پاڻي قدرت جي ھڪ عظيم نعمت ۽ ھن ڌرتيءَ سميت ھن ڌرتيءَ تي زندگيءَ
جو جياپو پڻ آھي. ھڪ اندازي موجب ھن ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جو مقدار 1,36,00,00,000 ڪيوبڪ
ڪلوميٽر آھي، جيڪو ڌرتيءَ جي تقريباً 70 سيڪڙو حصي کي ڍڪي ٿو. جيڪڏهن عالمي ريڪارڊ
۽ صورتحال کي ڏسبو تہ معلوم ٿيندو تہ ھن ڌرتيءَ تي موجود پاڻي جي ڪل مقدار جو 97 سيڪڙو سمنڊن ۾ آھي،
2 سيڪڙو فقط آرڪٽڪ ۽ انٽارڪٽيڪ سمنڊن ۾ موجود آھي ۽ فقط ھڪ سيڪڙو تازو پاڻي آھي ۽ ان
منجھان بہ 0.22 سيڪڙو پاڻي زيرِ زمين ذخيرن ۾ موجود آھي ۽ باقي فقط 0.78
سيڪڙو پاڻي دريائن، نالن، ڍنڍن ۽ تلائن جي صورت ۾ موجود آھي ۽ استعمال لائق آھي.
جيڪڏهن ڳالھ کي واضح ڪجي تہ نالن، ڍنڍن ۽ تلائن
۾ بہ پاڻي درياھ جي سخاوت سبب اچي ٿو ۽ چئي سگھجي ٿو ھن ڌرتيءَ تي صرف
درياھ جو پاڻي استعمال لائق آھي جنھن ذريعي زندگي پنھنجي وجود کي قائم رکي سگھي ٿي.
ھتي آءٌ سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ سبب سنڌو درياءَ
۾ پاڻيءَ جي ڪميءَ سبب پيدا ٿيندڙ نقصانن تي ڪجھ روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪندس.
سڀ کان پھرين ڳالھ تہ سنڌ ھزارين سالن
کان وٺي ھڪ بھترين زرعي خطو رھيو آھي ۽ زراعت سنڌ جي ماڻھن جي جياپي جو مکيہ ذريعو آھي ۽ جيڪڏهن سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي انتھائي کوٽ ٿي وئي
تہ سنڌ جي شاداب سرزمين تي رقص ڪندڙ زرعي فصل جيڪي پھريان ئي مناسب
پاڻي نہ ملڻ سبب اداس ھوندا اھن، اھي پاڻيءَ جي کوٽ ھئڻ سبب بلڪل مرجھائجي
اچي پٽ پوندا ۽ مسڪين ھاري جيڪي پھريان ئي سورن منجھ سڏڪندا رھن ٿا، ۽ فصل جي اھڙي
حالت ڏسي تہ سندن جيءَ جھري پوندا. زرعي پيداوار ۾ تمام گهڻي گھٽتائي ايندي
۽ ان سبب ھاري بہ نقصان ۾ تہ مقامي معيشت بہ تباھ ٿي ويندي، جنھن جا ڪيترائي برا نتيجا سامھون ايندا. بيروزگاري وڌندي ۽ آمدني
گھٽجندي ويندي ۽ غربت جو خوفناڪ راڪاس ڦيرا ڏيندو جنھن سبب معاشري ۾ ڪيتريون ئي برايون
پکڙبيون ۽ انھن ۾ واڌ ايندي رھندي.
ان کان علاوہ وڻ ھن ڌرتيءَ تي زندگيءَ کي جاري رکڻ جا ذميوار ۽ کاڌي مھيا ڪرڻ
جو بنيادي جز آھن ۽ انھن جي بقا لاءِ پاڻي جو ھجڻ ڪنھن بہ حالت ۾ ضروري آھي.
پاڻيءَ جي کوٽ سبب سھڻي سنڌ جا وڻ سڪڻ لڳندا ۽ انھن جي ختم ٿيڻ
سان سنڌ جي آبھوا انتھائي خراب ٿي ويندي. ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار حد
کان وڌي ويندو ۽ آڪسيجن جو مقدار تمام گھٽجي ويندو، جنھن سان ھوائي گدلاڻ ۾ اضافو ٿيندو
۽ سنڌ جا ماڻھو ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙجي بيوس پيا ھوندا.
ھر شيءِ پاڻ جھڙي شيءِ مان پيدا ٿئي ٿي ۽ پاڻيءَ کي بہ خود پاڻي جنم ڏئي ٿو. وڻ ھجڻ سبب برساتون پون ٿيون ۽ پوءِ اھو برساتي
پاڻي دريائن ۾ وھي ڪري دريائن جي وھڪري کي جاري رکي ٿو. پاڻيءَ جي کوٽ سبب وڻ
ختم ٿيندا تہ برساتون نہ پونديون ۽ برساتن نہ پوڻ سبب ويتر پاڻيءَ
جي کوٽ وڌنڌي ويندي ۽ اسين ڪجھ ڪونہ ڪري سگھنداسين. پاڻي گرميءَ جو سٺو جذب ڪندڙ آھي ۽ ڏينھن جي وقت اھو سج جي اصافي
گرميءَ کي جذب ڪري گرمي پد ۾ واڌارو ٿيڻ کان بچائي ٿو پر جيڪڏهن پاڻيءَ جي شديد کوٽ
ٿي تہ سنڌ جي ڪافي علائقن ۾ گرمي پد وڌي ويندو، جيڪو برداشت ڪرڻ جھڙو نہ ھوندو ۽ ٿيندڙ فصل
کي پڻ نقصان رسائيندو.
ان کان علاوہ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب پاڻيءَ جي معيار ۾ فرق اچي ويندو،
پاڻيءَ ۾ آلودگي جو تناسب تمام وڌي ويندو ۽ ان ڏينھون ڏينھن وڌندڙ آبي گدلاڻ سبب پاڻي
زھريلو ٿي ويندو ۽ آبي جيوت جي حياتي خطري ۾ پئجي ويندي، پاڻي نہ ھئڻ سبب ۽ گدلي ۽ زھريلي ھجڻ سبب ڪيترائي آبي جاندار ۽ مڇيون زندہ رھي نہ سگھنديون جنھن سبب سنڌ آبي جيوت کان محروم ۽ مھاڻا روزگار کان محروم
ٿي ويندا ۽ سنڌ سنڌي ٻلھڻ سبب پيدا ٿيل پنھنجي شناخت بہ وڃائي ويھندي.
ان سان گڏوگڏ اھڙي قسم جو زھريلو پاڻي استعمال لائق نہ رھندو ۽ ان کان علاوہ ڪو وسيلو بہ نہ ھُوندو ۽ اھو ئي پاڻي استعمال ڪرڻو پوندو ۽ جنهن سان پڻ ڪيترائي صحت جا مسئلا پيدا ٿيندا ۽
جيڪي مستقل طور تي ختم ٿي نہ سگھندا ۽ اسين سنڌ جا ماڻھو سدائين سورن ۽ تڪليفن ۾ هونداسين.
سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪميءَ ٿيڻ سبب ڏڪار جي حالت پيدا ٿي ويندي
جنھن منجھان نڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو. پاڻيءَ جي کوٽ ھئڻ ڪري زمين پاڻ وٽ پاڻيءَ کي محفوظ
ڪري رکڻ جي سگھ وڃائي ويھندي، زمين جي تيزابيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين
ويران ٿي ويندي ۽ ساوڪ ڳولھي ڪين لڀندي. رڳو ريگستان جو دل جهوريندڙ ڏيک ھوندو.
پاڻي جي مڪمل ۽ مناسب مقدار ۾ موجودگي
ئي سنڌ کي ھميشہ شاد ۽ آباد رکي سگھي ٿي ۽ اسين بہ سرھا رھي سگھون ٿا.
سنڌو درياءُ اسان سنڌين جو جياپو آھي ۽ اسان جي عظمت جو اھڃاڻ پڻ
جنھن اسان جي سنڌ ۽ سندس تھذيب کي ھميشہ سرسبزي عطا ڪئي آھي
۽ کيس شاداب ۽ خوشحال رکيو آھي.
سنڌ جي ھر باشعور فرد کي گھرجي تہ سنڌو درياءَ مان
نڪرندڙ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري ۽ ڌرتيءَ سان پاڻ ملھائي پنھنجو فرض ادا ڪري.