دنيا جي جڳ مشهور ڏاهي ڪارل مارڪس پنهنجي ڳوڙهي مطالعي کانپوءِ هڪ
ڏاڍي سادي پر گهري ڳالهه ڪئي ته، دنيا بنيادي طور ٻن طبقن، يعني هڪ اهو طبقو جيڪو
ظلم ڪري ٿو ۽ ٻيو طبقو جنهن تي ظلم ٿئي ٿو، ۾ ورهايل آهي. مطلب هڪ طبقو ظالمن تي
مشتمل آهي ته ٻيو مظلومن تي. بدقسمتي اها آهي ته، ظالم طبقو تمام ننڍي اقليت تي
ٻڌل آهي، جڏهن ته مظلوم طبقو تمام وڏي اڪثريت تي، تنهن جي باوجود به اڪثريت اقليت
هٿان لٽي ۽ ڦري ويندي رهي ٿي. اقليت جي ان طاقت جو سڀ کان وڏو سبب کيس ميسر اهي
پيداوار جا ذريعا آهن، جن تحت ظالم طبقو هرروز پنهنجي دولت ۾ اضافي ڪرڻ سان گڏوگڏ
پنهنجي طاقت ۾ به اضافو ڪندو رهي ٿو. مارڪس انساني تاريخ جي جن ڇهن مرحلن جي ڳالهه
ڪئي، تن ۾ اوائلي ڪميونزم، غلامداري، جاگيرداري، سرمائيداري، سوشلزم ۽ ڪميونزم
شامل آهن. انهن ڇهن مرحلن مان دنيا جا کوڙ سارا ملڪ هن وقت چوٿين مرحلي، يعني سرمائيداري
نظام جو حصو آهن ۽ ڪجھ ملڪ پنجين مرحلي، يعني سوشلزم تي پڻ پهتل آهن. پر ان جي
باوجود پاڪستان ۾ اڄ به اسين ٻئي ۽ ٽئين مرحلن، يعني غلامداري ۽ جاگيرداريءَ مان
جان نه ڇڏائي سگھيا آهيون.
غلاميءَ جون به مختلف شڪليون ٿين ٿيون. اڄ کان ڪجھ ڏهاڪا اڳ تائين
سنڌ ۾ وڏيرا ۽ جاگيردار پنهنجي هارين، بشمول سندن گھر جي عورتن جي، کي زرخريد غلام
بڻائيندا ايندا هئا، جنهن تحت هڪ ئي خاندان جون ڪيتريون پيڙهيون ڪجھ پئسن جي قرض
عيوض غلام در غلام بڻجنديون رهنديون هيون. اهو سڀ ڪجھ ويهين صديءَ تائين پڻ سنڌ ۾
جاري رهيو، جيڪو ظلم ڀريو سماج اڄ کان ڪيئي صديون اڳ آفريڪي ملڪن ۾ برپا هو، جتان
بيٺڪيتي ڌريون ماڻهن کي قيد ڪري، کين غلام بڻائينديون هيون ۽ بقول ڪارل مارڪس جي،
غلامداري سماج قبائيليت/جاگيرداري سماج کان پهرين وارو سماج هو، پر اسان وٽ اهي
ٻئي، يعني غلامداري ۽ جاگيرداري نظام گڏ گڏ هلندا رهيا آهن. اها غلامي سڌيءَ ريت
ماڻهن کي پنهنجي قيد ۾ وٺي غلام بڻائڻ واري هئي، پر سنڌ ۾ اڄ سوڌو ٻين مختلف قسمن
جي غلاميءَ جا طريقا پڻ جاري آهن، جن ۾ اڻپڙهيل، گھٽ پڙهيل ۽ ڊگريءَ جي اعتبار کان
تمام گھڻو پڙهيل ماڻهو پڻ ان غلاميءَ جو شڪار آهن. اها غلامي سياسي وڏيرن، جيڪي
اڄڪلهه وزير مشير بڻجي پوريءَ سنڌ جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن، تن جي غلامي آهي.
سنڌ سميت پوري ملڪ جي پارلياماني سياست سردارن، وڏيرن، پيرن،
جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ بدمعاشن وٽ يرغمال آهي، جيڪي ڪوڙن واعدن عيوض ماڻهن کان
ووٽ به وٺن ٿا ته ساڳئي وقت اسٽيبلشمينٽ جا سهڪاري پڻ بڻجن ٿا. پر اهو نه وسارڻ
گھرجي ته، عوامي طاقت کان بغير چور دورازي ۽ ڪوڙن واعدن تحت اسيمبلين تائين پهچندڙ
سياستدان به آزاد هرگز نه آهن، پر اهي به اسٽيبلشمينٽ جا ڳيجھو بڻيل آهن. ائين ئي
ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پڻ آئي ايم ايف سميت آمريڪا ۽ ٻين طاقتور ملڪن جي پيرن ۾ ڪريل
رهي ٿي. مطلب ته غلاميءَ جي هڪ ڊگھي زنجير آهي، جنهن ۾ هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾
غلام بڻيل آهي. ائين ئي هر سرڪاري توڙي نجي ادارن اندر صاحب وڏي کان ويندي هيٺئين
سطح تائين غلاميءَ جي زنجير ۾ پورو اسٽاف جڪڙيل رهي ٿو، جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجي ڪم
تي ايمانداريءَ سان ڌيان ڏيڻ جي بجاءِ، پنهنجي صاحب (بوس) کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳو
رهي ٿو. بهرحال ان غلاميءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀوڳنا جو شڪار عوام ئي بڻجي ٿو، جيڪو هڪ
ئي وقت پنهنجي تر جي ڀوتار کان ويندي، ٽئڪس ڏيڻ سميت مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي
گھاڻي ۾ پيڙهجي ٿو. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو جرئت جو مظاهرو ڪندي، غلاميءَ کي
گار چئي، بغاوت جو علم بلند ڪري ٿو ته، ان سان ناظم جوکيي ۽ نصرالله گڏاڻيءَ سميت
ٻين به ڪيترن ئي صحافين، اديبن، شاعرن، استادن، وڪيلن وغيره جيان کين ڪاٺ ۾ وڌو
وڃي ٿو، يا مورڳو ئي سندن ساهه جي تند بند ڪئي وڃي ٿي. ساڳئي وقت الميو اهو آهي
ته، معاشري اندر امن امان قائم ڪرڻ ۽ ظلم کي روڪڻ لاءِ عوام جي ئي ٽئڪس سان ڀرتي
ڪيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن طرفان پڻ انهن ئي ظالمن جو ساٿ ڏنو وڃي ٿو،
جن جي هو غلامي ڪن ٿا. انهيءَ صورتحال ۾ ڏٺو وڃي ته، ان کان وڏو الميو ٻيو ڀلا
ڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته، رات ڏينهن محنت ڪري، ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ بڻيل
ڪامورا به وڏيرن ۽ سردارن جي پيرن ۾ ڪريل رهن ٿا ۽ انهن جي غلامي ڪن ٿا. مثلن هن
ملڪ ۾ جتي ميرٽ جو قتل عام روز جو معمول بڻيل آهي، اتي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن وڏيري
جي سفارش تي نوڪري حاصل ڪري ته ان جي غلامي وري به سمجھ ۾ اچي ٿي. پر ٻئي طرف جيڪي
نوجوان پنهنجي محنت سان ڪاموراشاهيءَ جي پوزيشن وٺن ٿا، سي به جيڪڏهن ائين وڏيرن ۽
ڀوتارن جا غلام بڻيل رهندا ته پوءِ باقي سماج جو ڇا ٿيندو!؟
جيتوڻيڪ هونئن ته پوري سنڌ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙهجندي رهي ٿي، پر
جهڙيءَ طرح اتر سنڌ مقتل گاهه بڻيل آهي، جتي هر آئي ڏينهن جان محمد مهر کان ويندي
ڊاڪٽر اجمل ساوند جهڙا ڪونڌر ڪٺا وڃن ٿا ۽ هر روز ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿين ٿا، ان
جي باوجود به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڇو ڪو ٻوٽو نه پيا ٻارين؟ جيڪڏهن ادارن جي ان
ناڪامي ۽ بيحسيءَ جي خلاف نصرالله گڏاڻيءَ جهڙو ڪو صحافي ميدان تي اچي، پوليس کي
مليل بڪتربند گاڏين جي وڊيو رڪارڊ ڪري، سماج کي ڏيکاري ٿو ته، عوام جي پئسي تي
پلجندڙ پوليس فورس ڪيئن وڏيرن جي ڳيجھو بڻيل آهي ۽ ڪيئن ميرپور ماٿيلو، گھوٽڪي ۽
آس پاس جا وڏيرا عوام جو رت چوسين پيا ته ان صحافيءَ کي سرعام گولين جو بک بڻائي
شهيد ڪيو وڃي ٿو. ڇا اهڙي ظلم ۽ بربريت کانپوءِ به اسان پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو آزاد
شهري چئي سگھون ٿا؟ ان ظلم خلاف سنڌ جا ”باشعور“ ماڻهو ڇو خاموش رهن ٿا؟ فقط انڪري
ته متان سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪو وڏيرو يا ڪو ورديءَ وارو ناراض ٿي پئي؟ ڇا ان صورتحال
۾ به اسان اهو چئي سگھون ٿا ته، هيءَ اها ئي سنڌ آهي، جيڪا ارغونن، مغلن، ترخانن،
مدد پٺاڻ، انگريزن، پنجابي تسلط ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ سان جھيڙيندڙ سنڌ
هئي؟ ڪيڏانهن ويو اسان جو اهو شاندار ماضي، جنهن ۾ سنڌين جي بهادريءَ جا مثال ڏيئي
اسان ٿڪجندا نه آهيون؟ ڇا هاڻي اسان جي اها مزاحمتي نفسيات مڪمل طور مري چڪي آهي؟
ڇا ائين ئي سکر، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، گھوٽڪي ۽ ٻين علائقن ۾ هرروز
ماڻهو اغوا ٿيندا ۽ ڪسجندا رهندا ۽ خيرپور جي حويلين ۾ معصوم فاطمه ڦرڙو جا لاش ملندا
رهندا، پر اسان سڀ پوءِ به چپ جو روزو رکي ويٺل هونداسين؟ ڇا اهو آهي سنڌ جو حال ۽
مستقبل ته اسين نالي ماتر جمهوري پارٽيءَ جي وڏيرن، سردارن، پيرن ۽ ميرن وٽ يرغمال
بڻيل رهنداسين؟ ائين ئي سنڌ جا سياسي ڪارن ۽ نوجوان هر آئي ڏينهن رياستي ادارن
هٿان کنڀجندا رهندا، پر پوءِ به اسين سڀ آئين ۽ قانون کي سامهون رکي، رياستي ادارن
جي غيرآئيني ۽ عيرقانوني عملن جي مخالفت نه ڪنداسين؟
اها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي، جو هڪ طرف سنڌ هيٽ ويو ۽ موسمياتي
تبديلين جي ڪري، آڙاهه ۾ سڙي رهي آهي ته ٻئي طرف مزاحمتي سياست برف جيان ٿڌي بڻجي
چڪي آهي. جيڪا سنڌ ڪالهه تائين ڪالاباغ ڊئم ۽ گريٽر ٿل ڪينال خلاف سراپا احتجاج
بڻجي، ظالم قوتن جي سامهون للڪار بڻجندي هئي، سا سنڌ اڄ سوڪهڙي جو شڪار هئڻ سان
گڏوگڏ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ هٿرادو لاٿ جي باوجود به اگھور ننڊ ستل آهي. حڪومتن طرفان
تعليم جي بجيٽ گھٽائڻ سبب هر سال فين ۾ ٿيندڙ اضافي ۽ بيروزگاري جا رڪارڊ ٽٽڻ جي
باوجود، سنڌ جو نوجوان يا ته مڪمل خاموش ويٺل آهي، يا وري اهو به ساڳين ئي وڏيرن ۽
وزيرن جي درن جا ڌڪا کائڻ ۾ مصروف آهي. هن دور ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، مزاحمت جا
طريقا پهرين کان به وڌيڪ موجود آهن، جن ۾ سماجي ميڊيا هڪ اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان
پاڪستان سميت پوريءَ دنيا تائين پنهنجو آواز پهچائي سگھجي ٿو، جنهن جو تازو مثال
آمريڪا جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جي شاگردن/شاگردياڻين جو فلسطين جي حمايت ۾ جاري
احتجاج آهي، جنهن ذريعي فلسطين جي مظلومن جي آواز کي تمام گھڻي تقويت ملي آهي. پر
ٻئي طرف اسان جو نوجوان خوف جو شڪار آهي ته سندس آواز اٿارڻ سان ڪٿي حڪومت ۾ ويٺل
ڀوتار يا ڪامورو ناراض نه ٿي پئي، جيڪو اڳيان هلي هن لاءِ ڪو مسئلو پيدا نه ڪري.
انهيءَ صورتحال ۾ منهنجي خيال ۾ ڏوهه ان نوجوان جو نه آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده
صورتحال ۾ نوجوانن جي اڪثريت خوف ۽ ڪو به طريقو اختيار ڪري، ڪجھ حاصل ڪرڻ جي چڪر
کي انڪري به لڳل آهي، ڇاڪاڻ ته سياسي ڌرين جي سينيئر قيادت هاڻي مزاحمتي سياست کان
گھڻو پري هلي ويئي آهي. جيڪڏهن ڪا سياسي ڌر مزاحمت جو علم بلند ڪري به ٿي ته، ان
وٽ به اڄ جي نوجوان کي پنهنجي طرف متوجع ڪرڻ جو ڏانءُ نه پيو اچي. نتيجي طور سياسي
ڌرين ۽ نوجوانن جي وچ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيل رهي ٿو، جيڪو مزاحمتي سياست لاءِ تمام
گھڻو هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو.
ان سڄيءَ صورتحال ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته آخر اهڙو ڇا ڪجي، جنهن سان سماجي بيحسي کي مزاحمت ۾ تبديل ڪجي؟ منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين سياسي پارٽين کي پنهنجي سياسي لائين تي غور ڪرڻو پوندو ته ڇا اڄ جي دور جي حساب سان انهن جي حڪمت عملي ڪارآمد ثابت ٿي سگھي ٿي؟ ائين ئي کين سڀ کان وڏي آبادي، يعني نوجوانن کي پنهنجي سياسي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ لازمي طور ڪو جوڳو پروگرام سامهون آڻڻ گھرجي. نوجوانن کي سياسي ڌارا ۾ متحرڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي اڌ آبادي، يعني عورتن، جن جو موچارو تعداد پڻ نوجوانن تي مشتمل آهي، کي پڻ سياسي ڌارا ۾ خاص اهميت ڏيڻ سان اڳيان آڻڻ گھرجي. سنڌ جي قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي تنظيمن کي بجاءِ فقط حيدرآباد کي پنهنجو سياسي قلعو بڻائي رکڻ جي، هاڻي اتر سنڌ ۾ به پنهنجو دائرو وڌائڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته هن وقت عوامي ۽ مزاحمتي سياست جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت اتر سنڌ وارن ضلعن ۾ آهي، انڪري مزاحمتي سياست جو مرڪز اهي ئي علائقا هجڻ گھرجن. ائين ئي اتر سنڌ خاص طور سکر تعليمي حوالي سان پڻ ڄامشوري جيان اڳيان اچي پيو، جتان جي نوجوان نسل کي پرامن ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات واري سياست طرف اڳتي آڻڻ پڻ انتهائي ضروري آهي. ائين ئي اتر سنڌ جي علائقن ۾ جيڪا قبيلائي باهه ڀڙڪيل آهي، ان کي وسائڻ لاءِ به درست حڪمت عمليءَ واري سياست جي انتهائي ضرورت آهي. ساڳئي وقت حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سميت پوريءَ سنڌ ۾ مزاحمتي سياست کي واپس آڻڻ لاءِ سياسي ڌرين کي گرينڊ ڊائيلاگ طرف وڃڻ گھرجي. سياسي ڌرين سان گڏوگڏ عوام، بشمول پڙهيل لکيل ۽ نوڪري پيشه ماڻهن کي به سوچڻو پوندو ته، مفادپرستي ۽ ڪجھ سطحي ۽ ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾، پنهنجي قوم سان غداري نه ڪرڻ گھرجي. اسان سڀني کي پنهنجي محنت ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو، پنهنجي خاندان ۽ پنهنجيءَ قوم جو مستقبل سنوارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. تنهنڪري اچو ته سڀ گڏجي اهو وچن ڪيون ته اسان سڀ سماجي بيحسيءَ کي ٽوڙي، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف تيستائين گڏيل آواز اٿاريندا رهنداسين، جيستائين اهي ڪوڙ، ٺڳي، مڪاري ۽ ظلم جا ڪوٽ ڊهي پٽ نه ٿا پون.
No comments:
Post a Comment