Monday, September 18, 2017

تاريخي ماڳ “ميان نور محمد ڪلهوڙي” جا قبا ـ اسلم عباسي


سمن جي خوشحال سلطنت 16 صدي ۾ غلامي ۾ جڪڙجي وئي 17 صدي ڌاري ڪلهوڙا خاندان سنڌ جي آزاد حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ تاريخ جي پردي تي ظاهر ٿيو. ڪلهوڙا خاندان پيري فقيري ۽ مريدي سبب هڪ قوت ٿي اُڀريو ۽ مغلن جي خلاف ويڙهاند ڪئي. هن خاندان جي ٽن مک رهنمائن ميان آدم شاھ ڪلهوڙي، ميان شاھل محمد ڪلهوڙي ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي کي مغل سامراج شهيد ڪرايو. سنڌ مغل سامراج “دهلي راڄ” ماتحت هئي. ميان وال تحريڪ جي سرواڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي هن تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺرايو. ان بعد 1701ع ڌاري سنڌ جون واڳون ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مليون. جنهن خدا آباد کي تخت گاھ بڻايو. ان بعد 1719ع ڌاري سندس فرزند ميان نور محمد ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو.

ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو مدبر ۽ داناءُ حڪمران ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي حڪمت عملي سان سنڌ کي آهستي آهستي مغلن جي تسلط مان آزاد ڪرايو. ان وقت دهلي، ايران ۽ قابل ڪنڌار طاقتور ملڪ هئا ۽ سنڌ مٿان انهن جو راڄ قائم هو. اهو ئي سبب آهي جو انهن ملڪن جا حڪمران ڍل آبيانو وصول ڪندا هئا ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ مٿان حملي آور پڻ ٿيندا هئا ۽ سنڌ مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ پروانا جاري ڪندا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي خارجه ۽ ادروني پاليسي اهڙي اختيار ڪئي جنهن ذريعي سبي، ڍاڍر، بکر، سيوستان جا علائقه حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٺٽي کي پڻ حاصل ڪيو ۽ ٻاهرين قوتن سان پڻ جنگيون ڪيون. جڏهن ته ساڳئي وقت اندروني معاملن کي پڻ عقلمندي سان منهن ڏيندو رهيو. جنهن ۾ شڪارپور جي دائود پوٽن، قلات جي حاڪم عبدالله بروهي سان جنگ پڻ شامل آهي. ٻن صدين بعد سڄو سنڌ جو ملڪ وري متحد ٿي مقامي ڪلهوڙا حاڪمن جي حڪومت ۾ آيو. جيڪا وڏي حاصلات ۽ ڪاميابي رهي.    

سنڌ جي نامور تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب “ڪلهوڙا دور حڪومت” ۾ لکيو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ اندر ڪيترائي آبپاشي جا واھ کوٽرايا ۽ زمين کي آبادي لائق بڻايو. هن سنڌ کي خوشحال بنايو، اهو ئي سبب آهي جو ايران جي بادشاھ نادر شاھ ڍل ۽ آبيانو وصول ڪرڻ لاءِ 1740ع ڌاري سنڌ مٿان حملو ڪيو ۽ سنڌ جي دولت، ڪتب خانه لٽي ڦري کڻي ويو. جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي اهو فيصلو ڪيو ته نادر شاهه سان جنگ ڪرڻ سنڌ کي باھ ڏيڻ برابر هوندو ۽ ان سان لڙائي ڪرڻ مطلب پاڻ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ آهي تڏهن ميان صاحب دانائي ۽ حڪمت عملي سان فيصلو ڪيو ته نادر کي هلائي هلائي ۽ ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائجي ۽ اناج جا ذخيرا پڻ لڪائي ڇڏيا، نتيجو اهو نڪتو ته نادر شاهه ميان نور محمد کي ڳوليندو رهيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ڊوڙايائينس. ميان صاحب ٿر منهن ڪيو ۽ عمرڪوٽ وڃي نڪتو مگر نادر به پيڇو نه ڇڏيو ۽ ميان صاحب جي پويان هلندي عمرڪوٽ وڃي پهتو. ميان صاحب ۽ نادر شاهه جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي انهيءَ وچ ۾ نادر ميان نور محمد ڪلهوڙي کان پڇيو ته “ ٻڌو اٿم ته تو وٽ لال آهن” ميان صاحب چيو ته “مون وٽ ٻه لال آهن هڪ اٽو ۽ ٻيو گيھ، جنهن وٽ اهي ٻه شيون هونديون آهن انهن وٽ ڪابه کوٽ نه هوندي آهي.” نادر شاهه ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پوءِ نادر جي حملي دوران جنگ ۾ جيڪو نقصان ٿيڻ کپندو هو اهو نه ٿيو بلڪه تمام گهٽ نقصان ٿيو. ڇاڪاڻ ته نادر شاهه تمام گهڻو طاقتور بادشاهه هو ۽ پوءِ سنڌ مٿان خراج مقرر ڪيائين. گڏو گڏ ميان صاحب جي فرزندن کي پڻ ڍل نه ڏيڻ عيوض پاڻ سان گڏ ايران وٺي ويو.

پروفيسر گل حسن لغاري ڪتاب واليءَ سنڌ ۾ پنهنجي مقالي اندر بيان ڪيو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جو لکيل ڪتاب منشورالوصيت و دستور الحڪومت جيڪو هڪ وصيت نامو آهي ان جهڙو عظيم شاهڪار ڪتاب هن دور ۾ ملڻ مشڪل آهي ۽ هي ڪتاب شفاف آئيني وانگر آهي جنهن ۾ ميان صاحب جي مذهبي عقيدت، سياسي فڪر ۽ سڄي زندگي جي تجربن کي حقيقي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو ڪلهوڙا دور جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو هي وصيت نامو مختصر ۽ جامع آهي. جنهن مان ميان صاحب جي مزاج، طبعت ۽ رويي جي خبر پوي ٿي ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ سندس ٺاهيل بنيادي اصول پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن. نصيحت ۽ اخلاف سڌاري جي ڳالهين کي نهايت واضح ۽ چٽي نموني سان پيش ڪيو ويو آهي.

ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جي حاڪمن ۾ گهڻن واقعن سبب منفرد حيثيت رکي ٿو، هندستان کان ويندي، اصفحان ۽ قنڌار تائين ويندي غير معمولي واقعا پيش آيا، جن جو گهرو اثر سنڌ مٿان ۽ ڪلهوڙن حاڪمن تي آيو. سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ ڪلهوڙا دور جا آثار قديمه، تعميراتي يادگار، مسجدون ۽ ڪوٽ قلعه سنڌ جي تهذيب جو اهڃاڻ آهن. ڪلهوڙا دور جو فن تعمير هڪ شاهڪار نادر نمونو آهي، هن دور ۾ فن تعمير جو وڏو حصو مقبري سازي ۽ مسجد سازي ۾ ڏسجي ٿو، هن دور ۾ ٿيل تعميرات سنڌ جي اڳين تعميرات جو تسلسل آهي. جنهن جو نمونو مڪلي ٺٽي ۾ موجود هو. ڪلهوڙا دور جي فن تعمير ۽ تاريخي آثارن ۾ پٿر جو استعمال گهٽ ٿيو ۽ ڪاشي جو استعمال وڌيڪ ٿيو.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ مٿان 16 سال حڪمراني ڪئي ۽ تاريخ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل سنڌ کي متحد ۽ منظم ڪيو ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن کي محفوظ ڪندي آزاد وطن جو تصور ڏنو، سندس دور حڪومت ۾ ڪيترائي تاريخ ساز ڪم ٿيا جن ۾ تعميرات ٿيل يادگار پڻ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هن ئي دور ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جي مقبرن، مسجدن، ڪوٽ قلعن ۽ آثارن جي تعمير ٿي. جن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا.

·        مقبرو ميان آدم شاهه ڪلهوڙو: ميان آدم شاهه ڪلهوڙو پهريو شخص هو، جنهن مغلن خلاف جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار کيس ملتان ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. سندس وصيت مطابق سندس ميت سکر آڻي هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جنهن کي آدم شاهه جي ٽڪري ڪري چيو وڃي ٿو.

·        مقبرو ميان الياس محمد ڪلهوڙو: جيڪو محمد دائود جو پٽ ۽ ميان آدم شاهه جو پوٽو هو، سندس مقبرو ڏوڪري تعلقي لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي.

·        مقبرو ميان شاهل محمد ڪلهوڙو: هي مقبرو لاڙڪاڻي کان قمبر ويندڙ روڊ گهاڙ واھ سان موجود آهي، جنهن مغلن خلاف ويڙهاند ڪئي. هي مقبرو وڏي ٿلهي تي تعمير ٿيل آهي، ان ۾ ڪاشي به استعمال ڪئي وئي آهي.

·        مقبرو ميان نصير محمد ڪلهوڙو: هي مقبرو دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاهه جي تعلقي ۾ آهي جيڪو ڪاڇي ۾ ڳاڙهي لڳ واقع آهي. هي تعميرات پٿر سان ڪئي وئي آهي ۽ ممڪن آهي هي مقبرو محمد يار محمد ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ ٺهيو هجي. هن مقبري سان گڏوگڏ تاريخي قبرستان موجود آهي. جنهن ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميان وال تحريڪ جا پوئلڳ، جنگي جرنيل، فقير ۽ ٻيا مدفن آهن. ڪيترن ئي قبرن مٿان ننڍا ننڍا مقبرا جوڙايل آهن جيڪي مڪلي جي قبرستان جيان ڏيک ڏين ٿا.

·        مقبرو ميان دين محمد ڪلهوڙو: هي مقبرو پڻ ڳاڙهي ۾ موجود آهي. جيڪو عام سادو مقبرن جيان آهي، ميان دين محمد کي پڻ مغلن جي بغاوت خلاف قيد ڪري ملتان ۾ وٺي ويا، جتي کيس 1700ع ۾ ڦاسي ڏني وئي.

·        مقبرو ميان يار محمد ڪلهوڙو: ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان وٺي ميان نصير محمد ڪلهوڙي تائين مغلن خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۽ ڪلهوڙا خاندان جي مسلسل ٽن پيڙهين کان قربانين ۽ شهادتن کان پوءِ سال 1701ع ڌاري ميان يار محمد ڪلهوڙو اقتدار حاصل ڪيو ۽ 18 سال حڪومت ڪرڻ بعد سال 1719ع ۾ وفات ڪئي. سندس تخت گاھ دادو جي ڀرسان خدا آباد جو شهر هو. سندس مقبرو تعميراتي لحاظ سان نهايت اهميت رکندو هو. جيڪو هم چورس پيڙھ ۾ ڏاڍو ويڪرو آهي. ڪاشي جي رنگين سرن سان اڏاوت ٿيل اٿس. باقي ٽن پاسن تي قبي ۾ مٿي ونگن تي ڪشاديون دريون ٺهيل آهن. جيڪي مقبري اندر روشني ۽ هوا ڏين ٿيون. هن مقبري جي تعميرات ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪرائي.

·        مقبرو ميان غلام شاهه ڪلهوڙو: سنڌ کي آزاد وطن واري حيثيت ڏياريندڙ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جو مقبرو حيدرآباد ڪلهوڙا ڪالوني ۾ واقع آهي. ڪلهوڙا حاڪمن جي مقبرن ۾ هي مقبرو وڌيڪ شاندار، مضبوط ۽ اڏاوت جو هڪ شاهڪار آهي. مزار سنگ مرر جي ٺهيل آهي. ڪاشي جا سهڻا ۽ خوبصورت نمونا استعمال ڪيا ويا آهن. تازو انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ڪلچر کاتي حڪومت سنڌ جي تعاون سان مقبري جي خوبصورتي بحال ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. جنهن جو سهرو عبدالحميد آخوند ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو ڏي وڃي ٿو.

·        مقبرو ميان غلام نبي ڪلهوڙو: هي مقبرو پڻ حيدرآباد ۾ واقع آهي، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کان سڏ پنڌ تي ڏکڻ طرف موجود آهي. اندازو آهي ته هي مقبرو سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي جي دور ۾ تعمير ٿيو.

·        مقبرو ميان سرفراز ڪلهوڙو: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان سرفراز سنڌ جو حاڪم ٿيو. کيس حيدرآباد پڪي قلعي ۾ 1777ع ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس مقبرو دادن شاهه پاڙي کان مارڪيٽ ويندڙ رستي تي واقع آهي.

·        مقبرو شاهه بهارو: شاهه بهارو ڪلهوڙا دور جي حاڪم ميان نور محمد جي وقت ۾ سپھ سالار ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي. هن جو منارو ڏاڍو ناياب ۽ دلفريب آهي ۽ ڪاشي سان سينگاريل آهي. هن ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون. سندس مقبرو زبون حال ۾ آهي.

·        مقبرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي: ڪلهوڙا دور کي سنڌي ادب جو سونهري دور پڻ ليکيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ئي دور ۾ سنڌي ٻولي جو عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه ڄائو ۽ 1751ع ڌاري وفات ڪيائين. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀٽائي سرڪار سان تمام گهڻي عقيدت مندي هئي ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس روزو جوڙايو. جيڪو سرڪار جي توجھ سبب هن وقت تائين عاليشان ۽ شاندار ڏيک ڏئي رهيو آهي.

ان کان علاوه ڪلهوڙا دور ۾ فن تعمير ۽ يادگارن ۾ ڳاڙهيءَ جي جامع مسجد، خدا آباد جي جامع مسجد جيڪي ضلعي دادو ۾ موجود آهن جڏهن ته هالاڻي جي جامع مسجد جيڪا ضلعي نوشهروفيروز جي شهر هالاڻي ۾ موجود آهي، جيڪا ڪلهوڙا دور جي نامور عملدار محراب خان جتوئي جي تعمير ڪرايل آهي.

ڪلهوڙن حاڪمن پنهنجي حڪمراني دوران ڪيترائي قلقا ۽ ڪوٽ تعمير ڪرايا، جن ۾ قلعو لاڙڪاڻو جنهن جا هاڻ نشان وڃي بچيا آهن. ڪوهستان جو قلعو، عمرڪوٽ جو قلعو، پڪو قلعو حيدرآباد ۽ ڪچو قلعو حيدرآباد ۽ حيدرآباد شهر جو پڻ بنياد رکيائون. جنهن نيرون ڪوٽ پڻ چيو ويندو آهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت جو نامور، داناءُ ۽ مدبر حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جنهن سنڌ مٿان (1719-1753) 35 سال حڪمراني ڪئي ان جو تاريخي مقبرو ضلعي شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) جي تعلقي قاضي احمد، شاھپورجهانيان لڳ النور شگر مل کان اوڀر طرف چند ڪلوميٽرن تي واقع آهي جيڪو ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ ڳاڙهي ۽ خدا آباد کان پوءِ ٽيون نمبر سرڪاري حيثيت ماڙيندڙ تخت محمد آباد نالي سان هو، جيڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي گادي واري حيثيت رکندڙ هو. اهو تاريخي ماڳ “محمد آباد” هن وقت ديھ ميان نور محمد ۾ “ميان جا قبا” جي نالي سان مشهور آهي. هتي ميان صاحب جو شاندار مقبرو، سندس گهرواري مائي گلان جو تجر، جامع مسجد، ڪلهوڙا دور جي جنگي جنرلن، وفادار ساٿين جا تاريخي مقبرا ۽ وڏو هڪ قبرستان موجود آهي جيڪو 64 ايڪڙن تي مشتمل آهي هن تاريخي قبرستان ۾ ڪلهوڙن حاڪمن جا مريد عقيدتمند ۽  آسپاس جي رهندڙ قبيلن ذاتين، برادرين ۽ ڀر وارا رهواسي پنهنجي عزيزن مٽن مائٽن کي هن قبرستان ۾ دفن ڪندا آهن. هن درگاھ تي هر سال تاريخ اٺين ذوالحج تي عرس شريف (ميلو) ٿيندو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ زائرين شرڪت ڪندا آهن.

سنڌ جو هي تاريخي ماڳ تخت محمد آباد نالي سان ٺهرايو ويو. جيڪو هن وقت ميان جا قبا جي نالي سان مشهور آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تاريخي مقبرو سندس فرزند ميان غلام شاھ ڪلهوڙي 1763ع ڌاري جوڙايو. ڇاڪاڻ ته ميان غلام شاھ سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي ماڳ مڪانن ٺهرائڻ ۾ بيحد دلچسپي رکندو هو هن ڪيترائي پنهنجي دور حڪومت ۾ تاريخ ساز ڪم ڪيا ۽ فن تعمير جو نادر نمونو پيش ڪيو. سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جو روضو پڻ ڪلهوڙا حاڪم ميان غلام شاھ تعمير ڪرايو هو. ماهر ارڪيالاجي نياز رسول ڄاڻايو آهي ته هي مقبرو ٽڪنڊي ديوار اندر آهي ۽ اوڀر پاسي واري ديوار ۾ داخلي دروازو اٿس. ديوار اٽڪل 8 فٽ بلند آهي ۽ سندس ٻنهي پاسن کان جنهن ۾ اندرين ۽ ٻاهرين پاسن تي نقش نگار آهن. هي مقبرو پڻ اونچي پليٽ فارم تي اڏيل آهي جنهن جي ڊيگھ 80 فٽ ۽ ويڪر 70 فٽ آهي ۽ اهو ٽڪنڊي ديوار جي اولھ پاسي آهي مقبري جو تر پٿر جو جڙيل آهي ديوارون سرن جون ٺاهيون ويون آهن. سمورو مقبرو 48 فٽ ڊگهو 45 فٽ ويڪرو ۽ 57 فٽ اونچو آهي. گنبذ جي کڻائي وٽ هڪ چوطرف گيلري اٿس ۽ چار 8 ڪنڊا ڪنگرا ڇت مٿان اٿس ۽ اندران پڻ سمورو 8 ڪنڊو آهي. گنبذ 8 ڪنڊي محرابن تي مشتمل آهن مقبري جي ٻنهي پاسن کان 2 ننڍا مقبرا پڻ موجود آهن اهي مقبرا ننڍن گنبذن سبب عورتن کي دفنائڻ لاءِ آهن مقبري جي هيٺين پاسي چار ٻيا به مقبرا آهن جن جا گنبذ پڻ ننڍا آهن هن وقت تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي هنن مقبرن ۾ ڪير دفنايل آهي. ان کان علاوه مقبري جي ٻاهران ڪجھ ٻيون به قبرون آهن جن ۾ ڪجھ گچ سان پلستر ٿيل آهن ۽ ڪجھ پڪين سرن جون آهن. مقبري اندر ميان نور محمد جي قبر کان سواءِ هڪ شهزادي ميان علي مراد جي تربت پڻ آهي. ان کان علاوه رانڪ ميان خداداد خان جيڪو ميان نور محمد جو ٽيون نمبر پٽ هو اهو به هن ئي قبرستان ۾ دفن آهي. جڏهن ته ميان فضل علي، ڀائي خان، ميان قبول محمد، جلال خان ۽ صحبت خان ڏنگراج جيڪي ڪلهوڙن جي درٻار جا امير هئا. ان سان گڏوگڏ قائم خان ڪورائي جو مقبرو پڪين سرن سان اٺ پاسائن اڏيل آهي. جيڪو بند مقبرو آهي. ان کان علاوه ڳهڻو خان ڪليري، آڍو خان ۽ ٻڍو خان جن مٿان مقبرو اڏيل آهي ۽ ٻنهي جون قبرون گڏ آهن. هن تاريخي ماڳ ۾ مراد فقير سنديلو سندس خاندان جا ٻيا فرد پڻ مدفن آهن. ان کان علاوه کهاوڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ محمد حسن کهاوڙ ۽ بختيار خان کهاوڙ پڻ  هن تاريخي ماڳ ۾ دفن آهن. هن ميان جي مقبري جا مجاور اڄ ڏينهن تائين جتوئي قبيلي سان لاڳاپيل آهن. جن جا چند گهر هن وقت ميان جي مقبري ٻاهران موجود آهن.

نامياري ماهر ارڪيالاجي اشتياق انصاري ڪتاب “ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو شاهجهان” ۾ پنهنجي تحقيقي مقالي “ ڪوٽ گلان” ۾ لکيو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گهرواري مائي گلان جي قبر پڻ هن ئي قبرستان ۾ دفن آهي. جنهن جو تجر ٺهيل آهي. مائي گلان جو تجر ميان نور محمد جي مقبري ٻاهران اتر اولهه ڪنڊ تي 300 فٽن تي واقع آهي. تجر جي ڊيگھ 16 فٽ ۽ ويڪر 20 فٽ ۽ اوچائي 13 فٽ کن ٿيندي. تجر کي اوڀر پاسي محرابي در ٺهيل آهي ۽ سندس اتر ۽ ڏکڻ ۾ پڻ محرابي دريون آهن. تجر جي ڀتن جي ٿولھ ٽي فٽ آهي، مزار جي بناوٽ ۾ سنهيون خوبصورت سرون استعمال ڪيل آهن. جن تي پليستر مٿان چُن جو رنگ ڏنل آهي، تجر مٿان چئن ڪنڊن تي ۽ تجر جي ڇت جي وچئين ڪنڊ تي به ٻه نيليون بيهاريل آهن. تجر جو ڀتيون اندران توڙي ٻاهران (Pannals) ۾ ورهايل آهن جن تي رنگن سان سهڻا گل ۽ گلدان نقش ٿيل آهن. ان گلڪاري ۾ ڳاڙهو رنگ گهڻو استعمال ٿيل آهي. تجر جي اندر وچ تي فرش کان ڏيڍ فٽ کن مٿي بيگم مائي گلان جي اڪيلي قبر آهي. اها سادي قبر ڏيڍ فٽ ويڪري ۽ ساڍا پنج فٽ ڊگهي ٿيندي جنهن تي لسو پليستر ٿيل آهي. جڏهن ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري ٻاهران اتر پاسي هڪ تاريخي جامع مسجد جا ڊٿل آثار موجود آهن. جيڪا ڀڄي ڀُري ختم ٿي چُڪي آهي. ان سان گڏوگڏ مقبري جي لڳ ڏکڻ پاسي واري ديوار پڻ زبون حالي سبب ڪري پئي آهي.جنهن ڪري خدشو آهي ته ان مقبري تي ماحولياتي اثرات پڻ وڌيڪ ٿي رهيا آهن. ۽ مقبرو آهستي آهستي پنهنجي طبعي عمر وڃائي رهيو آهي.  

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص وزير ۽ صلاحڪار مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم شاهه، صدر لڪي واري جي اولاد مان هو. پاڻ اعلي پائي جو دانشور ۽ ملڪي معاملن جو ماهر هو. ان ڪري ميان صاحب وٽ سندس وڏي عزت هئي. سرڪاري دفتر ۽ ٻاهرين ملڪن سان خطو ڪتابت ڪرڻ جو شعبو سندس حوالي هو. پاڻ ڪيترن ئي فوجي صلاحيتن جو مالڪ هو. کيس مير متارو جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. سندس قبر دولتپور شهر ۾ مين روڊ تي واقع آهي.

هي سنڌ جو تاريخي ماڳ تخت محمد آباد “ميا جا قبا” هاڻ ويران ۽ برباد ٿي چڪو آهي ڪلر ٿي ويل قبرون ثقافت کاتي جي بي حسي بي توجهيءَ سبب بي حالي جو هي شاھڪار مقبرو پنهنجي سونهن ۽ اوج وڃائي رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيا تاريخي مقبرا ميسارجي رهيا آهن سنڌ سرڪار جي ڪلچر کاتي ۽ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي عدم دلچسپي سبب هتي ڪا به سار سنڀال نه ٿي رهي آهي، ملڪ اندر وفاقي سرڪار طرفان ارڙهين ترميم کان پوءِ آرڪيالوجي کاتو سنڌ صوبي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ تاريخي آثارن، ماڳ مڪانن جي مرمت، سار سنڀال (Renovation and Rehabilitation) ۽ ماڳن کي ساڳي حالت ۾ برقرار رکڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت ڪلچر کاتي حوالي ٿيل آهي پر افسوس جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي ثقافتي ۽ تاريخي سيمينار ڪوٺائي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري رهيا آهن ۽ ميان جي مقبري واسطي انهن وٽ ڪا به رٿا بندي ۽ ترجيح نه آهي. اسان سنڌ سرڪار جي صوبائي وزير ثقافت، سيڪريٽري ۽ تاريخي ماڳ مڪان کي سنڀالڻ ۽ مرمت ڪرائڻ واري کاتي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي جناب حميد آخوند کي اپيل ٿا ڪيون ته هن تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ کي بچايو وڃي ۽ ان جي سونهن ۽ ساڳي شڪل برقرار رکڻ لاءِ جلد کان جلد بجيٽ منظور ڪري ميان جي مقبري کي بچايو وڃي. ان سان گڏوگڏ هن تاريخي ماڳ تي ايندڙن، گهمندڙن سياحن، عقيدتمندن، مريدن ۽ عام ماڻهن جي سهولتن واسطي پڻ قدم کنيا وڃن ڇا ڪاڻ ته هتي سم ۽ ڪلر سبب کارو پاڻي ۽ بجلي جو نه هجڻ سبب تمام گهڻي تڪليف پيش اچي رهي آهي. هن تاريخي ماڳ ميان جا قبا کي بچائڻ لاءِ سال 1987ع ڌاري پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، عظيم سنڌي، ملڪ اسرار احمد اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ ٻين مخير حضرات جي گڏيل ڪوششن سان سيمينار ٿي گذريو، جنهن جي صدارت مانواري مظهرالحق صديقي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪرڻ فرمائي، هن موقعي تي ڪيترن ئي ملڪ جي نامور تاريخدانن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا.جيڪي پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ۽ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري طرفان ڪتاب “واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو” ڇپجي پڌرو ٿيو.   

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان سيپٽمبر 2015ع ڌاري هن تاريخي ماڳ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبن کي بچائڻ واسطي “سنڌ جا تاريخي ماڳ بچايو ڪانفرنس” پڻ ٿي گذري جنهن جي صدارت ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي ڪئي ۽ مهمان خاص مشهور تاريخدان پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري هئا. جنهن ۾ سگا ساٿين، تاريخدانن، اديبن، عالمن ۽ ماهر آثار قديمه جن شرڪت ڪئي ۽ هن تاريخي ماڳ کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي. پر هن وقت تائين ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو آهي. جس آهي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن قاضي احمد شاخ کي جن سگا مرڪز سان گڏجي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي اندر سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي بچائڻ لاءِ هي ميڙاڪو ڪوٺايو آهي ۽ اميد آهي ته سگا مرڪز سنڌ جي ۽ هن علائقي جي تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ٻين مختلف ڊونر ايجنسيز کي اپيل ڪندا ۽ پنهنجو  ڪردار ادا ڪندا.

حوالا:

1.       تاريخ ڪلهوڙا (ڀاڳو پهريو ۽ ٻيون) :غلام رسول مهر

2.       ڪلهوڙا دور حڪومت : ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

3.       واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو: پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري

4.       سنڌ جو شاهجهان ميان غلام شاھ ڪلهوڙو: اسلم عباسي

5.       تحت گاهه خدا آباد: نظير احمد ڀنڊ