8 مئي
تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين ۾ ويٺل ڪجهه سنڌي شاگردن مٿان هڪ دهشتگرد گروهه
حملو ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو آهي. سنڌي شاگردن ۾ هڪ بهادر نياڻي به شامل هئي،
جنهن انهن دهشتگردن کي بهادريءَ سان منهن ڏيندي پنهنجن ساٿين کي به بچايو ۽ پوليس
کي ايف آءِ آر ڪٽڻ تي به مجبور ڪيو.
سندس (نياڻيءَ) جو چوڻ
آهي ته هوءَ ۽ سندس ڪلاس فيلوز گڏجي صوفي ڪينٽين تي ماني کائي رهيا هئا، ايتري ۾
ڪجهه ڇوڪرا سندن ويجهو آيا جن جي هٿن ۾ لٺيون به هيون ته لوهي شيخون به هيون ۽ هڪ
ڄڻي وٽ ور ۾ پستول لڳل هو، جنهن رڙ ڪري ٻين کان پڇيو ته ڪنهن کي مارڻو آهي. انهن
سنڌي نوجوان کان سندس سياسي وابستگيءَ بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي هن چيو ته هو غير
جانبدار شاگرد آهي. جنهن کانپوءِ کيس موبائل فون ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو، هن موبائل
فون ڪڍيو ئي هو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ پستول هئي ان سنڌي نوجوانن جي پيرن ۾ فائر ڪرڻ
شروع ڪيا. ان ڇوڪريءَ جي چوڻ موجب هن اٿي پنهنجي ساٿيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته
ٻنهي کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان کانپوءِ BSF جي شاگردن اچي سندن مدد ڪئي. جيڪڏهن اهي وقت تي نه پهچن ها ته شايد انهن
نوجوانن کي اتي ئي ماري قتل ڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي
ها. انهن فائر ڪيل گولين جي خالي خولن کي يونيورسٽيءَ جي سيڪيورٽيءَ جي ماڻهن جمع
ڪيو. جڏهن ته رينجرز اڌ ڪلاڪ کانپوءِ پهتي ۽ اچڻ شرط متاثر شاگردن کي بيان رڪارڊ
ڪرائڻ جو چيو ۽ جنهن نوجوان تي حملو ٿيو هو ان کي ڳلي مان پڪڙي گاڏيءَ ۾ ڌڪي
ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شاباس آهي اسان جي سنڌ جي بهادر ۽ پڙهيل لکيل نياڻيءَ کي
جنهن رينجرز جي شيطاني پلان کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ رينجرز جي گاڏيءَ ۾
ويهي رهي جنهن تي کين خوف ٿيو ته هڪ نياڻيءَ جي ان طرح سان گاڏيءَ ۾ ويهڻ تي
معاملو وڌي سگهي ٿو. هنن انهن ٻنهي شاگردن کي اتي ئي لاهي ڇڏيو. ظلم جي انتها آهي
ته جن شاگردن تي حملو ٿيو آهي رينجرز انهن جي مدد ڪرڻ بدران کين خوفزده ڪندي رهي
آهي. شايد رينجرز جي اهلڪارن کان اها ڳالهه هر هر وسري ٿي وڃي ته انهن کي سنڌ
ڌرتيءَ تي سنڌ جي امن امان واري صورتحال کي بحال ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي ٽيڪسن مان
هڪ ڊگهي عرصي کان اضافي گرانٽ ڏيئي رکيو ويو آهي ته جيئن دهشتگردن جي خاتمي لاءِ
سنڌ پوليس سان گڏجي ڪم ڪري، پر حقيقت اها آهي ته رينجرز جي اهلڪارن ڪنهن به ريت
سنڌ جي امن امان کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو، بلڪه معصومن جون جانيون
ورتيون آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ايم ڪيو ايم اڃان تائين ان پراڻي پُرتشدد
سياست تي يقين ٿي رکي ۽ ان کي تبديل ٿيندڙ وقت جو ادراڪ ناهي رهيو ته هن وقت سنڌ
جو نوجوان نه صرف ڇوڪرو، پر ڇوڪري به تعليم پرائي رهي آهي، سندن نظر نه صرف مقامي
سياست تي، پر ملڪي، علائقائي ۽ بين الاقوامي سياست تي به آهي ۽ کين اهو به شعور
حاصل ٿي چڪو آهي ته اهڙين دهشتگرد سياسي جماعتن جي پٺيان ڪير بيٺل هوندو آهي.
سنڌ حڪومت کي به ان طرف
ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سنڌ جي ماڻهن سان 76 سالن کان ٿيندڙ ظلم اڃان تائين ڇو جاري
آهن؟ ڇا هنن ڪنهن ٻي قوم جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو آهي يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي گاديءَ جي
هنڌ ۾ ٿا رهن جو کين ايئن خوفزده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت کي ان معاملي
جي شفاف انڪوائري جو حڪم ڏيڻ گهرجي ۽ سنڌ پوليس کي ان دهشتگرد گروهه جي ڪارندن کي
هڪدم پڪڙي قانون جي اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي ۽ عدليه کي انهن دهشتگردن کي سخت سزا ڏيڻ
گهرجي. اميد آهي ته سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ وڪيل تنظيمون ان واقعي جو نوٽيس
وٺنديون ۽ ان معاملي کي معمولي سمجهي نظر انداز نه ڪنديون. اسان ماضيءَ ۾ به ايئن
گڏجي هڪٻئي جي مدد ۽ واهر ڪئي آهي. اسان جو دشمن اسان جي نوجوان نسل جي تعليم تي
وار ڪرڻ ٿو چاهي. ڇو ته کيس تعليم يافته سنڌي نوجوان کان خطرو محسوس ٿي رهيو آهي.
هن آرٽيڪل جي ذريعي مان
ان نوجوان ناريءَ کي سندس بهادريءَ تي ڀيٽا پيش ٿي ڪريان جيڪا سسئي وانگر ڏونگر
سان وڙهي پئي ۽ آخرڪار دهشتگردن خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائڻ ۾ ڪامياب ٿي.
سنڌ جي هر پيءُ کي وينتي آهي ته پنهنجين ڌيئرن کي
تعليم جي زيور سان سنگاريو ته جيئن اهي سنڌ جي دشمن سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائي
سگهن، پنهنجي حق کان واقف ٿين ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي گل و گلزار ڪرڻ ۾ پنهنجن پيئرن،
ڀائرن، پٽن ۽ وَرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي سگهن.
No comments:
Post a Comment