دنيا جا سائنسدان هر روز تجربا مشاهدا ڪندا ٿا رهن هڪڙو اهڙو ئي تجربو جنهن کي ڪاپي پيسٽ چئون ته سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي.
جيئن اسان فيسبڪ سميت ڪنهن به شيء کي ڪاپي ڪري ڪيتريون ئي ان جون ڪاپيون ٺاهيون ٺهي وينديون، بلڪل ان طريقي سان سائنسدان هڪڙو اهڙو تجربو پيا ڪن جنهن ۾ هڪ جاندار جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺهي سگهن ٿيون. ان ۾ جانور هجي انسان جو ٻوٽا هجن. ان تجربي کي هيومن ڪلوننگ جو نالو ڏنو ويو آهي هيومن ڪلوننگ ۾ هڪ انسان جون هڪ هزار کان وڌيڪ ڪاپيون پڻ ٺاهي سگهجن ٿيون
ڪلوننگ ڇا آهي ؟
ڪلوننگ هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ ڪنهن به مئل يا زنده
جاندار جي سيل ۽ ڊي اين اي مان ان جهڙي ئي جاندار جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺاهي
سگهجن ٿيون
ڪلوننگ ٿيندي ڪيئن آهي ؟
ڪلوننگ ٻن طريقن سان ٿيندي آهي هڪ آهي ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ ٻي آهي
رپيڊوڪل ڪلوننگ
ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ
ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ ۾ جاندار جي سيلن جي مدد سان جسم جا مختلف
عضوا ٺاهي اهي ئي عضوا خارج ٿيل عضون جي جڳهن تي هڻي سگهجن ٿا ميڊيڪل سائنس ۾ اهو
فائديمند آهي. ۽ ان تي وڌيڪ تحقيق تجربا پڻ ڪيا پيا وڃن
مثال طور هڪ ماڻهون جي ٻانهن ناهي ته ان جي سيلن مان ليباٽري
جي اندر هٿرادو ٻانهن ٺاهي لڳائي سگهجي ٿي ان سان هن جي ٽشو جو به مسئلو نه ٿيندو
رپيڊوڪل ڪلوننگ
ٿروپيڊيڪل ڪلوننگ ۾ مختلف عضون بجاء مڪمل انسان ٺاهڻ جي تياري
ڪئي ويندي آهي
هيومن ڪلوننگ تي تجربا 20 صدي کان شروع ٿيڻ لڳا پر 1966ع ۾
نوبل انعام حاصل ڪندڙ جينٽڪ سائنسدان جوڊوشوهالبرڪ آمريڪي اخبار نيچرلسٽ ۾ ڪالم
لکيو جنهن ۾ هن هيومن ڪلوننگ جي خطرن ۽ اثرن جي باري ۾ لکي ان تجربي کي اتي بند
ڪرڻ جو چيو
1966ع ۾
هڪڙي رڍ جا ريپڊيڪل سيل کڻي ڪلوننگ ذريعي هڪٻي رڍ پيدا ڪئي وئي جيڪا ساڍن ڇهن سالن
تائين زنده رهي ۽ ڦڦڦڙن جي بيماري ۾ مري وئي ان کانپوء ڪيترن ئي جانورن ٻلين ڪوئن
کي ڪتن ڪلوننگ ذريعي پيدا ڪيو ويو. ان تجربي کانپوء ان ڳالھ تي ويچارڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي ته ڇا جانورن سان گڏ انسان به ڪلوننگ جي ذريعي پيدا ڪري سگهجن ٿا، ان تجربي تي
ڪوشش ڪئي وئي پر ڪلوننگ مان پيدا ٿيندڙ جاندارن مان اڪثر ڪري سئو مان هڪ بچي ٿي
سگهيو جيڪڏهن ڪو جاندار زنده بچي به وڃي ٿو ته مختلف بيمارين جي ڪري مري ٿي ويو
2005ع ۾
ڪلوننگ کي غير اخلاقي ۽ غير انساني عمل چئي بند ڪيو ويو، پر آمريڪا جون ڏھ رياستون
اهڙيون به آهن جن کي هيومن امبيرو کي پيدا ڪرڻ جي اجازت آهي. جنهن ۾ انسان جي ڊي
اين مان ليباٽري جي اندر ايئن انسان ٺاهي سگهن ٿيون جيئن ماء جي پيٽ ۾ نوء مهينن
تائين ٻار هوندو آهي ۽ اهو ٻار عام انسان جيان وڏو ٿيندو ۽ هي ان ماڻهون جي ڪاپي
هوندو جنهن جي ڊي اين مان ٺاهيو ويو، ۽ ان جون صلاحيتون سوچڻ جو انداز به ان
ماڻهون جهڙو ئي هوندو
. چين
۾ بويا نالي ڪمپني انساني ڪلوننگ پيدا ڪرڻ جي دعوا ٿي ڪري پر عالمي دٻاء جي ڪري
فلحال جانورن جي ڪلوننگ پئي ڪري پر اندروني طور تي هن ڪمپني جي اندر انساني جسمن
تي تجربا ۽ هيومن ڪلوننگ پڻ ڪئي پئي وڃي
هڪ ڳالھ جنهن جو ثبوت ان کي افواھ ئي سمجهي
هاليوڊ جي ڪجھ ادڪارن کي هيومن ڪلوننگ ذريعي وري پيدا ڪرڻ
پنهنجي مرضي مطابق ڪم وٺڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پئي وڃي
هيومن ڪلوننگ تي ڪجھ سوال
ڇا هيومن ڪلوننگ انسان لاء فائديمند آهي يا نقصانڪار ؟
ڇا هيومن ڪلوننگ ذريعي انسان نما جانورن جي فوج ٺاهي انسانن کي
غلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ؟
هيومن ڪلوننگ سان انسانيت کي فائدو ٿيندو يا دنيا تباهي ڏانهن وڌندي ؟
No comments:
Post a Comment