جئين تہ انب جي موسم ايندئي مارڪيٽ ۾ رنگ بہ رنگي ۽
قسمين قسمين جا انب نظر اچن ٿا پر ڇا توھان کي خبر آھي ت واپارين پنھنجي فائدي لاءِ انسان جي زندگي سان گڏ کيڏڻ جو معمول ٺاھي ڇڏيو
آھي. واپاري انب کي مصنوعي طريقي سان انب سان گڏ ٻين ميون کي پچائڻ لاء ھڪ خطرناڪ
ڪيميڪل جو استعمال ڪن ٿا جنھن کي ڪيلشيم ڪاربيڊ (Calcium Carbide) ڪارپيٽ چيو وڃي ٿو.
ان جو ڪيميائي فارمولو Cac2 آھي رنگ جو خاڪي مائل ڪارو جيڪو عام طور تي
ڪارخانن ۽ فيڪٽرين ۾ استعمال ٿئي ٿو ھي تمام خطرناڪ ڪيميڪل آھي ھي لوھ کي گئس
ويليڊنگ ڪرڻ لاء بہ استعمال ٿئي ٿو.
ھي ڪيميڪل گهم سان ملي
ڪري ايسيٽيلين
Acetylene گئس خارج ڪندو آھي جيڪا
رد عمل ۾ بلڪل اٿيلين
Ethylene گئس جھڙي ٿئي ٿي. جيڪا
قدرتي طور ميوو ۾ پاڻ پيدا ٿئي ٿي جنھن سان ميوو پنھنجي پوري وقٿ تي تيار ٿئي ٿو.
جڏھن تہ ٿوري وقت ۾ انب پچائڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ لاء ڪيميڪل جو استعمال ڪيو وڃي
ٿو. ھن ڪيميڪل جي استعمال سان انب ۾ آرسينڪ فاسفورس ھائيڊريٽ جھڙا زھريلا مادا
شامل ٿين ٿا. ھن ڪيميڪل تي ڪافي ملڪن پابندي لڳائي ڇڏي آھي. سنڌ ۾ بہ سنڌ فوڊ
اٿارٽي سائنٽيفڪ پينل
Scientific panel وارن
ھن ڪيميڪل تي پابندي لڳائي ھئي. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن نمبر
(05-09-18/DO/DIR/OPS/SFA/4440/2018)
جي تحت ميون کي بچائڻ
لاء ڪيلشيم ڪاربيڊ (ڪارپيٽ) نالي واري ڪيميڪل جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي ھئي
پر ان جي باوجود ب اھو ڪيميڪل مارڪيٽ ۾ عام جام وڪرو ٿي رھيو آھي جيڪو واپاري توڙي
فارمن وارا وٺي ڪري وقت کان اڳ ميوو کي جھڙوڪ: انب، الوبخار، ڪيلا، زردالو، پپيتو،
آڙو، جپاني، وغيره کي مصنوعي ڪيميڪل جي ذريعي سان پچائي انب ۽ ٻين ميوو جي شڪل ۾
زھر وڪرو ٿي رھيو آھي ۾ اھو مزو سواد ناھي ڪيلشيم ڪاربيڊ ڪارپيٽ سان پچايل انب ۽
ٻين ميون کائيڻ سان بيماريون ٿين ٿيون.
جھڙوڪ: مٿي ۾ سور، چڪر
اچڻ، ننڊ ن اچڻ، يادائيش جي ڪمزوري، ذھني بيچيني، پيٽ ۾ سور، دست، کاڌي جي نالين ۾
زخم، وات پچي پوڻ، گھڻي وقت تائين ڪيلشيم ڪاربيڊ ڪارپيٽ سان تيار ڪيل ميوون جو
مسلسل گھڻو استعمال ڪرڻ سان ڪينسر جيري ۽ بڪين کي نقصان ٿئي ٿو.
تحقيق مان ھي ڏياڻ ملي
آھي تہ:
ڪيلشيم ڪاربيڊ ڪارپيٽ
پاڻي ۾ ڳرڻ سان اسٽيلين گئس پيدا ڪري ٿو جيڪا جاندران جي اعصابي ۽ تنتي سرشتي تي
پڻ اثر ڪري آڪسيجن جي کوٽ پيدا ڪري ٿو.
ڪيميڪل ۽ ٻغير ڪيميڪل
واري انب جي سڃاڻپ ڪئين ڪجي
ھڪ بالٽي يا ٽپ پاڻي
سان ڀريو پوء ان ۾ انب وجھو ڪيميڪل کان پاڪ قدرتي طور پڪل انب ھوندو تہ پاڻي ۾ ٻڏي
ويندو اگر ڪيميڪل سان پڪل انب ھوندو ت اھو پاڻي ۾ ترندو
توھان کي اگر لڳي ٿو ت
ھي ڪيميڪل سان پچايل انب آھي ت ان کي پھريان پاڻي سان چڱي طرح ڌوئي پوء ان کي
تقريبن اڌ ڪلاڪ پاڻ ۾ ڊرپ Dip
ڪري رکو ان کان بعد
کائيڻ گھرجي. قدرتي پڪل انب ۾ مٺي خوشبو ھوندي آھي جڏھن ت ڪيميڪل سان مصنوعي پچايل
انب ۾ گھٽ خوشبو ھوندي آھي. توھان پاڻ سان گڏ پنھنجي پيارن جي جان خطري ۾ نہ وجھو
پوء قدرتي پڪل انب جو کائو يا وري ٻيو سٺو طريقو ھي آھي تہ ڪچيون انبڙيون مارڪيٽ
مان وٺي ڪري پنھنجي گھر ۾ پال ڪري اھي کائو پرائي دور ۾ ڪچيون انبڙيون پال ڪرڻ
پلاسٽڪ جي ٿلھين ۾ وجھي پتين ۾ بند ڪري مٿان گرم ڪپڙو وجھي ڇڏيو 4 کان 5 ڏينھن ۾
انب تيار ٿي وينديون ھيو اھي کائيندا ھياسين يا وري ٽڪر جي ٿانو ۾ انبڙيون وجھي
مٿان بھ يا پلال سان بند ڪري ڇڏيندا ھياسين ت انب ٿي وينديون ھيون.
نوٽ: آخر ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي وارن کي چوندس تہ ھن تي نئين سر حڪمت عملي جوڙي ھنن تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ عوام کي ڪيميڪل کان بغير مارڪيٽ ۾ ميوا ڀاڄيون ڏنيون وڃن ھي پنھنجي فائدي لاء ڪيميڪل استعمال ڪري انساني جانين سان کيڏي رھيا آھن.