سنڌ ۾ ڀوتارڪي ۽ جاگيرداڻي نظام جو شڪار رڳو عام شهري نه پر ،هاري پورهيت، صحافي ۽ سماجي اڳواڻ بڻبا رهيا آهن جن خلاف وڏي عرصي کان احتجاج پڻ ٿيندا رهيا آهن پر وقت گذرندي انهن احتجاجن ۾ ماٺار ايندي رهي آهي ان جو هڪ سبب اهو آهي ته طاقتور ڌريون انهيء ڀوتارڪي نظام جي پٺڀرائي ڪنديون رهيون آهن۔ جان محمد مهر جو قتل هجي يا پروفيسر اجمل ساوند جو بيگناهه خون هجي ،ناظم جوکيو جي رت سان کيڏيل راند هجي يا معصومه فاطمه ڦرڙو جي بيگناهه قتل جو واقعو هجي انهن سڀني واقعن ۾ ملوث ڀوتارن کي بينقاب ڪرڻ باوجود کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائي نه سگهيا آهيون جنهن جي نتيجي وري نصرالله گڏاڻي جو قتل ٿي وڃي ٿو۔آخر سنڌ ۾ صدين کان قائم ڀوتارڪي نظام جو خاتمو ڪڏهن ايندو۔ انگريزن جي دور کان قائم ڀوتارڪو نظام ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو پيو وڃي ان جي پٺڀرائي ڪندڙن کي انگريز حڪمرانن وانگر سرڪار جو آشيرواد حاصل آهي کين انعام ۽ جاگيرون ملنديون رهيون آهن جنهنڪري انهن هن نظام جون پاڙون مضبوط ڪرڻ لاء وسان نه گهٽايو آهي جڏهن ته زي شعور ماڻهن غلاميء کي گار سمجهي انهيء ظالم نظام خلاف بنا ڊپ ڊاءُ جي ڀرپور مزاحمت جون تحريڪون هلايون آهن۔جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي جوڌا جوان پنهنجي جان جي بازي هاري ويٺا آهن پر نصرالله گڏاڻي جهڙن سپوت سپاهين بنا خوف ۽ حراس جي ڀوتارن ۽ سندن واٺن خلاف محاذ قائم ڪيو آهي ڇوته سندن وٽن قلم جهڙو طاقتور هٿيار آهي جنهن ظالم جو چهرو داغدار پئي ڪيو آهي اهو ئي سندن ڪاميابيء جو راز آهي ڇوته ظلم گهڻو وقت رهڻو ڪونهي ۽ ظالم کي ختم ٿيڻو ئي آهي۔انڪري ظالمن پنهنجي دفاع لاء ڀوتارڪي نظام کي هٿي وٺرائڻ لاء عوامي ۽ جمهوري حڪومت جو نالو ته ڏنو ويو پر حقيقت ۾ اهو نظام مسڪين ۽ مخلص ماڻهن کي غلاميء جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ آهي عدالتن ۾ انصاف ڪونهي، پوليس جا پيرا به ڀوتارن جي سرپرستي طرف وڌندي ڏٺا ويا آهن جنهنڪري سچ گو انسان کي گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي ڀوتار ۽ سندن واٺا روزانو رت جي راند کيڏندي نظر اچن ٿا ايتري تائين جو ڀوتارن پنهنجا نجي جيل قائم ڪيا آهن جيڪي ڪنهن کان به ڳجها ناهن جن ۾ معصوم نياڻيون ۽ بي گناهه ماڻهو قيد آهن جتي سندن نگرانيء ۾ مٿن تشدد ٿين ٿا۔ جيڪڏهن ڪو شعور وارو صحافي يا سماج سڌارڪ ڀوتارڪي نظام خلاف سندرو ٻڌي نڪري ٿو ته انهن رهزنن هٿان ماريو وڃي ٿو۔ نصرالله گڏاڻيء جهڙو ڪونڌر به ان گندي ۽ بدبودار نظام ۾ گولين جو کاڄ بڻجي ويو۔ هتي سوال پيدا ٿو ٿئي ته آخر حق سچ لکندڙ صحافيء جو قصور ڪهڙو آهي؟ ڪنهن به اداري بابت حق سچ لکي ته اهو ادارو صحافيء جو دشمن ٿيو وڃي،جيڪڏھن ڪنهنکي پنھنجون ذميواريون سمجھائي سماج لاء ڪارائتو ۽ پائدار بڻائي ته صحافي جا دشمن بڻجي ٿا وڃو۔ پوليس جي باري ۾ سچ لکندؤ ته پوليس دشمن ٿيو وڃي۔ حڪومت جي چڱائي لکي ته لفافو ملي ۽ جيڪڏهن حڪومت جون خاميون بيان ڪري ته صحافي حڪومت جو دشمن آهي۔ ڪرپٽ مافيا کي بي نقاب ڪريو ته صحافيء جو سرمائيدار دشمن ٿيو پوي۔ ڀتاخورن خلاف قلم کڻي ته صحافي ڏوهي آهي۔
ڇا معاشري جون برايون ڏسي صحافي ٻين
وانگر اکيون بند ڪري ويهي رهي. جيڪڏهن توهان ڏوهه کي بي نقاب نه ڪيو، ته توهان
سماج جا مجرم ، دشمن ۽ ڏوهاري آهيو ۽ جيڪڏهن توهان ڏوهن تي اکيون بند ڪري ويٺا
آهيو ته پوء توهان عوام جا دشمن آهيو۔ حق ۽ سچ تي ٻڌل خبرون ماڻهن تائين پهچائڻ
لاءِ هزارين دشمن پيدا ڪندڙ صحافي چاهي ٿو ته سماج پنهنجا حق طلبي ۽ ڀوتار ۽
بيوروڪريٽ حقدار کي پنهنجو حق ڏئي۔ صحافي رياست جي چوٿون پايو آهي هو توهان جي
لاءِ ڏينهن رات ڊوڙي ٿو ۽ توهان کي بروقت خبر پهچائي ٿو. هو سڀني کي پنهنجو دشمن
بڻائي ٿو توهانکي توهان جا حق ڏيارڻ ٿو گهري. يعني صحافي توهان جي حقن لاءِ وڙهندا
آهن.جيڪڏهن صحافي جي عزت نه ڪندو ته اوهان جو آواز اعليٰ ايوانن ۾ ويٺل حڪومتي نمائندن
تائين ڪيئن پهچندو۔ جيستائين ڀوتارڪي نظام جو خاتمو نه ايندو تيستائين نصرالله
گڏاڻيء جهڙا بهادر صحافي راهه ويندي ماريا ويندا ۽ دانهون ڪوڪون ڪري خاموش ٿي ويهي
رهنداسين۔ انڪري بيدار ٿي ان بدبودار نظام جي خاتمي لاء جدوجهد ڪريو ڇوته اڱڻ کان
اسيمبليء تائين ان گندي نظام جون پاڙون مضبوط ٿيل آهن انڪري ان نظام جي خاتمي گڏجي
منظم تحريڪ هلائڻي پوندي تڏهن ئي شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻيء جهڙن
سورهين ۽ سچ گو قلمڪارن جي اڌوري ڇڏيل مشن کي پايه تڪميل تائين پهچائي سگهون ٿا.
No comments:
Post a Comment