سنڌ جي روايتن منجهان هڪ
روايت اها به رهي آهي ته جڏهن ڪنهن گهر ۾ پٽاڻو اولاد ٿيندو هو ته کدڙا فقير
انهيءَ گهر پهچي ويندا هئا ۽ سماج ۾ کدڙن (فقيرن) کي وڏي عزت ۽ احترام سان ڏٺو
ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي تمام گهڻا حساس ۽ صدورا سمجيا ويندا آهن، هُنن جو ڪنهن به
در تي تڏهن ئي وڃڻ ٿيندو آهي جڏهن ان گهر ۾ پٽاڻو اولاد ٿيندو آهي، هي فقير منش
ماڻهو انهيءَ تازي ڄاول ٻارڙي جي صحتيابي، ڊگهي ڄمار، خوشحالي، مان مرتبي ماڻڻ
سميت کيس وني ماڻڻ جو دعائون ڏيندا آهن، مٽن مائٽن وانگر نچي ڪڏي ٻارڙي جي والدين
توڙي مائٽن کي مبارڪون ڏيندي اهڙي خوشي واري موقعي تي کائن خيرات گهرندا آهن، هي
دل جا اجرا ۽ اجڙيل فقير پنهنجي اندر جا سمورا درد وساري شادين مرادين جي موقعي تي
خوشي جا گيت ڳائي نچي ڪڏي ڪاڄ کي چار چنڊ لڳائيندا آهن پر هاڻي اها روايت ڄڻ ماضي
جو حصو بڻجندي پئي وڃي، انهي جو وڏو ڪارڻ سماج ۾ ڦهليل انارڪي آهي پر کدڙن فقيرن
کي ايذائڻ، رنجائڻ ڪهڙي مردانگي آهي؟، جيڪا انسانيت ۽ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪندي
هجي؟.
اڄڪلهه سماج ۾ کدڙن فقيرن
سان جيڪو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو اهو انساني قدرن جي خلاف آهي، اهڙا ڪيترائي واقعا اسان
جي سامهون ايندا هوندا، جيئن ڪراچي ۾ مقامي بسن ۾ سفر ڪندي ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏسڻ وٽان
ملندو آهي ته بس ۾ جڏهن ڪو کدڙو چڙهندو آهي ته انهيءَ کي ليڊيز پورشن ۾ ويهڻ لاءِ
مرد چوندا آهن ۽ عورتون وري انهن کي مردن واري پورشن ۾ ويهڻ لاءِ چونديون آهن،
رستي ويندي کدڙي کي ڏسي هر پاسي کان مردن جا هوڪرا شروع ٿي ويندا جنهن جي نتيجي
طور پريشان ته وري به هڪ انسان ٿيندو آهي. ( جنهن ڪري ته چيو ويندو آهي ته مئل مرد
کان جيئرو کدڙو ڀلو)، اهو ئي انسان (کدڙو) پيٽ پالڻ لاءِ روڊن تي پنندي نظر ايندو
آهي جيڪو جواني ۾ ٻين لاءِ روح جي راحت بڻبو آهي پر سندس زندگي موت کان به بدتر
بڻائي وئي آهي، ڇو ته ڀاءُ، ڀيڻ، پيءُ ماءُ هوندي به اهي انهن کان پري زندگي گذارڻ
تي مجبور ڪيل هوندا آهن ۽ سندن اها خواهش هميشه اندر ۾ وڍ جيئان رهجي ويندي اٿن ته
هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو جڏهن ڪو ساٿي من جو اوسيئڙو بڻجندو، اهو درد انهن جو مقدر
هوندو آهي، جيڪو ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين جاري رهندو آهي.
“هڪ ڏينهن خبر ٿي
وينداسين،
ٻئي ڏينهن قبر ٿي
وينداسين،
ڪنهن پريم ڪٿا جي پيرا
جي،
ڪا زير زبر ٿي وينداسين.”
شاعر ادل سولنگي جون اهي
سٽون ان وقت منهنجي ذهن تي تري آيون جڏهن پشاور جي عليشا کي سرعام روڊ تي 6 گوليون
هڻي زخمي ڪيو ويو، عليشا جنهن کي مردن نه عورتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو پر انهي کي ٽين
جنس قرار سڏيو وڃي ٿو تنهن ڪري اهو مونجهارو به ٿئي ٿو ته لکڻ ۾ کيس مذڪر يا مونث
طور پيش ڪجي، جيئن عليشا پشاور ۾ پاڪستان ٽرانسجينڊر ايڪشن ڪميٽي ضلعي جي
ڪوآرڊينٽير هئي/هيو. واقعي جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور جي
ڀري بازار ۾ 6 گوليون هڻي عليشا کي سخت زخمي ڪيو ويو جنهن کي ساٿي کڻائي اسپتال
پهتا. جتان جي مسيحائن کان پيشوارڻيون خدمتون ڄڻ ائين وسري ويون جيئن ٺمڪن تي ڪو
هوش وڃائي ويٺو هجي، ميڊيا جي خبرن موجب پهريان ته اسپتال انتظاميا عليشا کي داخل
ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر جڏهن ساٿين سندس حياتي جي پرواهه ڪندي دٻاءُ وڌو ته
عليشا کي مردن واري وارڊ ۾ رکيو ويو جنهن تي ساٿين احتجاج ڪيو ته عورتن واري وارڊ
۾ رکيو وڃي وري جڏهن زخمي عليشا کي عورتن واري وارڊ ۾ رکيو ويو ته اتي وري ٻين عورتن
احتجاج ڪيو جتان وري ڊاڪٽرن عليشا کي مردن واري وارڊ ۾ آندو پر انهيءَ وچ ۾ جنسي
تڪرار سبب انسانيت تڙپي رهي هئي، نيٺ عليشا کي آپريشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو پر
انهي دوران وري ڊاڪٽرن کي عليشا جي حياتي کي موجود خطري بدران ساڻس گڏ آيل چڱن ڀلن
صحتياب سهڻن ستابن ساٿين جي وڏي پرواهه هئي. اطلاعن موجب ڊاڪٽر اسپتال ۾ مرڻ جهڙي
حالت ۾ پيل عليشا جي ساٿين کدڙن مٿان اهو دٻاءُ وجهي رهيا هئا ته مسيحن جي حوس
پوري ڪريو، رقص ڪريو ۽ انهي دوران مسيحا رقص ۽ حوس جون قيمتون مقرر ڪرڻ ۾ پورا هئا
ته پٺيان عليشا جي قيمتي جان ضايع ٿي وئي، کدڙن فقيرن عليشا جو مڙهه دفنائڻ لاءِ
رسمون ادا ڪرڻ لاءِ مولوي کي سڏايو جنهن وري جنازي نماز کان اڳ جيڪي لفظ چيا اهي
لکڻ جهڙا به ناهن، پر انهيءَ وچ ۾ اهو منظر سماج جي منهن تي چماٽ وانگر هو ته رت
جو رشتو نه هئڻ باوجود ساٿي کدڙا فقير عليشا جي موت تي ماتم ڪري رهيا هئا، جنسي
ظلم، سماجي انارڪيءَ ۾ عليشا جي موت تي انسانيت ڏک ۾ روئي رهي آهي، حوس جي حوارين
جي روين جي نندا ڪري ٿي.
عليشا جي واقعي کي ڏسڻ کان پوءِ جتي معاشري جي روين جي خبر پئي ٿي اتي ملڪي قانوني ۽ آئين جي اثر جو پتو پڻ آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. هن معاشري ۾ رياستي ادارن ٽين جنس وارن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي پنهنجيون سموريون ذميواريون ڄڻ پوريون ڪري ڇڏيون آهن پر انهن جي حفاظت، روزگار، زندگي گذارڻ لاءِ گهربل سهولتون، معيار، تعليم ۽ ٻين ڪمن ۾ اهميت ڪڏهن ڏني ويندي؟، ڊرون حملن تي گڏيل قومن جي چارٽر جي ڳالهه ڪندڙ پاڪستان حڪومت پاڻ گڏيل قومن جي انساني حقن واري چارٽر تي عمل ڪڏهن ڪندي؟. سدا سهاڳڻين لاءِ ڌار جاءِ ٺاهي ڏيندڙ ادارا کدڙن لاءِ ڪڏهن شيلٽر هوم جو بندوبست ڪندا؟. عليشا جا موت کان اڳ اهي لفظ هئا ته ”اسان معاشري جو سڀ کان ڪمزور طبقو آهيون پر حڪومت اسان جي جائز حقن مان به ڪو حق نٿي ڏي.“