ھيءَ سموري
دنيا لکن جي تعداد ۾ قسمين قسمين جاندارن سان ڀري پئي آھي ۽ کين پنھنجي زندگيءَ کي
بھترين نموني ھلائڻ لاءِ قدرت طرفان ڪيترن ئي سرشتن سان گڏ غدودن جو سرشتو
(Gland System) بہ
ڏنو
ويو آھي. غدودن جي سرشتي مان ھڪ قسم، جنھن کي اينڊوڪرائين غدودن جو سرشتو
(Endocrine System) سڏجي ٿو سو تنتي سرشتي (Nervous System) کان بعد رابطي ۽ ضابطي
جو بھترين سرشتو آھي. اينڊوڪرائين غدود پنھنجي رطوبت بنا ڪنھن نليءَ جي سڌي سنئين رت
۾ شامل ڪن ٿا. سندن رطوبت کي ھارمون (Hormone) چئجي ٿو.
ھارمونز ڪيميائي
مادا آھن، جيڪي جاندارن جي جسم ۾ مختلف جسماني ۽ نفسياتي تبديليون آڻڻ جا ذميوار ھجڻ
سان گڏوگڏ جسم جا پيغام رسان (Messengers) آھن. انساني جسم ۾ ڪيترائي اينڊوڪرائين غدود، عضوا ۽
انھن جا حصا آھن جيڪي مختلف قسمن جا ڪافي ھارمون خارج ڪن ٿا.
ھن تحرير جو
موضوع صرف ڊوپامين ھارمون آھي، ان ڪري صرف ڊوپامين ھارمون تي تفصيلي روشني وجھڻ جي
ڪوشش سري ھيٺ ھي مضمون پيش ڪجي ٿو.
ڊوپامين انساني
جسم جو ھڪ تمام اھم ھارمون آھي، جيڪو نيورو
ٽرانسميٽر (Neurotransmitter) طور بہ
ڪم
ڪري ٿو. نيورو ٽرانسميٽر جي وصف مطابق نيورو ٽرانسميٽر اھي ڪيميائي مادا ھوندا آھن
جيڪي دماغ جي جيوگھڙرن نيوران (Neuron) مان خارج ٿيندا آھن ۽ دماغ
۽ مغزي ڏوري (Brain and Spinal cord) کي مَشڪن (Muscles), عضون ۽ غدودن سان جوڙي
مخصوص سگنل موڪلڻ ذريعي مخصوص ڪم سرانجام ڪرائڻ جو ڪم ڪندا آھن.
سائنسدان اڄ
ڏينھن تائين 100 کان وڌيڪَ مختلف قسمن جا نيورو ٽرانسميٽر ڳولھي چڪا آھن. انھن مان
ڪي نيورو ٽرانسميٽر ڪنھن ڪم کي تيز ڪري وڌائڻ جو ڪم ڪن ٿا، جن کي تحرڪ ڏيندڙ يا اڀاريندڙ
نيورو ٽرانسميٽر (Excitatory Neurotransmitter) سڏيو وڃي ٿو ۽ ڪجھ وري
ڪنھن ڪم جي شدت ۾ ڪمي آڻي کيس گھٽائن ٿا. انھن کي وري روڪيندڙ نيورو ٽرانسميٽر
(Inhibitory Neurotransmitter) جو نالو ڏنو ويو آھي. جڏھن
تہ ڪجھ نيورو ٽرانسميٽر وري ساڳي ئي وقت ڪيترن
ئي نيورانن ڏي پيغام موڪلن ٿا ۽ ٻين نيورو ٽرانسميٽرن سان رابطو ڪرڻ جي صلاحيت رکن
ٿا ۽ انھن کي وري تبديل ڪار نيورو ٽرانسميٽر (Modulatory Neurotransmitter) چئبو آھي.
ڊوپامين ھارمون
مٿين ٽنھي قسمن جي نيورو ٽرانسميٽر طور ڪم ڪري سگھي ٿو. ڪنھن وقت
(Excitatory Neurotransmitter) طور ۽ ڪنھن وقت (Inhibitory Neurotransmitter ) طور تہ وري ڪنھن حالت ۾ (Modulatory Neurotransmitter) طور.
ڊوپامين جي
نيورو ٽرانسميٽر طور سڃاڻپ سڀ کان پھرين سال 1958ع م نِلس-اَڪي ھِلارپ ۽ اَروِڊ ڪارلسن
سويڊن جي نيشنل ھرٽ انسٽيٽيوٽ ۾ ڪئي ۽ جنھن سبب ڪارلسن کي سال 2000ع ۾ طب
(Medicine) جي
نوبل انعام سان نوازيو ويو.
ڊوپامين ھارمون
دماغ ۾ ٺھي ٿو ۽ دماغ ۾ سندس موجودگي سڀ کان پھرين ٻڌائڻ جو اعزاز ڪيٿرئن مونٽيگو
(سال 1957ع) کي حاصل آھي.
ڊوپامين ھارمون
دماغ جي مختلف حصن ۾ ٺھي ٿو پر ڪرنگھي وارن جانورن جي دماغ ۾ ڊوپامين جو سڀ کان وڏو
۽ اھم ذريعو وچئين دماغ (Mid Brain) جا ٻہ حصا:
1. Ventral
Tegmental Area
2. Substantia
Nigra
آھن.
Substantia Nigra لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جو مطلب آھي ڪارو مادو ۽ ان
کي اھو نالو ان سبب ڏنو ويو آھي تہ وچئين دماغ
جو اھو حصو ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ ڪاري رنگ جو ظاھر ٿيندو آھي
.
وچئين دماغ
جي مٿي بيان ڪيل ٻنھي حصن ۾ ڊوپامين ھارمون پيدا ڪندڙ نيوران جو گروھ ھوندو آھي، جنھن
کي ڊوپامينرجڪ نيوڪليئس (Dopaminergic Nucleus) سڏيو وڃي ٿو.
ھتي نيوڪليئس مان مراد ائٽم يا جيوگھرڙي جو مرڪز نہ
آھي،
نيورانن جي گروهه کي پڻ نيوڪليئس جي نالي سان سڏجي ٿو. اھو نيورانن جو گروھ
(Nucleus) ڊوپامين
ھارمون ٺاھي ان کي خارج ڪري ٿو.
ڊوپامين خارج
ڪندڙ نيورانن جو ھڪڙو اضافي گروھ اک جي پردي (Retina) ۾ پڻ لڌو ويو آھي. اھي نيوران اڪثر ڪري ڏينھن
جي وقت فعال (Active) ۽ رات جي وقت غير فعال (Inactive) رھن ٿا. اک جي پردي ۾ موجود
نيورانن مان نڪرندڙ ڊوپامين (Retinal Dopamine), اک ۾ موجود
مخروطي جيوگھرڙن {Cone Cells} _ (اک ۾ موجود جيوگھرڙا جيڪي تيز روشني محسوس ڪن
ٿا) جي ڪم کي وڌائي ۽ لٺ نما جيوگھرڙن {Rod Cells} _ (اک ۾ موجود جيوگھرڙا جيڪي ھلڪي روشنيءَ لاءِ
حساس آھن) جي ڪم کي گھٽائي ٿو ۽ نتيجي طور ڏينھن جي وقت تيز روشنيءَ ۾ رنگن ۽ متضاد
رنگن جي لاءِ اک جي حساسيت (Sensitivity) وڌي ٿي ۽ ھلڪي روشنيءَ
جي موجودگيءَ ۾ اک جي حساسيت گھٽجي ٿي.
راغبيت
(Motivation) ۽ انعام جي احساس ڏيڻ ۾ ڊوپامين جو اھم ڪردار آھي. انعام جي سائنسي
وصف ھيءَ آھي تہ ڪنھن تحرڪ جي
اھڙي خاصيت جيڪا جاندار ۾ ڪنھن شيءِ کي حاصل ڪرڻ ۽ کيس واپرائڻ جي تڙپ پيدا ڪري.
ڊوپامين ھارمون
ٻيا ڪيترائي سارا ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ خوشيءَ جو احساس محسوس ڪرائي ٿو، تنھنڪري کيس خوشيءَ جو ھارمون (Happy Hormone) يا سٺو محسوس ڪرائيندڙ
ھارمون (Feel Good Hormone) جي نالن سان پڻ سڏيو وڃي
ٿو.
تڪليف، خوشي
۽ ڊوپامين:
ڊوپامين ھارمون
خوشي فراھم ڪري ٿو پر سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تہ
خوشي
آخر تڪليف ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن ٿي تبديل ٿئي؟ اسين ڪنھن شيءِ جا عادي ڇو ٿي ويندا آھيون؟
ڪائنات ۾ ھر
شيءِ پنھنجو پاڻ کي توازن ۾ کڻي اچي ٿي ۽ ساڳيو ئي نظام فطرت اسان جي دماغ ۾ بہ تشڪيل ڏنو آھي. اسٽين فورڊ يونيورسٽي جي
ماھرِ نفسيات ڊاڪٽر اينا ليمبڪي پنھنجي مشھور ڪتاب "The Dopamine Nation" ۾ ان
ڳالھ جي وضاحت بھترين نموني ڪري ٿي تہ
تصور
ڪيو تہ اسان جي دماغ ۾ ھڪ تارازي آھي، جنھن تي ھڪ طرف خوشي تہ ٻئي طرف تڪليف موجود آھي ۽ اھا تارازي ھميشہ پاڻ کي توازن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سوال
اھو آھي تہ پوءِ ڪنھن شيءِ جي عادت
(Addiction) ڪيئن
پئي ٿي ۽ توازن ڪٿي بگڙي ٿو؟
جڏھن اوھين
ڪو خوشيءَ وارو ڪم ڪيو ٿا تہ تارازيءَ جو
خوشيءَ وارو حصو ڀاري ٿي وڃي ٿو، ھاڻي جيئن تہ
توازن
آڻڻو آھي تہ وقت ٿي ويو
آھي تہ تڪليف کي برداشت ڪجي پر مسئلو تڏھن جنم وٺي
ٿو جڏھن اوھان تڪليف کي توازن ۾ اچڻ نٿا ڏيو ۽ ان کان بچڻ لاءِ مسلسل خوشيءَ کي حاصل
ڪندا ٿا وڃو.
ڪنھن شيءِ منجھان
مسلسل خوشيءَ وٺڻ تي ھڪ وقت اھڙو بہ ايندو آھي جو
ان مخصوص شيءِ مان خوشي ملڻ بند ٿي وڃي ٿي ۽ ان حالت کي ڊاڪٽر اينا ليمبڪي
"NeuroAdaptation" جو نالو ڏئي ٿي. مطلب تہ وقت گذرڻ سان جنھن شيءِ مان اوھان خوشي حاصل
ڪندا رھيا آھيو، ان جو خوشي ڏيڻ وارو احساس گھٽجي ويندو ۽ خوشي محسوس ڪرڻ لاءِ اوھان
کي ان شيءِ جو حد کان وڌيڪَ مقدار واپرائڻو پوندو، ان سان اوھان جي تڪليف وارو پاسو
اوھان کي اڃان وڌيڪَ تڪليف ڏيڻ لڳندو. اِھا ئي اُھا صورتحال آھي جڏھن ڪو انسان ڪنھن
شيءِ جو عادي بڻيو پوي.
ڊاڪٽر اينا
جي مطابق سڀ کان پھرين پنھنجي ھَير (Addiction) جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ
ضروري آھي. جيڪڏهن اوھان کي لڳي ٿو تہ
اوھان
ڪنھن شيءِ جا عادي ٿي ويا آھيو تہ غور ڪيو تہ اوھان ان جو استعمال ڪيترو ۽ ڪيترا دفعا
ڪيو ٿا ۽ ڪٿي اوھان جي اھا عادت اوھان جي مستقبل، صحت ۽ رشتن کي متاثر تہ نٿي ڪري. ان کان علاوہ ڪنھن شيءِ جي عادي
ھجڻ پٺيان ان جو مقصد ڳوليو. اسان جي ھر عادت جي پٺيان ڪو نہ ڪو مقصد يا جذباتي وابستگي ھوندي آھي. ان
ڳالھ تي غور ڪيو تہ اوھان جي ھَير
واري شيءِ (Object of Addiction) اوھان کي ڪهڙي طرح مدد فراھم ڪري ٿي. ماڻهو
گهڻي ڊوپامين ڪرائيندڙ شين يا تجربن جو استعمال عام طور تي اذيتناڪ ۽ بي چينيءَ وارن
جذبن يعني بوريت، احساسِ ڪمتري، غصي ۽ ڊپريشن وغيرہ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن.
گھڻي مقدار
۾ ڊوپامين خارج ٿيڻ سان دماغ درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويھي ٿو، جنھن
سبب اسان ڪنھن شيءِ جي عادي ھجڻ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي ڏسي نٿا سگھون.
ڊوپامين جي
عادي بنائڻ واري اثر کان بچڻ لاءِ جسماني خود پابندي (Physical Self-binding) تمام ضروري
آھي. پاڻ کي ڪنھن شيءِ جو عادي بنائڻ کان بچڻ لاءِ مختلف ايپليڪيشنس جي تياري کان وٺي
گھڻو کاڌو نہ کائڻ لاءِ معدي
کي ننڍو ڪرائڻ جي سرجري تائين انسان ڊوپامين سان ڀريل ھن دنيا ۾ پاڻ تي پابنديون لڳائڻ
جا مختلف طريقا ايجاد ڪري رھيو آھي. مصالحي دار کاڌو کائڻ، موبائل فون، ٽي وي، سوشل
ميڊيا وغيرہ جو گھڻو استعمال بہ نارمل کان ھَير
(Addiction) واري
زمري ۾ داخل ٿي سگھي ٿو. ان لاءِ ضروري آھي تہ
پنھنجو
پاڻ تہ پابندي مڙهجي، اھو ذريعو جتان اوھان کي اوھان
جي ھَير واري شيءِ آسانيءَ سان ميسر ٿي سگھي ان تي پابندي مڙهڻ لازمي آھي.
اڄ جي دنيا
۾ تقريباً ھر عادت ۾ مبتلا ڪرڻ واري شيءِ آسانيءَ سان ميسر ٿي سگھي ٿي ۽ اھا آساني
اسان لاءِ عذاب بڻجي چُڪي آھي. اوھان دنيا کي يا سرمائيدارن کي اوھان کي عادي بڻائي
منافعو ڪمائڻ کان نٿا روڪي سگھو. جيڪڏهن اوھان کي پاڻ سان محبت آھي ۽ سرمائيداراڻي
نظام کي شڪست ڏيڻ چاھيو ٿا تہ سرمائيدارن
لاءِ تجربي جو سامان نہ بڻجو. ھڪ عام
انسان سرمائيدارن لاءِ تجربي گاه ۾ موجود ڪنھن جانور جھڙوڪ ڪوئي، ڏيڏر يا ڀولڙي جيان
آھي. پاڻ تي پابنديون لڳايو. سرمائيدارن کي يا دنيا کي اوھان جي صحتمندي جي ڪا بہ پرواھ ڪونھي، اھا پرواھ اوھان کي پاڻ ڪرڻي
آھي ۽ سرمائيدارن جي خلاف اھو سڀ کان بھترين احتجاج ٿي سگھي ٿو.
تڪليف جو علاج تڪليف آھي.
جھڙي طرح لوھ
کي لوھ ڪٽيندو آھي، اھڙي طرح سائنس چوي ٿي، "تڪليف کي تڪليف سان ختم ڪري سگھجي
ٿو." ان قسم جي سائنس کي
"Hormesis" سڏجي ٿو جنھن ۾ اسٽريس جي وسيلي مثبت نتيجا نڪرندا
آھن. اسان کي اھو سيکاريو ويو آھي تہ
خوشيءَ
يا سڪون تڪليف جو علاج آھي پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي. پر تڪليف بہ ايتري شديد نہ ھجي جو انسان کي نقصان پهچائڻ لڳي يا وري
انسان غم جو ئي عادي ٿي وڃي ۽ مادام بوواري جھڙو دنيا جو شاھڪار ناول لکندڙ ليکڪ گستاو
فلابيئر بہ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪري ويو آھي: "غم
کان بچو، غم ھڪ نشو آھي."
پر حد اندر
غم ضروري آھي، تڪليف ضروري آھي، ان کان پري ڀڄڻ اسان کي وڌيڪَ تڪليف ۾ مبتلا ڪري ٿو.
اوھان جي عادي
بنجڻ ۽ ان مان جان ڇڏائڻ ۾ سڄو ڪردار ڊوپامين ھارمون جو آھي. نفسيات جي مطابق جيڪا
شيءِ انسان کي خوشي يا مزو ڏئي ٿي تہ
انسان
ان شيءِ کي بار بار ورجائڻ جي ڪوشش ڪندو رھي ٿو. مثال طور ڪنھن شخص شراب نوشي ڪئي يا
ڪو ٻيو نشو واپرايو ۽ نتيجي طور کيس ڪجھ سڪون مليو تہ
اھو
شخص بار بار ان عمل کي ورجائيندو ۽ ائين اھو شخص ان عادت ۾ مبتلا ٿي ويندو.
جيئن مٿي موبائل
فون، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا کي به عادت بڻجي وڃڻ ۾ شمار ڪيو آھي بلڪل اھڙي طرح ھتي بہ عادت جو مطلب صرف شراب نوشي يا ڪو ٻيو نشو
واپرائڻ ناھي بلڪـ ڪيتريون ئي
اھڙيون سرگرميون آھن، جيڪي اوھان
جي عادت بڻجي وڃن ٿيون جھڙوڪ جُوا کيڏڻ، سيڪس، گيمز کيڏڻ، سوشل ميڊيا، خريداري، سوچون
۽ انھن سان گڏوگڏ کاڌي جي خواھش وغيرہ.
ڊوپامين, مسلسل تحرڪ (Stimulus) ۽ طويل مدتي سوچ (Long Term Thinking)
ٿبائُوٽ ميورِسي
پنھنجي ڪتاب "Dopamine Detox" ۾ لکي ٿو تہ
تحقيق
مان ثابت ٿي چُڪو آھي تہ ڪاميابي جي
بھترين ذريعن ۽ رستن مان ھڪ ذريعو طويل مدتي سوچ جي صلاحيت پڻ آهي. اھي ئي ماڻھو بھتر
فيصلا ڪرڻ جي سگھ رکن ٿا جيڪي ماڻھو بار بار مستقبل ۾ پنھنجي منزل ڏانھن ڌيان ڏين ٿا.
ھارورڊ يونيورسٽي
جي ڊاڪٽر ايڊورڊ بينفيلڊ وڏي تحقيق کان پوءِ اھو نتيجو ڪڍيو تہ ڪيترن ئي ماڻھن جي مالي ۽ ذاتي ڪاميابيءَ جو سڀ
کان ضروري عنصر طويل مدتي سوچ (Long Term Thinking) جي صلاحيت ھو.
ڊاڪٽر ايڊورڊ بينفيلڊ طويل مدتي سوچ کي "حال ۾ فيصلا ڪرڻ وقت مستقبل ۾ ڪيترن ئي
سالن تائين جي حڪمت عمليءَ جي سوچڻ جي صلاحيت" طور وصف ھيٺ آندو.
بدقسمتيءَ سان،
اڄڪلھ طويل مدتي سوچ وارن مقصدن تي ڌيان ڏيڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي. ڪيترائي ٻاھريان عنصر
اسان کي مختصر مدتي سوچ (Short Term Thinking) ۾ مبتلا
ڪري تڪڙي تسڪين (Gratification) ۾ جڪيڙيو ڇڏين.
اسين صحيح شين
جي ڄاڻ ھئڻ باوجود انھن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ناڪام رھون ٿا. مثال طور اسين صحت بخش کاڌو
کائڻ بجاءِ مٺاڻ ۽ صحت تي خراب اثر وجھندڙ کاڌو واپرايون ٿا. پڙھائي ڪرڻ بجاءِ نيٽ
فليڪس وغيرہ تي ڪنھن ٻي سيريز جي شروع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ رھون ٿا. ورزش جا فائدا معلوم
ھوندي، سوشل ميڊيا تي فضول ڳالھين ۾ دلچسپي رکون ٿا.
سوشل ميڊيا
۽ انٽرنيٽ ڊوپامين جي لاءِ مسلسل تحرڪ طور ڪم ڪيو آھي ۽ ڊوپامين مسلسل خارج ٿيڻ سبب
اسين سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جا ھيراڪ ٿي ويا آھيون. سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ مجموعي طور
تي اسان جي طويل مدتي سوچ جي صلاحيت ۽ ڪنھن ڪم تي ڌيان ڏيڻ جي قابليت تي منفي اثر وڌا
آھن. اھو ئي تہ سبب آھي جو
ايپل ڪمپني جي سي.اي.او(CEO)، اسٽيوِ جابز (Steve Jobs) پنھنجي ٻارن جي موبائل
وغيرہ جي استعمال ڪرڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي هئي، جيتوڻيڪ سندس ڪاروبار ساڳيون ئي شيون
دنيا جي ماڻھن تائين پھچائڻ ھو.
فيسبڪ جو اڳوڻي
سينئر ايگزيڪيوٽوِ، چَمٿ پاليھاپيٽيا جو چوڻ آھي تہ
طويل
مدتي سوچ کي برقرار رکڻ لاءِ اسان کي پنھنجي دماغن کي ٻيھر ترتيب ڏيڻ گھرجي ۽ اھو صرف
سوشل ميڊيا ايپس وغيرہ کي پنھنجي موبائل وغيرہ مان ھٽائڻ سان ممڪن آھي. سندس چوڻ موجب،
اھڙيون ايپس، "توهان جي دماغ کي انتھائي تيز فِيڊ بيڪ لاءِ ترتيب ڏين ٿيون."
لڳاتار تيز
فِيڊ بيڪ حاصل ڪرڻ سان اسان پنھنجي دماغ کي ھر ڪم ۾ تيز نتيجا حاصل ڪرڻ جي اميد ڪرڻ
لاءِ تيار ڪريون ٿا. ان کان وڏي بدقسمتي تہ
اھو
احساس انھن اشتھارن (Advertises) ذريعي اڃان وڌيڪَ مضبوط
ڪيو وڃي ٿو جيڪي اسان کي جلدي امير ٿيڻ وغيرہ جي منصوبن تي عمل ڪرڻ لاءِ ھمٿائين ٿا.
جيئن ئي اسين
وڌيڪَ تحرڪ (Stimulus) جي گُھر ڪيون ٿا، اسان جي دماغ ۾ مختصر مدتي سوچ
غالبيت جو ويس اوڍائي اسان جي حقيقي سوچ کي تباھ ڪري ٿي ۽ غلط ذھنن جي ماڊلز کي اپنائڻ
تي مجبور ڪري ٿي، جيئن:
ڪاميابي جلدي
۾ ۽ آسانيءَ سان ملڻ گھرجي يا وري وزن گھٽائڻ يا پيسا ڪمائڻ لاءِ سخت محنت جي ضرورت
ناھي.
ھن پريشانيءَ
جي دؤر جي ڀڄ ڊڪ ۾ اسان ڪاميابي جي حاصلات لاءِ سڀ کان اھم شين مان ٻہ مکيہ شيون
"صبر" ۽ "مسلسل محنت" وساري ويهون ٿا.
سڄو ڏينھن موٽيويشنل
وڊيوز وغيرہ ڏسڻ سان پنھنجي مقصدن تائين نٿو پھچي سگھي. پر روزاني بنياد تي طويل مدت
تائين مسلسل محنت اوھان کي ضرور ڪاميابي جي راھ تي گامزن ڪندي. روز ھڪ ڪم تي ڌيان ڏيڻ
۽ پرسڪون رھڻ سان مقصدن جي حاصلات ۾ مدد ملي سگھجي ٿي.
آخر ۾ ھيءَ
ڳالھ تہ:
ڪيترن ئي پهلوئن
کي نظر ۾ رکندي، ھي سماج صرف ان لاءِ جوڙيو ويو تہ
جيئن
توھان جي ڊوپامين (Dopamine) کي قابو ڪري سگھجي ۽ المناڪ
ڳالھ اِھا تہ ھي اوھان جي
مفاد ۾ نہ آھي بلڪہ
ھي
سڀ شيون جيترو ٿي سگھي اوھان جو کيسو خالي ڪرڻ لاءِ جوڙيون ويون آھن. سڀ کان وڌيڪَ
خراب ڳالھ اھا تہ شين جو اھو
سرشتو توھان جي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت تي خراب اثر وجھي ٿو، جنھن سبب توھان اڪثر بيچين
رھو ٿا ۽ اڪثر ڪري پاڻ کي خراب محسوس ڪريو ٿا.
ڊوپامين کي
خارج ڪرائيندڙ شين جي اثر ھيٺ توھان پاڻ کي انھن مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ جي قابل نٿا سمجھو
جيڪي توھان جي زندگيءَ تي ۽ توھان جي چوڌاري ڪافي ماڻھن جي زندگيءَ تي مثبت اثر وجھي
سگھن ٿيون.