ادرڪ جي پوک ـ آڪاش پنھور

 

ادرڪ جو انگريزي نالو: Ginger

سائنسي نالو: Ginigiber Officimate

ادرڪ جو اصل وطن ڏکڻ ايشيا وارا علائقا آھن جٿان کان پوء ھي فصل دنيا جي ٻين ملڪن ڏانھن پکڙيو آھي ھن وقت ھن فصل جي پوک دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڪئي وڃي ٿي

ادرڪ جي پوک سنڌ م ڪاميابي سان ڪري سگھجي ٿي ادرڪ جي پوکي سمنڊ جي سطح کان وٺي 5000 فوٽن جي بلندي تائين ڪري سگھجي ٿي ھن فصل لاء ڇانو ۽ گھڻي الاڻ (گھم)جي ضرورت پوندي آھي

ادرڪ ڀاڄين ۾ ذائقي وڌائڻ لاء مصالحـ طور استعمال ڪيو ويندو آھي

ادرڪ جي استعمال سان ھاضمي جي خرابي يعني بادي وغيره گھڻي حد تائين ختم ٿيو وڃي ٿي

سڪل ادرڪ کي سنڍ چئبو آھي جنهن جو تاثير گرم ٿئي ٿو تنهنڪري ھن سردي جي اثرکي ختم ڪرڻ لاء تيل ۽ جاڻ سان گڏ گرم ڪري استعمال ڪبو آھي

ادرڪ ھيڊ جي ڳڙين وانگر ڳنڊين جھڙو ٿئي ٿو.

ادرڪ جي کل خاڪي رنگ جي ٿئي ٿي ادرڪ جو ذائقو تيز ٿيندو آھي.

ادرڪ بک وڌائي ٿو ء رت کي ب صاف ڪري ٿو ھن جو گھڻو استعمال ب ن ڪرڻ گھرجي.

ادرڪ ۾ %75 پاڻي %3  پروٽين %9 ڪاربو ھائيڊريٽ ان کان علاوه ڪيلشم فاسفورس آئرن ڪيروٽين ريبو فلاوين ۽ ٻيا ب وٽامن موجود اٿس.

 

زمين جي چونڊ:

ادرڪ جي پوکي لاء زرخيز لٽاسي زمين جي چونڊ ڪجي جنهن ۾ پاڻي جي نيڪال جي خاصيت ھجي ٿي ڇو ت لٽاسي زمين  ۾ وڌيڪ پيداوار ڏيڻ جي سگھ ھجي ٿي.

 

زمين جي تياري:

ادرڪ جي پوکي لاء چونڊيل زمين کي 4-3 ھر ڏئي ڀتر ڀوري وري زمين ۾ وٿاڻ جي ڀاڻ جون 30-25  گاڏيون في ايڪڙ وجھي وري ان کي ديسي ھر جي مدد سان ملائي زمين کي ھموار ڪري کريا ٺاھجن.

 

ٻج جو مقدار:

ادرڪ جي پوکي لاء في ايڪڙ 12 کان 15 مڻ ڳنڊيون استعمال ڪجن.

     ٻج جي چونڊ ۽ ڪوالٽي جو اھم معيار آھي جنهن سان سٺي پيداوار ملي سگھي ٿي ان لاء صحتمند ۽ بيمارين کان پاڪ ٻج جي چونڊ ڪرڻ گھرجي ٻج خريد ڪرڻ وقت خيال رکڻ گھرجي ت ادرڪ تازو ھجي اکين وارو ھجي.

 

پوکي جو وقت:

مارچ کان اپريل تائين پوکي ڪري سگھجي ٿي پر مئي جي مھيني ۾ ب ڪري سگھجي ٿي پر ان سان اھا پيداوار ن ملندي.

 

پوکي جو طريقو:

       کرين کان کرين جو مفاصلو ڏيڍ فوٽ ويڪرو ٺاھجي ۽ ڳنڊ کان ڳنڊ لڳائيڻ جو مفاصلو 6 انچ ڪرڻ گھرجي.

 

ڪيميائي ڀاڻ: 

                ھڪ ٻوري ڊي اي پي ۽ ھڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ پوکي وقت  جولائي ۾ کرين تي مٽي چاڙھڻ وقت گڏ ڪڍھڻ کان پوء ھڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ استعمال ڪرڻ گھرجي فصل کي گھٽ ۾ گھٽ 4 ڀيرا گڏ ڪڍڻ گھرجي جنهن سان زمين نرم ٿيندي ۽ پيداوار ب سٺي ٿيندي.

 

پاڻي: 

        ھي فصل گرمي م ٿئي ٿو تنهنڪري ھن فصل کي ٻ ٽي پاڻي تڪڙا ڏجن پوء ھر ھفتي پاڻي ڏيجي يا وري يا ضرورت مطابق ڏيڻ گھرجي.

   گھڻو پاڻي ن ڏجي جو کرين تي چڙھي وڃي جنهن سان ڦوٽھڙو سھي ن ٿيندو ۽ جيت بيمارين جو حملو ٿي ويندو.

 

جيت ۽ بيماريون:

Rhizome maggot جو حملو ٿيندو آھي ان جي لاء سفارش ڪيل دوا جو استعمال ڪرڻ گھرجي 

پيداوار:

          ادرڪ جي فصل مان 100 کان 120 مڻ في ايڪڙ پيداوار ملي ٿي سٺي محنت ڪيل فصل مان 150 مڻ ب لھي ٿي.

Previous Post Next Post