Saturday, May 25, 2024

اوهان جي عمر ٻاهٺ ٽيهٺ سال ته هوندي؟ | ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو


پنهنجي عمر لڪائڻ جي معاملي ۾ هروڀرو عورتون بدنام آهن. جڏهن ته ڪجهه مرد به ان مامري ۾ گهٽ ناهن. ڏاڍا رنگ روغن ۽ ميڪ اپ شيڪ اپ ڪري پنهنجي عمر گهٽ ڄاڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن. ڪيترا ڪُرڙا ته پوڙها ئي نه ٿا لڳن.

هو پنهنجي ظاهري ڏيک ويک جو فائدو به وٺي ويندا آهن. ڀل سندن اندر اونداهو هجي پر ٻاهرينءَ سونهن جو کٽيو کائيندا آهن. خاص ڪري ڪيريئر ۽ ملازمت جي مامرن ۾ هتي اهڙا کوڙ مثال آهن ته ڏسڻ وائسڻ ۾ سهڻا، سيبتا، ڳالهائڻ ۾ تيز ترار پر ڪم ۾ جڏا، مُڏا، ٽوٽي ۽ موقعي پرستيءَ جا ماهر.
عمر جي مامري ۾ مٿي جا وار سڀ ئي راز پڌرا ڪري ڇڏن ٿا. اڇن وارن سان مردن توڙي عورتن جي دشمني وڌي وئي آهي. وار کسڻ ته عام ٿي ويو آهي، پر رهيل کهيل وارن کي رنگ ڪري جواني برقرار رکڻ به عام آهي. ڪي همراهه ته وِگ به استعمال ڪن ٿا. بهرحال پاڻ کي خوبصورت رکڻ هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي. اسان کي ساڙ نه ڪرڻ گهرجي. هتي آءٌ پنهنجا عمر جي لحاظ سان ٻه چار واقعا اوهان سان ونڊيان ٿو، جن جو مقصد تفريح سان گڏ پنهنجي صحيح عمر بيان ڪرڻ آهي.
منهنجا پِرڪار ڏسي ٻن چئن سالن کان لڳ ڀڳ ڏهن ماڻهن (جن ۾ عورتون شامل ناهن) منهنجي عمر جا غلط اندازا لڳايا آهن، ڪن چيو ته اوهان ڀلا رٽائرمينٽ کان پوءِ اردو يونيورسٽيءَ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪيو ٿا ڇا؟ ڪن چيو اوهان به رٽائر ٿيڻ وارا هوندا؟ وغيره وغيره.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفري صاحب هڪ ڪچهريءَ ۾ چيو ته اوهان جي عمر 62-63 سال ته هوندي؟ (جعفري صاحب جي وڏي ڀاءُ شمشيرالحيدري صاحب سان ريڊيي تي گڏ ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي شايد ان ڪري سندس ذهن ۾ سوال اُڀريو).
ٻين سوال پڇندڙن ۾ ميان گل محمد ڪلهوڙو صاحب، گل حسن لاکو صاحب، امام علي ڏيٿو صاحب ۽ ٻيا شامل آهن. هن وقت جڳ مشهور شاعر تاجل بيوس صاحب جو ننڍو ڀاءُ محمد يعقوب سمون صاحب 66-67 سالن جو آهي، وهاب سومري صاحب پاران ٻه سال اڳ سچل ڳوٺ ۾ ملهايل منهنجيءَ سالگرهه تي تقرير ڪندي يعقوب سمين صاحب فرمايو ته ڪمال ڄامڙو ۽ اسان ڳوٺائي ۽ هڪ جيڏا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته ننڍپڻ ۾ رانديون به گڏ کيڏيون هجن. ڪجهه دوستن جي انهن سوالن پڇڻ جو هڪ سبب ته منهنجا افعال ۽ شڪل شبيهه پر ڪن جو ڪارڻ اهو هو ته سائين اوهان جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙ ڪريو ٿا، اهڙي قسم جي جدوجهد گهڻي ڀاڱي رٽائر اديب ۽ ڪامورا ڪندا آهن. جڏهن هو ملازمت ۾ هوندا آهن ته کانئن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي وسريل هوندي آهي. ڪنهن دوست چيو ته مان اڄ کان پندرنهن ويهه سال اڳ ريڊيي پاڪستان تي اوهان جو پروگرام شوق سان ٻڌندو هيس، ڪنهن چيو ته اوهان ويهن پنجويهن سالن کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکو پيا، مطلب ته سينيئر ليکڪ آهيو، تنهن ڪري اوهان جي عمر به وڏي هوندي...

مان اوهان سڀني دوستن کي عرض ڪندو هلان ته مون چوڏنهن پندرنهن سالن جي ڄمار ۾ گل ڦل، عبرت ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. 1998ع ۾ منهنجو پهريون تحقيقي ڪتاب شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ شايع ڪرايو هو.
مون 2006ع ۾ پي ايڇ-ڊي به ننڍيءَ عمر لڳ ڀڳ 32-33 سالن ۾ ڪئي هئي. ان سبب دشمنيون به وڌي ويون، ڪيريئر جا قتلام پڻ ٿيا. گهٽ پگهار، سهولتن جي اڻهوند ۽ رنڊڪن جي باوجود مون لاڳيتو ڪم ڪيو آهي. جنهن سبب پنهنجي کاڌ خوراڪ، لباس، صحت ۽ سينگار تي ڌيان نه ڏئي سگهيس. مون کي ان جو ڪوبه پڇتاءُ ناهي، ها البت ويساهه گهاتين ٿيڻ تي ڏک ضرور ٿيندو آهي.
منهنجي هن وقت عمر پنجاهه سالن کان به گهٽ آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٽيهن سالن جو علم ادب، تحقيق، تدريس، ثقافت، سماجي خدمت، ميڊيا، انتظام ڪاريءَ وغيره جو تجربو آهي.
مان جنهن به اداري ۾ رهيو آهيان، اتي ٿيل ڪم منهنجين صلاحيتن جي گواهي ڏيندو. ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي، ثقافت کاتو، شايع ٿيل چاليهارو کن ڪتاب وغيره منهنجا شاهد آهن.

منهنجو علمي ادبي ڪم گهڻي ڀاڱي ڪتابي صورت ۾ سڀني جي آڏو آهي. هونءَ ته سوين شاگرد آهن پرستن پي ايڇ-ڊي ۽ ٽن ايم فل شاگردن کي مقالا مڪمل ڪرائي چڪو آهيان.
مون کي پنهنجي علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ڪم جي موٽ ۾ تمام گهڻو پيار به مليو آهي. لڳ ڀڳ 25 ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن.

2011ع ۾ جڏهن آمريڪي حڪومت منهنجي علمي ادبي ڪم جي مڃتا ۾ مون اڪيلي کي آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪرايو هو ته منهنجي دوست ڊي جي ڪلچر منظور احمد ڪناسري صاحب مون کي مزاق ۾ چيو هو ته مختلف اديبن جو توسان ساڙ ته معمولي ڳالهه آهي، مون کي کٽڪو آهي ته توکي هاڻي مارائي نه ڇڏن! آغا سليم صاحب به ان ڪچهريءَ ۾ موجود هو ۽ اسان ٽنهي ان ڳالهه تي ٽهڪ ڏنا هئا. مون کي نه سهندڙ مون کي ماري ته نه سگهيا پر نقصان وڏا رسايا اٿن.

هڪ دلچسپ ڳالهه اوهان سان اها به ونڊيان ٿو ته، منهنجا افعال ته اڳ ئي بڇڙا هئا پر جڏهن آمريڪا ويس ۽ مختلف ماڻهن سان ملاقاتون ڪيم ته اهو تاثر مليو ته هتان جا ماڻهو لباس ۽ ٺاهه ٺوهه تي ڪو خاص ڌيان نه ڏيندا آهن. هنن جي اوليت ڪم هوندو آهي. مون به ان سوچ کي اڳتي وڌايو. مطلب ته ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجو گهڻو وقت سينگار ۾ لڳائيندو ته پوءِ سندس ڪم سخت متاثر ٿيندو. دعا ڪريو ته منهنجو حوصلو، همٿ ۽ صحت برقرار رهي ته پنهنجي حصي جو رهيل ڪم به ساڳيءَ رفتار سان ڪندو رهان. پنهنجي عمر عام ڪرڻ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو ته دسمنن کي ڪو وجهه ملي وڃي ۽ ڪيريئر جي قتلام سان گڏ ڪو ٻيو نقصان به پهچائن، تنهن ڪري منهنجو هيءُ ليک رڪارڊ تي رکيو وڃي. 

No comments:

Post a Comment