سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان تاريخ 6 نومبر
2016ع آچر ڏينهن صبح 9 وڳي تعلقه سول اسپتال مورو ۾ سگا ساٿي ۽ مرڪزي روح روان
پروفيسر مظهر الدين ميمڻ مرحوم جي ياد ۾ هڪ ڏينهن واري مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري
ڪيمپ ٿي گذري . ڪيمپ مرحوم مظهر الدين ميمڻ جي لائق فرزندن ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ
ماهر اسڪن ڊزيز ۽ سندس ڀا ءُ جيڪو پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾
آفيسر آهي. جن جي ذاتي دلچسپي ۽ تعاون سان ڪراچي مان چمڙي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم
دوائون کڻي رات جو ساڍي يارنهن وڳي مورو پهتا، سگا ساٿين نظر حسين ميمڻ ۽ ٻين سندن
استقبال ڪيو ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ تي اچڻ لاءِ کين مبارڪباد ڏني ـ
رات جي آرامي ٿيڻ بعد صبح سوير اٺين وڳي سگا نائب صدر نظر
حسين ميمڻ ۽ حاجي ڀليڏنو ميمڻ ويلفيئر ٽرسٽ مورو جي سرگرم ساٿي امان الله مورائي
کين ناشتو ڪرائڻ بعد سول اسپتال مورو وٺي آيا، ٻئي طرف تعلقه سول اسپتال مورو جي
ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالڪريم ڏاهري بهترين تعاون ڪندي اسپتال احاطي ۾ ڪيمپ
جا انتظام مڪمل ڪرايا، جيڪي سگا صدر اسلم عباسي ۽ ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ فرائض
انجام ڏنا. سول اسپتال مورو ۾ صبح جو سوير سگا صدر اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري حفيظ
الرحمان شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد، پريس سيڪريٽري وسيم الرحمان شيخ، خزانچي
سرفراز علي ميمڻ ساٿين ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ، اسڪائوٽ گروپ مظفر گلاباڻي، زاهد
ڏيپر، قاضي شفيع محمد طرفان اسڪول جا استاد پڻ مفت چمڙي ڪيمپ ۾ رضاڪارانه خدمتون ڏيڻ لاءِ پهتا،
جڏهن ته سگا ڪراچي شاخ جو سابق جنرل سيڪريٽري اياز محمد ميمڻ “راڻو” خاص مرڪزي
چيئرمين سگا جي هدايتن تي ڪيمپ ۾ پهتو. جاکوڙي صحافي فقير دين محمد ڪلهوڙو، ميڊيا
رپورٽنگ لاءِ جاني مورائي، رياض عالماڻي ايڇ ٽي وي آواز ٽي وي ، ڌرتي جي ڪوريج ڪرڻ
لاءِ پڻ پهتا ـ
سگا طرفان هن مفت چمڙي ڪيمپ جو افتتاح ۽ پروگرام جي صدارت
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشهروفيروز ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته هن موقعي تي ڊاڪٽر
جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سگا صدر اسلم عباسي، نائب صدر نظر حسين
ميمڻ، جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ، سرفراز علي ميمڻ، امان الله مورائي، امام
الدين سولنگي، وسيم رحمان شيخ ۽ ٻيا سگا ساٿي پڻ موجود هئا. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر
مورو عدنان رشيد پڻ ڪيمپ جو دورو ڪيو. هيلٿ ڊيپارٽمينٽ نوشهرو فيروز جي ڊي ايڇ او
ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو افتتاح ڪندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سگا مورو
سماجي خدمتن ۾ پاڻ مڃايو آهي. اڄوڪي هي مفت چمڙي ڪيمپ مان سوين مريض فائدو حاصل
ڪندا ۽ هن قسم جون مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ سگا پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. هن مورو
سگا صدر اسلم عباسي هيلٿ ڪاميٽي چيئرمين نظر حسين ميمڻ کي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ آئنده
به تعاون ڪرڻ جو مڪمل يقين ڏياريو. ان بعد
پاڻ سگا ساٿين سان گڏجي سول اسپتال احاطي اندر ڪيمپ دوران چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرن
طرفان مريضن کي طبي معائنو ڪندي ڏٺو ويو ۽ دوائن جي اسٽور جو پڻ دورو ڪيو. عورتن، ٻارڙن ۽ مردن مريضن جي وڏي
انگ ۾ شرڪت رهي. شهر مورو ۽ ان جي آس پاس پسگردائي ڳوٺن سونهري فارم، شاهپور،
دولتپور، دادو مورو پل، ملڪ، ڏيپارجا، ڪانڌڙا ڪالوني، نوان جتوئي، مٺياڻي، سڌوجا،
ڦل، مناهي ۽ آس پاس جي رهواسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت رهي. سگا شاخ ڦل جو وفد پروفيسر
بخش علي چانڊيو، اڪرم ڦل، خالد ميمڻ ۽ چانڊيو صاحب جي اڳواڻي ۾ پهتو ۽ ڪيمپ جو
دورو ڪيو ـ
ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سندس ٽيم اٺن ڊاڪٽرن تي مشتمل هئي، اندازي
موجب ٻه هزار مريضن کي تپاسيو ويو ۽ مفت بهترين دوائون پڻ ڏنيون ويون. سگا طرفان
لڳايل مفت چمڙي ڪيمپ ۾ مورو شهر جي معززين سگا ساٿين، سماج سڌارڪن ۽ سول سوسائٽي
نمائندن هر هڪ نثاراحمد ميمڻ، لال خان، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، سيد محسن علي شاھ،
ڪائونسلر ملڪ شبير، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال، پروفيسر افتخار
ٻگهيو، راڻو غلام مصطفي، ڄام ذوالفقار، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، فهد رضا ايڊووڪيٽ،
تصور ميمڻ، امام الدين سولنگي، ولي محمد ميمڻ، اڪبر ميمڻ، محمد عاقل، آصف نظر ميمڻ
۽ ٻين ڪيترن ئي معززين جي آمد ۽ شرڪت رهي. هي ڪيمپ صبح 9 وڳي کان 3 وڳي تائين جاري
رهي آخر ۾ ٻاهران آيل ڊاڪٽرن، سگا ساٿين، اسڪائوٽ گروپ، ورڪرن ۽ ڪيمپ ۾ حصو وٺندڙ
۽ خدمتون ڏيندڙن جي مان ۾ منجهند جي ماني جو اهتمام ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو ڊسٽرڪ
هيلٿ آفيسر طرفان سندس رهائشگاھ تي رٿيل هو. جتي سڀني مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي ۽
ڊاڪٽر صاحب سڀني جو آڌر ڀاءُ ڪيو، اهڙي طرح شام چئين وڳي ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سندس
ٽيم واپس ڪراچي رواني ٿي وئي ـ