي، مجال آھي جو سندس ڳالھ ڪو ٽارڻ جي ڪوشش ڪري، ان بعد پوليس جو ڪردار ڪھڙو ٿو بچي؟ ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو نٿو رھي، صحافي نصرالله گڏاڻي به اھڙي ئي ڀوتارڪي ماحول ۾ موجود رھندي، لکندي ۽ ڳالھائندي شھادت ماڻي آھي.

ھوئين ته ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ھر ضلعو با اثرن کي نسل در نسل تحفي ۾ ڏنل آھي، پر پاڻ ھن مھل ضلعي گھوٽڪي تي ڳالھائنداسين، جتي ٻين ضلعن جيان وڏيرا، جاگيردار، مير، پير ۽ ڀوتار اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آھن، جتان جا سردار پنھنجي بردارين کي ھيٺ ۽ پاڻ کي مٿي ويھاري اتم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، ٻيو ته ٺھيو جيڪڏھن ڪنھن غريب غربي سان عذرخواھي ڪن ٿا ته تڏھن به ڪرسي تي ويھي طبقاتي فرق محسوس ڪرائندا آھن،اھو به انھيءَ ضلعي کي اعزاز حاصل آھي ته ڀوتارن جا ُجوتا لاھڻ لاءِ پڻ نوڪر رکيل آھن، ٻئي ھنڌ به ائين ھوندو پر ھن ضلعي ۾ اھڙا سرڪاري ماستر وڌيڪ ملندا، جيڪي اسڪولن بدران سردارن وٽ ڊيوٽي ڪن ٿا، ايستائين جو سٿڻ ۾ اڳٺ وجھڻ وارا به ڪنھن دور ۾ ماستر ۽ ٻيا ننڍي رينڪ وارا ملازم ھوندا ھئا، جاچ ڪرڻ سان خبر پوندي ته اھو ماضي جو اھو تسلسل اڃا به برقرار ھوندو، ڪو اندازو لڳائي ته اھڙي ضلعي يا علائقي ۾ صحافت ڪرڻ، سڌو يا چٽو ڳالھائڻ ڪيترو ڏکيو ھوندو؟ ڪو ڀلا اھو ڪيئن ٿو وساري سگھي ته ھڪ سرڪاري ماستر جڏھن سردار جي پٽ جي وانگاري ڊيوٽي کان تنگ ٿي ڀڳو ته سندس واٺن ان جو ڪھڙو حشر ڪيو ھو؟ انھن سمورين ڏاڍائين باوجود جيڪڏھن ڪو ان نظام خلاف اٿي ۽ ڳالھائي ته اھا سڌن لفظن ۾ چريا ئپ چئبي، جيڪا نصرالله گڏاڻي سينو تاڻي ڪري رھيو ھو، کيس خبر ھئي ته ان جو نتيجو ڪھڙو نڪرندو ان باوجود به ھن “ڀوتار ماءَ فٽ“ جو نعرو ھنيو، ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته شاھنواز جوڻيجي جھڙا شاندار وڏيرا ۽ سردار به سنڌ ۾ رھيا، پر بدقسمتي سان ھن وقت اھڙن ڪردارن جي کوٽ آَھي، جنھن ڪري ئي شايد سنڌ ڀوڳي رھي آھي.؟

نصرالله گڏاڻي جي شھادت تي ھن وقت نه رڳو سندس شھزادن جھڙا چار پٽ، بيواھ ۽ صحافي نه پر ھر فرد سوڳوار آھي، خاص طور اُھي ماڻھو پاڻ کي اڪيلا محسوس ڪندا ھوندا، جيڪي وڏيرن ۽ سردارن خلاف ڳالھائي ته نه سگھندا ھئا پر نصرالله گڏاڻي سندن آواز بڻيل ھو، اھو سندن سھارو ھو ۽ اھو ئي سندن مزاحمت وارو مورچو ھو، جتي بيھي اھي پاڻ کي محفوظ تصور ڪندا ھئا، پر کائن اھو به کسيو ويو آھي، بلڪل ائين جيئن.عزيز ميمڻ، اجئه لالواڻي ۽ جان محمد مهر کي سدائين لاءِ چپ ڪرايو ويو، اِھي ته ڪجھ نالا آھن نه ته سنڌ جي شھيد صحافين جي لسٽ ڊگھي آھي.

اسان سمجھون ٿا ته نصرالله گڏاڻي جو قتل اظھار جو قتل آھي،ڇاڪاڻ ته ڪنھن کي پنھنجي راءِ ڏيڻ ۽ سسٽم خلاف بغاوت جي سزا ايتري ناھي ڏبي، ھو تلخ ڳالھيون ڪندو ھو، جنھن ۾ سندس قومپرست سوچ جو عمل دخل ھوندو، ڇاڪاڻ ته اھڙي سوچ رکندڙ انتھائي جذباتي انداز ۾ اظھار ڪندا آھن، شايد ان ڪري سندس مزاحمتي ٻولي ڪنھن کي نه وڻي ھجي؟ پر اھو طئي آھي ته اھو سنڌ جي ھڪ پٽ جو قتل آھي، جنھن ۾ ملوث ڪردارن کي گرفتار ٿيڻ گھرجي، ھتي صحافتي تنظيمن کي ڪا به اپيل نه ڪبي، ڇاڪاڻ ته انھن جو ان واقعي وقت ڪردار ساراھ جوڳو نه رھيو، افسوس ٿيو ته قتل بعد سنڌ جي ڪنھن به وڏي شھر جي ڪلب ۽ صحافي تنظيم جو صحافين جي لاڳيتي قتلام بابت ڪو ھنگامي اجلاس نه ٿيو؟ نه وري شھيد جي ضلعي جي صحافين ڪو احتجاج ڪيو، سنڌ حڪومت کي اپيل ڪنداسين ته انھن ڀوتارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، جيڪي نصرالله جي قتل ۾ ملوث آھن ، ھاڻ جان محمد مھر جي قاتلن واري معاملي جيان بھانا نه ھلندا.

No comments:

Post a Comment