يارھين
صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ھن مشرقي ماڻھوءَ جا خيال جڏھن اڻويھين صديءَ ۾ ترجمو ٿي مغرب
۾ پھتا ته پڙھندڙ مٿس فدا ٿي پيا. آمريڪا ۽ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ ھن جي نالي
سان ڪلب ٺاھيا ويا. توڙي جو ان شھرت پٺيان سبب اھو ڄاڻايو ويو ته ھن جي رباعين ۾
شراب، مستي، جذبات ۽ عورت جو گهڻو ذڪر آھي پر حقيقت ۾ کيس پنھنجي ملڪ ۾ ھڪڙي
صوفيءَ ۽ روحاني استاد طور مڃيو ويندو ھو ۽ اڄ سوڌو ائين ئي آھي. 31 مارچ 1900 ۾
آمريڪي شھر بوسٽن ۾ سندس نالي سان جيڪو ڪلب ٺاھيو ويو، اھو اھڙن ماڻھن جو ھو جيڪي
کيس داناءُ ماڻھن جو بادشاھه مڃيندا ھئا.
چون ٿا ته جيڪڏھن سندس خيال رباعين جي صورت ۾ ماڻھن آڏو نه اچن ھا ته
تڏھن به سائنس ۽ تحقيق جي ميدان ۾ سندس وڏي ناماچاري ھجي ھا. ھو نه رڳو آلجبرا،
رياضي جو ماھر جو، پر فلسفي، منطق ۽ نجوم تي به عبور رکندو ھو. ان وقت جي بادشاھ
پاران جوڙيل اَٺن ڄڻن جي ڪميٽيءَ ۾ ھو پڻ شامل ھو، جن جي ذمي ان وقت جلالي ڪيلينڊر
ٺاھڻ ھو. جلالي ڪيلينڊر پراڻي ايراني ڪيلينڊر جي سڌريل صورت آھي، جنھن بابت دعوي
ڪئي ويندي آھي اھو غلطين کان پاڪ آھي. سندس شاعريءَ ۾ شراب، عورت، پيار ۽ محبت جو
گھڻو ذڪر آھي. فٽز جيرالڊ جڏھن کيس ترجمو ڪيو ته خراسان جي علائقي نيشاپور جو خيما
ٺاھيندڙ گهراڻي جو ھي فرد شھرت جي بلندين تي پھچي ويو. جيتوڻيڪ مشرق ۾ سندس شاعري
ٻين صوفي شاعرن وانگر ئي ظاھري ۽ باطني معنائن ۾ پڙھي ۽ سمجهي وڃي ٿي، جنھن ۾
ڳوڙھين ڳالھين کي مڌ ۽ مستي ۾ لڪائي پيش ڪيو ويو آھي پر جيرالڊ جي ترجمي سبب پھريان
ائين ئي ٿيو ته ھن کي اولھه وارن ماديت پرست طور ڏٺو پر بعد ۾ مترجم ان معاملي جي
وڌيڪ اکيل ڪري ڪجھه شين کي واضع ڪيو. فٽز جيرالڊ پاران ترجمو ڪيل رباعين مغرب وارن
تي تي ھوريان ھوريان پنھنجو اثر ظاھر ڪيو، پراڻي مڌ وانگر خيام جي لفظن جو جادو
مٿن آشڪار ٿيو ته اھي سندس ديوانه ٿي پيا. خيام رياضيءَ، آلجبرا، جاميٽري سميت ٻين
علمن تي ڏھه کن ڪتاب لکيا. ھو فلڪيات جو ماھر سمجهيو ويندو ھو، کيس ان وقت جي
حڪمران ھڪڙي رصد گاھه ٺھرائي ڏني جتي ھو مشاھدو ڪندو ھو.
من
بنده عاصيم، رضائي تو ڪجاست؟
تاريڪ
دلم، نور و صفائي تو ڪجاست؟
ما
را تو بھشت اگر بطاعت بخشي
اين
مزد بود لطف و عطائي تو ڪجاست؟
آئون
گنھگار آھيان، پر تنھنجي رضا ڪٿي آھي؟ منھنجي دل گناھن ۾ غرق آھي ته تنھنجو نور
ڪٿي آھي؟ جيڪڏھن مان تعبيداري ٿو ڪيان ته جنت ٿو ڏين، اھا ته مزدوري ٿي. تنھنجي
سخاوت ۽ عنايت ڪٿي آھي؟
لبنان
ڄائي ليکڪ امين معلوف "سمرقند" جي نالي سان ھڪڙو ناول لکيو آھي، جيڪو
1989 ۾ شايع ٿيو ھو. ان ناول ۾ ھن عمر خيام جي رباعين جي مسودي جي وڃائجي وڃڻ واري
واقعي کي افسانوي انداز ۾ لکيو آھي. اھي رباعيون جيڪي عمر خيام يارھين صدي ۾ لکيون
ھيون ۽ جن بابت دعوي ڪئي ويندي آھي ته انھن رباعين جو اھو مسودو جڳ مشھور جھاز
ٽائيٽينڪ سان ٻڏي ويو ھو. امين معلوف ھن ناول ۾ يارھين صدي دوران ايران ۽ ايشيا جي
تصوير ڇڪي آھي ۽ وري 900 ورھين بعد انقلاب کان اڳ ايران کي ھڪ انگريز جي اک سان
ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪو خيام جي مسودي جو متلاشي ھوندو آھي. ناول ۾ خيام جي
مسودي جو مختلف ماڻھن وٽ ھجڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي. امين معلوف ھن ناول ۾ ٽن اھم
شخصيتن جو ذڪر آھي، جن ۾ عمر خيام، نظام الملڪ طوسي ۽ حسن بن صباح شامل آھن.
ناول
۾ ھڪڙي جاءِ تي ليکڪ عمر خيام جي واتان چوائي ٿو ته:
"درٻاري
زندگي منھنجو مقدر ناھي، آئون چاھيان ٿو تہ ھڪ ڏينھن گلاب جي باغ ۾ وڃان، منھنجي
ھڪ ھٿ ۾ جام ھجي ۽ پاسي ۾ ھڪ خوبصورت عورت ۽ انھن ئي سوچن ۾ آئون آسمان جي وشالتا
۾ گم ٿي وڃان."
عمر
خيام بابت حليم بروهيءَ جو خيال ڪجھه ٻيو ھو. ھن چيو ته خيام شاعر نه ھو، پر ھن جو
پنھنجو
الڳ فلسفو ھو، جيڪو ھن رباعين ۾ پيش ڪيو.
اردو
۾ بيدار بخت خيام تي ھڪڙو ڪتاب آندو آھي، جنھن ۾ ھن باريڪ بينيءَ سان خيام جي
رباعين جي مختلف ترجمن جو جائزو ورتو آھي. ياد رھي ته خيام جي رباعين کي انگريزيءَ
۾ فٽز جيرالڊ سميت ونفيلڊ، رابرٽ گريوز، ٿامپسن،. رچرڊ گيليئين، سميت انيڪ ماڻھن
ترجمو ڪيو آھي. جڏھن ته اردو سندس شاعريءَ جو پھريون مترجم حيدرآباد دکن جي راجا
مکن لال کي چيو وڃي ٿو. ان بعد ميرا جي، صبا اڪبرآبادي ، آغا شاعر سميت ڏھن کان
وڌيڪ ماڻھن خيام کي ترجمو ڪيو آھي.
پروفيسر عزيز احمد عمر خيام تي ھڪڙو منظوم ڊرامو به لکيو. خيام تي ھڪ
فلم پڻ ٺھي جنھن کي 2005 ماسڪو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ انعام مليو. سنڌي ۾ عمر
خيام کي مرزا قليچ بيگ سميت، پروفيسر عطاءُ الله ابڙي، انجنيئر شفقت حسين وڌي سميت
ڪجھه ٻين اديبن پڻ ترجمو ڪيو آھي. خيام ارڙھين مئي 1048 تي ڄائو ۽ ٽين ڊسمبر 1131
۾ وفات ڪري ويو.
اي
دوست! اچ ته سڀاڻي جو غم ڇڏيون، ھي وقت جيڪو اڄ مليو آھي، ان کي غنيمت سمجھون.
سڀاڻي جڏھن ھيءَ دنيا پراڻي ٿي ويندي ته اسان به انھن جھڙا ئي ٿي وينداسين، جيڪي
اسان کان ھزار سال پھريان ھئا.
No comments:
Post a Comment