Wednesday, May 29, 2024

حادثي جي متاثرين جو علاج معالج ۽ بحالي لاءِ ضروري سھائتا!... | مٺل جسڪاڻي


سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪڏھن سھولتون ھجن، تہ وت آھر ھلندڙ خيراتي ۽ نفعو ڪمائڻ لاءِ ڪاروباري يعني خانگي اسپتالن ڏانھن غريب ۽ وچولي طبقي وارا تہ ڇا، سکيا ستابا بہ مُنھن نہ ڪن، رُخ نہ رکن بنا ڪجهہ ڪرڻ يا ٽل سل سان جيڪڏھن گذارو ٿئي، تہ ڪير بہ گذر سفر نہ ڪري. گذر سفر جا ذريعا ججها ۽ اطمينان بخش ھجن، تہ ٿوري اجرت واريون ڏکيون مزدوريون ۽ ملازمتون ڪير ڇو ڪري؟ گهر ھوندي بي گهر، ڏينھن رات سفر جھڙو ڏکيو روزگار يعني ڊرائيونگ بہ خوشي مان تہ ڪير بہ ڪونہ ٿو ڪري.

سماجي ۽ معاشي تنگين جي ڪري وقتي بيزاري تہ ممڪن آھي، پر ساھہ ڪنھن کي مٺو ڪونھي؟ خودڪشي جھڙيون ڇڇورپايون گهٽ علمي سبب ٿين ٿيون، پر جيڪڏھن واجب تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ھجي، سڀني جي سکيا ممڪن ھجي، تہ اتفاق جھڙا نقصان، ھاڃا ڪونہ ٿين. نہ ڪو اپاھج ٿئي، نہ ئي ڪو عمر کان اڳ ابدي ننڊ سمھي.

معمول بڻيل روزاني روز جا رستي روڊ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ريل، تہ ڪڏھن وري ھوائي حادثا، سڀ جا سڀ صرف حادثي جي شڪار فرد نہ، ان فرد جي سڄي خاندان تي قيامت گذرڻ جھڙا واقعا آھن. انھن مان ھر ھڪ واقعو ڏيل ڏڪائيندڙ، حيراني ۽ پريشاني جو سبب بنجندڙ ھجڻ ڪري، ننڍڙو معمولي حادثو بہ ڪير بہ ڪونہ ٿو چاھي، پر جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ حادثا ٿي رھيا آھن. متاثرين جون مشڪلاتون وڌي رھيون آھن. خاندان بي يار و مددگار ٿي رھيا آھيا آھن. جيئڻ ڏکيو ٿي رھيو آھي.

حادثن جي حوالي سان لکجي، تہ ڪھڙي ڪھڙي حادثي جو حوالو ڏجي، ڪھڙي جو ڇو نہ ڏجي؟ ھر حادثو صرف ڌيان نہ ٿو گهري، حادثي جي شڪار جي ھر ممڪن مدد بہ گهري ٿو.

ويجهڙائي ۾ حيدرآباد ـ ٺٽو روڊ تي ھڪ دردناڪ حادثو ٿيو آھي. اخباري خبرن مطابق ھڪ ئي ڳوٺ ماڻڪ بھراڻي جا ڪي سورھن ـ سترھن بھراڻي، ھڪڙي سوزوڪي ۾ سوار ٿي، محنت مزدوري ڪرڻ لاءِ ويندي، حادثي جو شڪار ٿيا، تہ چار ـ پنج (ھڪ اخبار موجب ست) وفات ڪري ويا، سورھن زخمي حيدرآباد اسپتال پھچايا ويا، جن مان چئن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب ڪراچي موڪليا ويا.

ٻين وانگر ھن حادثي جي شڪار پورھيتن پڻ، پورھئي جي اجوري مان پنھنجو پنھنجو ڪٽنب ڪيئن پئي پاليو ھوندو؟ اھو سوال اھم نہ آھي. اھم سوال اھو آھي، تہ ھڪڙي ڳوٺ جي ساڳي ذات وارن ۾ ڪي تہ پاڻ ۾ ويجها عزيز بہ ھوندا. جن مان فوت ٿيل ۽ زخمي، مختلف عمر وارا بہ ھوندا. ڪو نوجوان گهوٽ ھوندو، ڪو اھل ايال جو اڪيلو ڪمائيندڙ ھوندو، ڪنھن جا معصوم ٻار ھوندا. ڪنھن جا پيرسن والدين ھوندا. ڪي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جا ڀرجهلا ھوندا. ڇا ڇا نہ ھوندا ۽ ڇا ڇا ھوندا؟...

ھر ھڪ حادثو ڌيان ڇڪائي ٿو، ھر ھڪ حادثو پريشان، پشيمان ڪري ٿو، پر ھڪ ئي ڳوٺ جي سورھن ـ سترھن پورھيتن سان پيش آيل ھي اجتماعي حادثو وسري نہ پيو!

ھي حادثو نہ وسرڻ جو اھم سبب مھانگائي، غربت، ٻئي جي ڪم اچڻ جو رجحان نہ ھجڻ، ٻئي جي مالي سھائتا ممڪن يا ناممڪن جي مشڪوڪ صورتحال آھي.

پڇجي بہ تہ ڪنھن کان پڇجي، عرض ڪجي بہ تہ ڪنھن کي عرض ڪجي، خبر وٺجي بہ تہ ڪھڙي ڪھڙي حادثي جي، ڪيئن وٺجي، تہ حادثي جي شڪار پورھيتن ۽ انھن جي ڪٽنبن جي ڪنھن سار لڌي؟ ڪنھن ڪھڙي مدد ڪئي؟

حادثا ھاڻ ايترا عام ٿي رھيا آھن جو متاثرين سان ڏک ۾ شريڪ ھجڻ جو لفظي اظھار، مذمت ڪرڻ جا سلسلا بہ ڄڻ تہ رڪجي ويا آھن!

مطالبا بہ سدائين ٿيندا رھيا آھن، پر حادثا بہ روزاني روز ٿي رھيا آھن، جنھن ڪري متاثر خاندانن جون حالتون ڳڻتي جوڳيون ٿيڻ بہ معمول آھي. ضرورت ان امر جي آھي، تہ صرف مطالبا، صرف اعتراف ۽ صرف ارادا ۽ رٿابندي ڪرڻ سان، حادثا ٿيڻ بند تہ ڇا، گهٽ ٿيڻ بہ ممڪن نہ آھي. جيستائين ممڪن ٿين، تيستائين حادثي جي متاثرين جو علاج معالج ۽ بحالي لاءِ ضروري سھائتا ٿيڻ گهرجي.

 

No comments:

Post a Comment