ٺاھ جي شق نمبر 2 ۾ سنڌو ۽ معاون درياھن ۾ سالياني پاڻي جو
ڪاٿو 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ (ايم اي ايف ) ساليانو لڳايو ويو، جڏھن تہ ان منجھان
114.35 ايم اي ايف پاڻي کي چئني صوبن ۾ ورھايل ڏيکاريو ويو آھي، ان فرض ڪري ورتل
رقم جي پاڻي جا انگ اکر 82-1977ع جي سالياني ملڪي وھڪرن مان ورتل آھن، پر جڏھن
حقيقتي طرح 82-1977ع جي سالياني وھڪرن جي ريڪارڊ کي ڏسجي ٿو تہ ان وقت پاڻي جي
دستيابي فقط 105.23 اي ايم ايف ھئي، جڏھن تہ ٺاھ جي شق ان پاڻي کي وڌائڻ جي ڪا
وضاحت نہ ٿو ڏئي، پر قانوني معاهدي جي حساب سان ان کي سڀني ڌرين جي نئين سر وڌايل
حصي ۾ ڏسڻ ئي گھرجي.
Photo Credit: worldwildlife.org |
ان وقت جي ان حقيقي سالياني پاڻي ۾ حصي پتي جي حساب سان پنجاب
جي استعمال ھيٺ حصي ۾ 55.94، سنڌ 43.53، سرحد-خيبرپختونخوا 5.55، بلوچستان 1.63 اي
ايم ايف پاڻي شامل ھو، پر ان پاڻي کي 1991ع جي ٺاھ جي شق نمبر 2 ۾ نئين سر وڌائي
سالياني پاڻي کڻت جي حصي طور پنجاب کي 55.94, سنڌ کي 48.75 ، سرحد-خيبرپختونخوا کي
8.78 ۽ بلوچستان کي ٽوٽل 3.87 ايم اي ايف پاڻي يعني چئني صوبن ۾ ڪٿ ڪيل 117.35 مان
114.35 ايم اي ايف پاڻي ورھائڻ مھل اضافو ڪيو ويو ھو، ان اضافي ۾ سنڌ جي پاڻي جي
حصي ۾ نمايان اضافو ملي ٿو، يعني پراڻي ۽ حقيقي سالياني کڻت جي جاءِ تي نئين شق ۾
5.17 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي حصي جو اضافو ڪيو ويو آھي.
پر حقيقت ۾ ھي ھي حصن جي اضافي جي قانوني وضاحت ۽ انگي حساب
ڪتاب جو فارمولا وضاحت سان لکڻ گھرجي ھا جڏھن نيت ۾ ٺڳي دوکو ۽ ناجائزي ڪرڻ شامل
ھجي تہ اھڙن ٺاھن کي پنھنجي فائدي لاء ڪيئن استعمال ڪبو آھي اھو ان ئي ٺاھ تي عمل
درآمد سان ٿئي ٿو،
ٺاھ جي فقط نو ڏينھن بعد پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزارت ان ٺاھ تي
عملدرآمد ڪرائڻ لاء تاريخ 25 مارچ 1991ع تي پنھنجي خط ۾ وفاق ۽ صوبن سال 82-1977ع
جي حقيقتي مندوار /سالياني انگن اکرن جي ڪاپي ڏياري موڪلي جنھن ۾ پنجاب جو حصو
54.47 ۽ سنڌ جو حصو 43.53 ڏيکاريل ھو، يعني ٻنھي جي پاڻي کڻت ۾ پراڻو فرق يعني ذري
گهٽ 11 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي پنجاب کي وڌيڪ کڻت ۾ ڏيکاريو ويو ھو ۽ ان ئي حساب کي شق
نمبر 14 الف ھيٺ سالياني دستياب پاڻي جي سراسري حصي پتي تي عملدرآمد ڪرڻ جو چيل
ھو، يعني ٺاھ جي شق نمبر 2 ۾ آيل ورھاست جي نون ۽ قبول ڪيل انگن اکرن کي لتاڙيو
ويو ھو، ٻي طرف رڳو ان ئي انگن اکرن کي اڄ بہ شق نمبر 2 بجاءِ پاڻي جي هاڻوڪي ٽي
رخي فارمولا کي ڏسجي تہ کوٽ مھل تاريخي استعمال واري فارمولا تحت پنجاب وڌيڪ پاڻي
کڻي ٿو، ٻين صوبن کي کوٽ کان آجو قرار ڏئي، سڄي کوٽ سنڌ جي حصي ۾ شامل ڪري ٿو،
انھن جي حصن ۾ شق نمبر 2 تحت ڪيل خاطر خواهه اضافي جو فائدو بہ اوڏانهن منتقل ٿئي
ٿو پر ٻوڏ مھل شق نمبر 4 تحت ورھاست ۾ سنڌ سان برابري ۾ بيھي ٿو.
No comments:
Post a Comment