31جولاء 2022 ۾ آمر..ڪيا افغانستان جي دارالحڪومت ڪابل ۾ ھڪڙي
ڊرون حملي ۾ طالبانن جو سربراھ ايمان الزوري مارجي ويو ھيو
ان حملي ۾ 2 ميزائل فائر ڪرڻ کانپوء بہ ڪو بہ ڌماڪو نه ٿيو نه
ڪا عمارت تباھ ٿي نه ڪٿي ڪو دونھون ٿيو ھيو جيڪڏھن اھڙو ڪجھ بہ نه ٿيو ته پوء
الزوري مارجي ڪيئن ويو ؟
ڇا ڪيميائي ھٿيار يا بايو لاجيڪل ھٿيار ھيو يا ٿورو ويجھي
پئماني تائين وار ڪندڙ زھريلي گئس ھئي ؟
اھڙو ڪجھ نه نه ھيو پر آمر...يڪي ڊرون سان الزوري تي ھڪڙو
مشيني نيزه اڇلايو ويو اھو چئون ته غلط نه ٿيندو
ڇو جو ان ھن ڪاروائي ۾ استعمال ڪيل ميزائيل اندر ڪو بہ وار ھيڊ
يا ڌماڪو ڪندڙ مواد ڪون ھيو پر آمر..يڪي معروف ھيل فائر ميزائيل Hellfire R9X ھيو جنھن کي ننجا پڻ چيو ويندو آھي
ھن ميزائيل تي 2000ع کان ڪم ھلندڙ ھيو پر ھن کي 2017ع ۾
آمر..يڪا ھن کي سروس ۾ شامل ڪيو
6 فوٽ
ڊگھي ھن ميزائيل ۾ وار ھيڊ يا ڌماڪيدار مادو ناھي ھوندو پر 6 عدد تيز ڌار جا لوھي
بيلڊ لڳل ھوندا آھن ھن ميزائيل کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي لاء ليزر جا سيڪر سسٽم لڳل آھن
جيڪي ٽارگيٽ تائين پڄائڻ ۾ مدد ڪندا آھن ھن ميزائيل جي فائر کانپوء بجلي جي جي
تيزي وانگر ڪجھ سيڪنڊ ۾ حدف تائين پڄي ويندو آھي ۽ حدف سان ٽڪرائڻ کانپوء 6 بليڊ
کلي ويندا آھن ۽ کلڻ کانپوء پنھنجو دائرو وڌائي ڇڏيندا آھن
ھن ميزائيل کي ٺاھڻ جو سبب ڪوليٽرل ڊيمج يعني عام جي نقصان کان
بچائڻ لاء ۽ پنھنجي حدف يا ٽارگيٽ تائين پڄي ڪم ڏيکارڻ جي لاء ٺاھيو ويو آھي
ھن ميزائيل کي تڏھن استعمال ڪيو ويندو آھي جڏھن حدف رھندڙ
ماڻھون کلي ميدان تي ھجي يا گاڏي ۾ ھجي ميزائل ڪمري جي ڇت بہ ڦاڙي سگھي ٿو پر اتي
حدف رھندڙ ماڻھون بچي وڃڻ جا امڪان رھندا آھن
No comments:
Post a Comment