Saturday, September 12, 2015

مضبوط آهي مٽي جي گواهي ـ غزل ـ ھدايت ڌيپر

 


غـــــــزل     

  

مضبوط آهي مٽي جي گواهي،

توسان محبت سچي جي گواهي.

بدنام شهرت ملي جا اسان کي،

نينگر  هٿان سا چٺي جي گواهي.

انمول مونکي ڪري ٿس ڇڏيواڄ،

ڏئي دار تي دوستي جي گواهي.

سرهاڻ چپ تي ڇڏي آ هلي وئي،

هي موت ڏيندو چمي جي گواهي.

--------------------------------------------

ٿا روئـــــن رستا سموراهن سچي راهي کانپوءِ،

دوســــتن ڀوڳيو گهڻو کوٽي وڏي کاهي کانپوءِ.

سونهن ڏي ڪاهيندو رهيو ناو پنهنجي پيار جي،

ٿـــــــــــــــي لڳو ويتر جوان هر جڳهه ساهي کانپوءِ.

رات ٿئي جي ڏينهن کانپوءِ ساٿ چنڊ به ڏي ڇڏي،

پاڻ پــــنهنجو ٻـــارجو سڀ يار اونــــــداهي کانـــــپوءِ.

ڪون ڪنهن کي ياد هئي ڪا هوءَ سولي ير ڪڏهن،

وئي امر بڻجي ”هدايت“ جي چڙهئي ڦاهي کانپوءِ.

--------------------------------------------

هڪ آس ڪري پوري ٻي آس کنيو ٿو اچي،

دريـــاءَ سڄو پئيندي ته به پياس کنيو ٿو اچي.

ڪشڪول ڪري پنهنــــجا هي نيــــڻ ويو اڄ،

ڏس جهول ڀري زخمي احساس کنيو ٿو اچي.

ڪلهه شام نــــگاهن ۾ ڪي خواب هيا نسريا،
سي خواب پچي ٿيا آهن اڄ راس کنيو ٿو اچي.

ڪو چنڊ اجهـو اڀريو هي ڀونءِ ٿيندي روشن،

۽ باک ڦٽـــــــي پوندي وشواس کنيو ٿو اچي.

محبــــوب رٺل پرچي سرعــــام ٿيو هن جو،

درگاهه ڀـــــــٽائيءَ تي ڏس باس کنيو ٿو اچي.

--------------------------------------------

دوستن جي شـــــــهر مان اچي ٿو پيو،

ڄڻ ته ٽانڊن جي ڄر مان اچي ٿو پيو.

ساٿ سان هو ويو پيــــار جي پار ڏي،

هيڪلو اڄ ولـــــر مــــــان اچي ٿو پيو.

ڪونه هان مان خدا ڪنهن جو اي مورکو،

ٻــــــڌ پــــڙاڏو پــــــٿر مــــــان اچـــــــي ٿو پيو.

خوبصورت خـــــــــــــيالات زخمي کـنيو،

چاهتن جي نـــــــــــــگر مان اچي ٿو پيو.

روشنيءَ جي لئه جلايو مون هو ديپ جو،

ڏس ته ٻــــــرندو بحـــــــــر مان اچي ٿو پيو.

موت کي مات ڏئي بخشيندو زندگي،

تيــــــــــــــر هن جي نظر مان اچي ٿو پيو.