Monday, December 10, 2018

سگا مورو طرفان 3 ڏينهن ڪتابي ميلو ـ رپورٽ ـ اسلم عباسي

 


سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان ڪتابي ميلو هر سال جيان هن سال پڻ تاريخ 7 ڊسمبر کان 9 ڊسمبر 2018ع تائين ڪويتا پبليڪيشن جي سربراهه موهن مدهوش حيدرآباد طرفان ٽن ڏينهن وارو علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي تقريبن ۽ رنگن وارو ڪتابي ميلو مورو شهر جي ميونسپل ڪاميٽي هال ۾ منقعد ڪيو ويو. هن ڪتابي ميلي ۾ وڌيڪ رنگين ۽ رونقون بخشڻ لاءِ شهر اندر موجود ايپٽيڪ ڪمپيوٽر ايجوڪيشن سينٽر مورو جي نوجوان جاويد علي ملاح، عاشق حسين سيهڙ، هاءِ اسڪول مورو جي بهترين استاد ذاڪر حسين ميمڻ جي محنت سان ٺاهيل ڪاٺ واري ڪم سان سائنسي، ثقافتي ماڊل جا اسٽال پڻ لڳايا ويا ۽ نوجوانن ۾ ڪمپيوٽر ، انفرميشن ٽيڪنالوجي انگريزي سکڻ واري فني مهارت، روزگار وارا وسيلا ۽ گڏوگڏ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولي شاگردن ۾ تقريري مقابلا پڻ ٿي گذريا. نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ، علمي ڄاڻ ۽ ڪتابن پڙهڻ واري رجحان کي وڌيڪ پيدا ڪرڻ واسطي مختلف پروگرام ٿي گذريا.

7 ڊسمبر 2018ع جمع ڏينهن ٺيڪ چئين وڳي ڪتابي ميلي جي افتتاح جي رسم ٿي گذري جنهن ۾ معزز مهمانن سگا مرڪزي اڳواڻن هر هڪ منظور اڄڻ، ولي محمد روشن، رفيق احمد سرهيو ۽ نامياري اديب رکيل مورائي شرڪت ڪئي. جڏهن ته سگا صدر مورو اسلم عباسي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، وزير فرهاد سولنگي جنرل سيڪريٽري، مخدوم اظهار، زاهد ڏيپر، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، زاهد حسين سيال، قاضي شفيع محمد، اسد سولنگي، جاويد مصطفي ڪانڌڙو ۽ ٻيا شامل هئا. هن موقعي تي سگا مرڪزي عهديدارن، معزز شهرين، سول سوسائيٽي، پريس ميڊيا جي سڀني صحافين پڻ شرڪت ڪئي. ان بعد ڪويتا پبليڪيشن طرفان لڳايل ڪتابي اسٽال جو دورو ڪيو ويو، افتتاحي تقريب جي اجلاس جي ڪاروائي سگا مورو شاخ جي جنرل سيڪريٽري وزير فرهاد سولنگي هلائي ۽ صدارت منظور اڄڻ مرڪزي سيڪريٽري جنرل سگا سنڌ جي حوالي ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص سابق چيئرمين سگا ولي محمد روشن ۽ سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهيو، اديب رکيل مورائي ۽ ڪويتا پبليڪيشن جو سربراھ موهن مدهوش هئا. ڪتابي ميلي ۾ شريڪ سگا اڳواڻن هر هڪ پيرل خان کوسو، پروفيسر شمس ساريو، نور محمد سيال، پروفيسر خالد حسين چنه، سريش ڪمار واڌواڻي، جاويد احمد انڙ، عبدالطيف ڪرٽيو، غلام مجتبي دايو، عبدالحميد بلو، عبدالرسول سومرو، حاڪم علي اوٺو، پروفيسر بخش علي چانڊيو، ڪانوئسلر ميونسپل ڪاميٽي مورو لالا غلام مجتبي ڪلهوڙو، سيد ڪوڙل شاھ کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ پيش ڪيا ويا. جڏهن ته محفل ۾ موجود شريڪ معززين کي گيڙو رنگ جون صوفي ايلفيون پيش ڪيون ويون. سڀ کان اول آجياڻي تقرير ڪندي سگا مورو شاخ جي جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي ۽ سندن ٿورا مڃيا. ان بعد محفل ۾ موجود مهمانن جي سنڌ جي روايتي ساز الغوزي جي سرن سان آجيان ڪئي وئي، جيڪو لوڪ فنڪار غلام نبي سولنگي ساز وڄايو. جڏهن ته نوجوان راڳي عابد سولنگي ۽ لوڪ فنڪاره صائمه منظور پڻ سر وکيريا. هن موقعي تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ جي 42 سالن جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي بابت نوجوان ليکڪ، اديب، تاريخدان ۽ سگا صدر مورو اسلم عباسي جو سهيڙيل ڪتاب “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو (مختصر تاريخ)” جي رونمائي پڻ ڪئي وئي. جنهن بعد سگا صدر اسلم عباسي سڄي سنڌ مان پهتل سگا مرڪزي عهديدارن، مرڪزي سي اي سي ميمبرس، مختلف سگا شاخن ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، سيوهڻ، دادو، خداآباد، ڪي اين شاھ، پاٽ شريف، ميهڙ، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، قاضي احمد، ڦل شهر، دريا خان مري، نوشهروفيروز، سيٺارجه، ڪنب، خيرپور، پنو عاقل، گهوٽڪي ۽ ٻين شاخن جي عهديدارن، معزز شهرين، اديبن، صحافين، ليکڪن ۽ محفل ۾ شريڪ ساٿين جو ٿورا مڃيا. هن سگا مورو بابت ڇپرايل ڪتاب تي ڳالهائيندي چيو ته هن ڪتاب ۾ 1976ع کان 2018ع تائين 42 سالن جي دوران رهندڙ سڀني سگا صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ ساٿين جو ذڪر، فوٽن سميت سندن سماجي ڪم ڪاريون ۽ مختصر تاريخ سهيڙيل آهي، ان سان گڏوگڏ گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ پڻ شامل آهي.

مهمان خاص رکيل مورائي سگا مورو کي ڪتابي ميلو منقعد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سگا هميشه سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون آهن، اڄوڪو ڪتاب ان جو بهترين ۽ شاندار مثال آهي. ان کانپوءِ سگا سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهيو سگا مورو جي سماجي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته سنڌ ۾ مورو هڪ مثالي شاخ آهي ۽ هنن ساٿين ۾ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ وارو جذبو آهي ۽ هي شاخ سگا جو تڙپندڙ بي چين روح آهي. هن ڪتابي ميلي منقعد ڪرڻ تي مورو شاخ جي سڀني دوستن کي واڌايون ڏنيون ۽ سگا مورو ساٿين کي جس ڏني. محفل جي مهمان خاص سابق چيئرمين سگا محترم ولي محمد روشن چيو ته اڄوڪو شاندار ڪتابي ميلو سماج ۾ صحتمند سرگرمي آهي ۽ هڪ مثالي ڪم آهي، ڪتابن پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سگا مورو چئن سالن کان شاندار ڪتابي ميلا لڳرائيندي رهي ٿي. مورو شاخ جي تاريخ بابت آيل ڪتاب هڪ تاريخي دستاويز آهي، جيڪو سڄي سنڌ جي سگا شاخن لاءِ هڪ مثالي آهي ته اهي به پنهنجي شاخن جي تاريخ قلمبند ڪن. هن چيو ته سگا ڪراچيءَ ۾ ٺهڻ بعد سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيون ۽ مورو شاخ پڻ ان دور ۾ وجود ۾ آئي. 1983ع ڌاري موري ۾ سگا مرڪزي ڪنوينشن مهراڻ ڪاليج هاسٽل (موجوده بحريه فائونڊيشن ڪاليج) ۾ ٿي گذريو. انهي ڪنوينشن ۾ هڪ ٺهرا ڪالاباغ ڊيم خلاف پيش ٿيو. ان بعد وقت جي سرڪار ناراض ٿي ۽ سرڪاري ملازمن کي سگا جو ميمبر ٿيڻ تي بندش هنئي وئي. مورو هڪ بهترين شاخ آهي. آخري ۽ صدارتي تقرير منظور اڄڻ ڪئي جنهن پڻ سگا شاخ مورو جي گذريل ٽن سالن وارين ڪارگزارين کي ساراهيو ۽ چيو ته سگا مورو شاخ صحت، تعليم ۽ ثقافت جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. محدود وسيلن هوندي به سڄي سنڌ جي بهترين شاخن مان هڪ آهي. هن سگا مورو جي تاريخ بابت ڇپرايل ڪتاب جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هي هڪ سگا جي تاريخ جو حصو آهي ۽ اميد آهي ته مورو اندر سگا پنهنجون بهترين سماجي خدمتون ڏيندي رهندي. اهڙي طرح پهريون ڏينهن جي تقريب ختم ٿي ۽ آخر ۾ ميونسپل ڪاميٽي ڪائونسلر سعاد الله ڪلهوڙو طرفان آيل مهمانن کي رات جي ماني کارائي وئي.

سگا ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينهن ڇنڇر صبح جو 9 وڳي تعليمي پروگرام ٿي گذريو. جنهن ۾ موري شهر اندر سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن جي شاگردن درميان تقريري مقابلو ٿي گذريو، جنهن جو عنوان هو “قومن جي ترقي ۽ تقدير تعليم ۽ ڪردار سان ٺهندي آهي”. ان ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مورو، هاءِ اسڪول ٽائون مورو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول دستگير ڪالوني، بحريه فائونڊيشن، آئيڊيل پبلڪ اسڪول، ويزن پبلڪ اسڪول، يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول، اينڪر پبلڪ اسڪول، انٽيليجنٽشيا پبلڪ اسڪول، روشن تارا پبلڪ اسڪول ۽ ٻين اسڪولن جي ٻارڙن تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ پهرين پوزيشن کڻندڙ ٻارڙن ۾ ايوارڊ انعام ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ طرفان ڏنا ويا. جڏهن ته سڀني ٻارڙن کي ڪتابي انعام چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نظير احمد ميمڻ طرفان ڏنا ويا. ان سان گڏوگڏ روشن تارا اسڪول طرفان اصلاحي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا. آخر ۾ سگا صدر مورو اسلم عباسي آيل معزز مهمانن جا ٿورا مڃيا. ڪاروائي مخدوم اظهار قريشي هلائي، جڏهن ته پروگرام ۾ شامل معزز مهمانن ۽ استادن هر هڪ پروفيسر شمشاد احمد سومرو چيئرمين تعليمي ڪاميٽي سگا، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ذاڪر حسين ميمڻ، نصر الله ميمڻ، نياز حسين ڪورائي، قاضي شفيع محمد، اسلم ڪوريجو، مشتاق احمد سولنگي، عبدالهادي ڪلهوڙو ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ سگا مورو کي تقريري مقابلو ڪرائڻ تي جس ڏنو. هنن وڌيڪ چيو ته اچو ته گڏجي پنهنجي تعليم سڌاريو ۽ نوجوان ذهين قابل شاگردن کي موقعا فراهم ڪري اڳتي وڌڻ ۾ اعتماد بحال ڪريون.

ساڳئي ڏينهن منجهند 3 وڳي مورو شهر ۾ موجود ايپٽيڪ ڪمپيوٽر ايجوڪيشن انسٽيٽيوٽ مورو طرفان نوجوانن واسطي جاڳرتا ليڪچر پروگرام ٿي گذريو جيڪو نوجوان قابل ۽ ذهين استاد جاويد علي ملاح ۽ عاشق حسين سيهڙ ڏنو. هن سيشن جي صدارت نوجوان سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ڪئي، جڏهن ته مهمان خاص محترم نظير احمد ميمڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو جن هئا. ڪمپيئرنگ جا فرائض نوجوان اديب، شاعر ۽ استاد خالد ساحل ڪيريو ڏنا. آجياڻي تقرير ڪندي اسلم عباسي شريڪ ٿيندڙ سڀني ساٿين جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايپٽيڪ ڪمپيوٽر ادارو انٽرنيشنل سرٽيفڪيٽ رکندڙ حيثيت وارو ادارو آهي. هن سان انفرميشن ٽيڪنالوجي جي سکيا حاصل ڪندڙ نوجوان ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر عزت ڀريو روزگار حاصل ڪري رهيا آهن. سگا مورو طرفان ايپٽيڪ ڪمپيوٽر سينٽر جي جاويد ملاح کي جس ٿا ڏيون. ان بعد جاويد علي ملاح نوجوانن کي انفرميشن ٽيڪنالوجي ۾ اڳتي وڌڻ، فني مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندي ڄاڻ ڏني ۽ چيو ته مورو واسي نوجوان خوشنصيب آهن جو هتي ملڪ جو وڏي کان وڏو ادارو انٽرنيشنل سرٽيفڪيٽ جي حيثيت رکندڙ ايپٽيڪ جي برانچ ڪم ڪري رهي آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته هن وقت ڪمپيوٽر ۾ مهارت ۽ ڄاڻ لاءِ معياري تعليم حاصل ڪن، ان بعد انگريزي ٻولي سکڻ ۽ مهارت حاصل ڪرڻ جي اهميت تي عاشق حسين سيهڙ ليڪچر ڏنو، هن چيو ته نوجوانن کي ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ ٻيو اهم مواد انگريزي ٻوليءَ ۾ حاصل ٿي رهيو آهي. جڏهن ته وسيع علم پڻ انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود آهي، انڪري انگريزي ٻولي جي سکيا وقت جي اهم ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته مورو شهر ۾ موجود ايپٽيڪ ڪمپيوٽر ايجوڪيشن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر سان گڏ انگريزي ٻوليءَ جي سکيا پڻ ڏني وڃي ٿي، مورو جا نوجوان فائدو حاصل ڪن. مهمان خاص نظير احمد ميمڻ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو سگا مورو کي جس ڏيندي چيو ته 3 ڏينهن وارو ڪتابي ميلو منقعد ڪري نوجوانن کي بهترين تفريع ۽ ماحول مهيا ڪيو ويو آهي. اسان جو هر وقت مڪمل سهڪار رهندو.

آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو چيو ته اڄ جي دور ۾ ملڪ جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي. سگا مورو ۽ ايپٽيڪ ڪمپيوٽر ايجوڪيشن سينٽر جي جاويد علي ملاح، خالد ساحل ڪيريو کي جس آهي جن اڄوڪو نوجوانن لاءِ بهترين پروگرام منقعد ڪيو آهي. هن جديد دور ۾ معياري ڪمپيوٽر واري تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ انگريزي ٻولي سکڻ ۽ مهارت حاصل ڪرڻ پڻ اهم گهرج آهي. ايپٽيڪ ڪمپيوٽر انٽنيشنل ادارو آهي ۽ مورو واسين جي خوشنصيبي آهي. آخر ۾ جاويد علي ملاح طرفان معزز مهمانن، سگا ساٿين ۽ صحافين، ميڊيا رپورٽرس کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. جڏهن ته سگا مورو طرفان تاريخي ڪتاب پڻ تحفي ۾ ڏنا ويا.

سگا مورو طرفان ڪتابي ميلي جي آخري ۽ ٽئين ڏينهن سنڌي ادبي سنگت مورو ميزباني هيٺ شاعر رضا ايوب لانگاھ جي شاعري مجموعي “ مان دراوڙ ديس جو” جي مهورتي تقريب ٿي گذري جنهن جي صدارت اصغر ڀريائي ڪئي. جڏهن ته معزز مهمانن ۾ هيٺيان اديب، شاعر هئا، جن ۾ معشوق ڌاريجو، مارون جمالي، ماڻڪ ملاح، عبد مگسي، تابش بخاري، عاشق دادوي، خليل عارف سومرو، محبتي ملاح، وزير فرهاد سولنگي، اسد سولنگي، منصور سيتائي، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، وسيم آڪاش، شبيرڻ پاٽاهي، زاهد سهارڻ، نجم سرهيو، ڊاڪٽر لياقت مگسي، سيد منظور علي شاهه، اميد سنڌي، گدا خاصخيلي، سوز جتوئي، اظفر سعيد ميمڻ، اياز مهر، حنيف سومرو ۽ ٻيا جن ڪتاب ۽ شاعر جي زندگي تي بهترين خيالن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت مورو شاخ جي هن علمي ادبي تقريب ۾ اديبن، شاعرن، سماجي اڳواڻن، معزز شهرين، پريس ميڊيا جي نمائدن ۽ مختلف شهرن مان شرڪت ڪندڙن جو وڏو انگ موجود رهيو. جڏهن ته آخر ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت مورو اسد سولنگي طرفان مهمانن کي منجهند جي ماني کارائي وئي.

اهڙي طرح سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان منقعد ٿيندڙ 3 ڏينهن واري ڪتابي ميلي ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي نظير احمد ميمڻ، ڪائونسلر سعاد الله ڪلهوڙو، ايپٽيڪ ڪمپيوٽر ايجوڪيشن جي سي اي او جاويد علي ملاح، استاد ذاڪر حسين ميمڻ، سنڌي ادبي سنگت مورو جي سيڪريٽري اسد الله سولنگي جو مالي سهڪار رهيو، جڏهن ته سگا مرڪز جي ساٿين هر هڪ محترم ولي محمد روشن، رفيق احمد سرهيو نور محمد سيال ۽ چيئرمين سگا رفيق احمد جعفري پڻ ڪتابي ميلي ۾ مورو شاخ ۽ ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ مالي مددگار رهيا. 

Thursday, September 27, 2018

قضا قلم وهائيو ـ ڪهاڻي ـ سردار ٻرڙو


 هوءَ معصوم ڇوڪري هوندي هئي، اکين ۾ هميشه لڙڪن جو ڪينجهر بيٺل نظر ايندو هئس، هوءَ صبح جو سوير پيچرو وٺي گاھ ڪرڻ لاءِ پوتي ڏاٽي ۾ نانگ ويڙھ ڪري نڪرندي هئي ته مان به زمين ڏانهن هوندو هئس. ساحر جي سج جي نواڻ ۽ فطرت کي ڏسي آءُ ڪڏهن ڪهاڻيون ته ڪڏهن شاعري پيو ڪندو هئس. هوءَ جڏهن به منهنجي اڳيان لنگهندي هئي ته سوچن جي سمنڊ ۾ گوتا کائيندي نظر ايندي هئي، هڪ ڏنهن مون به ارادو ڪيو ته ان ڪڻڪائي رنگي ڇوڪري کان پڇا ڪيان ته ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آهي، پر هن روايتن ۽ ظالمن جي پاپي رسمن کان ڊڄي ويس، ڪٿي ڪو الزام نه لڳي وڃي.

هونئن ته مان هر هفتي يونيورسٽي مان واپس ايندو هئس ته آچر جي صبح جو ان کي ڏسندو هئس پر سوا ٻه مهينا ٿيا آهن سالياني موڪلون هلي رهيون آهن ته مان هر  روز ان کي ان ئي ڪيفيت ۾ ڏسندو هئس.

ڪانونءَ جي اک ڪڍندڙ گرمين جي موسم ۾ آءٌ گرمي جي شدت وڌندي ئي تخليق اڻپوري ڇڏي موٽي ايندو هئس پر هُن جي خبر ناهي الائي ڪنهن مهل واپس ورندي هئي. مون ذهني طور ڏاڍي ڪوشش ڪئي، هُن کان پڇي وٺان پر دل نه جهلي سگهندو هئس. هر روز هوءَ ٽي قدم اڳيان پيرن پويان پوتي گهليندي گذري ويندي هئي ۽ منهنجو شعور منهنجي ملامت ڪندو هو.

هڪ ڏينهن جڏهن آءُ ڪهاڻي تي تخليقي ڪم رهي رهيو هئس، هُوءَ منهنجي اڳيان گذري وئي ۽ چند قدم اڳتي هلي بيھ پوئتي نهاري ڳالهائڻ لاءِ پنهنجي ريشم جهڙا چپ کوليائين.

ادل! ڇا لکندو آهين؟ ڏکويل آواز منهنجي ڪنن تائين پهتو، منهنجي دل جي ڌڙڪن وڌي وئي، چپ ڦرڪڻ لڳا قلم هٿ مان ڇڏائجي ويو.

دل جهلي جواب ڏنم ڪهاڻيون... ڪهاڻيون لکندو آهيان.

جواب ڏيندي ائين محسوس ڪيم رسم جا ڪات ڪهاڙا مون لاءِ تيار ٿي ويا، مان پنهنجي پاڻ کي سوڙهو ڪرڻ لڳس، اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي لڪائڻ گهريم.

منهنجي ڪهاڻي به لک، هُن معصوم ڇوڪري بنا ڪنهن مسڪراهٽ ۽ اکين جي لچڪ ۾ چيو، جئين لفظ هُن جي دل مان ريلا ڪري نڪري رهيا هجن.

هڪ مظلوم نياڻي منهنجي اڳيان دانهيو!

مان اندر ۾ خوف محسوس ڪرڻ لڳس ۽ بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي ڊائري ۾ مضبوط هٿ وجهي پيچرو وٺي گهر ڏانهن هليو آيس.

منهنجي لوندڙين مان پگهر ريلا ڏئي وهي رهيو هو. جسم رڦڻ لڳو هو. هُن جا لفظ منهنجي دل کي جهوري رهيا هئا. مان تڪڙا ساھ کڻڻ لڳس. هُن جو ڪڻڪائي چهرو مون کان بار بار سوال ڪري رهيو هو. مان ان ڪيفيت مان نڪرڻ ۽ سوچن کي ٽارڻ لاءِ شهر ڏانهن هليو ويس. دوستن سان روح رهاڻ ۽ سياسي بحثن کان آجو ٿي رات جو گهر موٽي آيس.

ڊائري اڳ ۾ ئي ٽيبل تي رکيل هئي، گولو ٻاري اڻپوري ڪهاڻي کي پورو ڪرڻ لڳس پر قلم کڻڻ سان ئي هڪ آواز وري آيو!

منهنجي ڪهاڻي لک!

ظلم و جبر جي انتها هئي جو سوچون اُتي مائل هيون. مان شهر مان ته ٿي آيس پر پنهنجي تخليقي سوچ ان پيچري جي ڪنڌيءَ تي رهائي آيو هئس. منهنجي قلم اڻپوري ڪهاڻي کي پورو ڪرڻ کان جواب ڏنو. گولي ۾ ٻرڙندڙ شعلو به ڄڻ ڊم فل ٿي هُن جي دانهن ڏئي رهيو هو.

مون ڊائري جو ورق ورائي لکڻ شروع ڪيو ۽ اُن جي ڪيفيت جي نظر ايندڙ تاثرات تي ايترو لکي سگهيس، اڳتي مونکي ڪجھ نه مليو ۽ قلم کي به ڄڻ ايتري سُڌ هئي جيترو لکي سگهيو.

هن دفعي وري پختو ارادو ڪري ڊائري کي بند ڪيم ته صبح هُن کان ڏک سور اهنج پڇي اڻپوري ڪهاڻي کي پورو ڪندس. ائين هُن معصوم گهايل ڇوڪري جي ڪهاڻي جو ورق صبح جو انتظار ڪندو رهيو.

مان کُليل آسمان جي هيٺيان ستارن ڏي نهاريندي خدا جي قانون کي تنقيد جا تير چُڀيندو رهيس.

خبر ناهي الائي ڪهڙي وقت ننڊ جا پاڇا اکين ۾ لهي آيا ۽ ننڊ اچي وئي.

شهر جي ٿڪاوٽ ۽ رات جو دير تائين ڪم ڪرڻ سبب صبح جو اٿي نه سگهيس، اوچتو ٻاهريان گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو، مان ڇرڪ ڀري اٿي پيس.

کڻونس ڊاڪٽر ڏي ساھ اٿس.

ڪمدار پيرو جا لفظ منهنجي ڪنن تائين پهتا، مان ٽپ ڏئي کٽ تان لهي در ڏانهن ڀڳس. پيچري جي منهن ۾ هُن جو بي ساھ جسم پاڻي ۾ پسيل پاسيرو لڳو پيو هو ۽ هڪ پوڙهي ان جي پيٽ تي لوٽي سان زور ڏئي رهي هئي ته ان جي وات ۽ نڪ مان پاڻي وهي رهيو هو.

پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته مرگهي جو دورو پوڻ ڪري شاخ ۾ ڪري پئي ۽ لڙهندي پئي وئي ڪمدار ڏسي ورتس ۽ ڪڍرائي آيو اٿس.

موالي ڀاڻس چنگچي ڪرائي آيو، ٽنگن مان وٺي، منهن زمين ڏانهن لهوارو ڪري چنگچي ۾ رکينس، هُن جون ماٺاريل اکيون، پٽيل وات مان وهندڙ پاڻي جو گروڙا به مونکي چئي رهيا هئا ته منهنجي ڪهاڻي لک!

اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ساڳي چنگچي ۾ منهن ڍڪي موٽائي آيا هڪ ڪهاڻي ڌڻي حوالي ٿي وئي ۽ اهو جسم به مونکي بار بار چئي رهيو هيو ته منهنجي ڪهاڻي لک! لکيل ڪهاڻي اتي قضا ٿي وئي.

Tuesday, July 31, 2018

مغلن خلاف مزاحمتي جنگ جوٽيندڙ شهيد ميان آدم شاھ ڪلهوڙو ـ اسلم عباسي

 


سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت 82 سال رهيو آهي. جنهن ۾ حڪمراني سنڌ مٿان ڌارين جا حملا سنڌ اندر نهري نظام قائم ڪرڻ، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جا تاريخي مقبرا، ڪوٽ ۽ قلعا، مسجدون تعمير ڪرائڻ، سنڌي ادب جو دور مطلب ته ڪلهوڙا دور کي سنڌ جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن جي شروعات چانڊڪا پرڳڻي کان ٿي. سنڌ ۾ سن 1520ع ۾ مقامي قبيلي سمن جي حڪومت پوري ٿي سنڌ جي اڪثر مقامي قبيلن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي خلاف جدوجهد ڪئي، ليڪن اڪثر تحريڪون ناڪام ٿيون، البته ڪلهوڙا خاندان ڌارين جي خلام منظم ۽ ڀرپور جدوجهد ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. هي تحريڪ ابتدا ۾ ايتري مضبوط نه هئي پر پوءِ اها هڪ سياسي جدوجهد ۾ شامل ٿي وئي. هن تحريڪ جي ابتدا 17 صدي جي آغاز ڌاري تڏهن ٿي جڏهن سنڌ تي مغلن شهنشاهن جو قبضو مڪمل ٿي چڪو هو.  ڪلهوڙن جو پهريون وڏو شهيد ميان آدم شاھ ڪلهوڙو آهي. جنهن مغلن خلاف مزاحمتي جنگ جوٽي ۽ ان کي شهيد ڪيو ويو. ڪلهوڙا خاندان جي مسلسل قربانين ۽ شهيدن کان پوءِ سنڌ مغلن مان آزاد ٿي. سنڌ تي مغلن جي حڪومت 1592ع کان 1738ع تائين رهي. ان دور کي غلامي جو دور چئجي ٿو. ڇاڪاڻ ته مغلن نه فقط سنڌ بلڪ هندستان جي سڀني قومن کي غلام بڻايو ۽ آزادي ۽ سلامتي سان جيئڻ نه ڏنو. ارغونن ۽ ترخانن کان پوءِ مغل دور ۾ سنڌين کي ڪٿي به گڏ ٿيڻ يا پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي ۽ عام ماڻهو پيرن فقيرن درگاهن ۽ اوتارن تي گڏ ٿيڻ لڳا جتي پاڻ کي محفوظ سمجهندا هئا. شروع شروع ۾ مغلن انهن ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو. پر پوءِ جڏهن ميان آدم شاھ ڪلهوڙي وٽ ماڻهن جا انبوھ ڏٺائون ڇاڪاڻ ته ميان آدم شاھ هڪ باڪردار بزرگ، عالم ۽ وڏي گادي وارو هو. جنهن جو آستان لاڙڪاڻي جي حدن اندر چانڊڪا پرڳڻو هو. ميان آدم شاھ ڪلهوڙي مغلن جي ظلم ۽ جبر خلاف جهاد ڪرڻ جو بنياد رکيو جيڪا دراصل سنڌ جي آزادي جي تحريڪ هئي ۽ پاڻ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي جدوجهد جو پهريو سرواڻ هو. جنهن جيڪو کيڙي سو کائي جو نعرو ڏنو. نامور محقق پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنهنجي پي ايڇ ڊي تحقيقي مقالي ۾ لکيو آهي ته ميان آدم شاھ ڪلهوڙو روحاني رهبر هئڻ سان گڏ هڪ بااثر زميندار جي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو ۽ مريدن جي وڌڻ سان طاقت ۾ واڌارو ٿيو، پر هن نقطي کي به غلط طور تي سمجهيو ويو. ميان آدم شاھ پنهنجي اعلي ڪردار ۽ مغلن جي غير آئيني قدمن سبب شهرت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي ۽ روحاني عقيدتمندي سندس عروج بڻي.

ميان آدم شاھ جو خاندان اڳ ۾ ئي گهڻي عرصي کان وٺي روحانيت سبب سنڌ ۾ وڏي عزت ماڻي چڪو هو. سندس پيري مريدي سبب سنڌ جي ماڻهن سندس هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مغلن جي خلاف تحريڪ زور پڪڙيو. اهڙي صورتحال سبب بکر ۾ ويٺل مغلن جا ڇاڙتا آدم شاھ ڪلهوڙي کان خوف کائڻ لڳا ۽ سندس خلاف وقت جي حاڪمن کي ڀڙڪايو ۽ نيٺ مغل سرڪار کيس گرفتار ڪري ملتان کڻي ويا. جتي قيد ۾ بند رکي کيس 1598ع ۾ ڦاسي چاڙهيو ويو ۽ سندس لاش ملتان کان واپس سکر موڪليو ويو. جتي هڪ ٽڪري مٿان کيس دفن ڪيو ويو. جنهن کي ميان آدم شاھ ڪلهوڙي جي ٽڪري سڏيو وڃي ٿو. جتي سندس روزو پڻ آهي. ان ڏکوئيندڙ واقعي سڄي سنڌ کي ڏک ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن سندس اولاد ميان دائود ۽ ميان الياس وٽ گڏ ٿيڻ لڳا ان کان پوءِ ڪلهوڙا خاندان مسلسل مغلن خلاف ويڙهاند جي عمل ۾ سرگرم رهيا، ٽن پيڙهين جي قربانين ميان شاهل محمد ڪلهوڙو ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙو جي شهادتن کان پوءِ ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميان وال تحريڪ رنگ لاتو ۽ 1700ع ڌاري مغلن نيٺ سنڌ جي حڪمراني ميان يار محمد ڪلهوڙي حوالي ڪئي. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميان وال تحريڪ واري مرڪز ڪاڇي کان پوءِ ڪلهوڙن جي حڪمراني جو پهريون مرڪز خدا آباد ضلعو دادو بڻيو جتي اڄ به ميان يار محمد ڪلهوڙي جو آخري آرام گاھ ۽ جامع مسجد خداآباد  واقع آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان نور محمد ڪلهوڙو حڪمران بڻيو جنهن سنڌ مٿان 35 سال حڪومت ڪئي ۽ خدا آباد کان پوءِ تخت محمد آباد جوڙايائين جيڪو دولتپور ضلعي نوابشاھ ۾ موجود آهي. جتي پڻ ميان نور محمد جو آخري آرام گاھ ۽ تاريخي قبرستان ميان جا قبا جي نالي سان مشهور آهي. ان بعد خدا آباد هالا لڳ پڻ ڪلهوڙا حاڪمن جا آثار موجود آهن. موجوده حيدرآباد نيرون ڪوٽ نالي شهر ۽ پڪو قلعو ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جوڙايو ۽ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاھ عبداللطيف رحمت الله عليه جو روضو پڻ ٺهرايو ۽ سنڌ کي هڪ دفعو وري متحد ۽ منظم ڪري دنيا جي نقشي تي سنڌ ملڪ جو تصور ڏنو. سنڌ مٿان حڪمراني ڪندڙ ڪلهوڙا خاندان جي مقبرن، ڪوٽ قلعن ۽ تاريخي آثارن جي حالت رحم جوڳي آهي سنڌ سرڪار کي گهرجي ته انهن جي مرمت جلد از جلد ڪرائي وڃي.

Monday, July 30, 2018

ڪلهوڙا دور حڪومت جو نامور حڪمران ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ـ اسلم عباسي

 


سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت کي سونهري دور ليکيو وڃي ٿو جيڪو لڳ ڀڳ 82 سال رهيو. سمن جي سلطنت کانپوءِ ۽ ڪلهوڙا حڪمران ٿيا جيڪي مقامي ۽ ڏيهي باشندا هئا. ڪلهوڙا قبيلي جي مک ٽن بزرگن ميان آدم شاھ ڪلهوڙو، ميان شاھل محمد ڪلهوڙو ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي يعني ٽن پيڙهين جي شهادتن، قربانين ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ڪامياب تحريڪ ميان وال بعد مغلن سنڌ جون واڳون 1701ع ڌاري ميان يار محمد ڪلهوڙي حوالي ڪيون. ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ سنڌ جي آزاد حيثيت، سنڌي ادب جي اوسر، سنڌ ۾ زراعت، آبپاشي نظام، سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت، سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت ۾ واڌارو آيو، فن تعمير سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي عظيم شاعر حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جو جنم پڻ ٿيو. ان ڪري هن دور کي سونهري دور پڻ چون ٿا. 1719ع ڌاري هن ئي دور جو مدبر حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو حاڪم بڻيو ۽ سنڌ مٿان 35 سال حڪومت ڪئي. جيڪو ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جو والد هو. 1740ع ۾ نادر شاھ سنڌ مٿان ڪاھ ڪئي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو عمرڪوٽ هليو ويو، جنهن جو پيڇو ڪندي نادر شاھ کيس مات ڏئي ان مٿان خراج مقرر ڪرڻ کانسواءِ سندس ٻه پٽ ميان مرادياب ڪلهوڙو ۽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو پاڻ سان ايران وٺي ويو ۽ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سبي ۽ ڪڇي (محبت خان بروهيءَ کي) شڪارپور (صادق محمد خان دائود پوٽي کي ) ۽ باقي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڏئي واپس ايران موٽي ويو، اهڙيءَ طرح سنڌ جي وحدت وکرجي ويئي. 1747ع ۾ ايران ۾ پيدا ٿيل اندروني وڳوڙن جو فائدو وٺندي ميان نور محمد ڪلهوڙي جا پٽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ۽ عطر خان ڪلهوڙو اتان ڀڄي سنڌ پهتا.

1753ع ڌاري ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات ٿي ۽ سندس پٽ ميان مرادياب کي حڪومت جون واڳون مليون، جنهن بعد ڀائرن جي پاڻ ۾ اڻبڙت ۽ اختلافن سبب سنڌ کي تمام گهڻو نقصان پهتو. آخرڪار 1756ع ڌاري 13 ذوالحج 1170 هجري ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو سنڌ جون واڳون سنڀاليون ۽ حڪمران بڻيو. ميان صاحب پنهنجي ڀائرن سان به سخت اختلافات رکيا ۽ وطن سنڌ خاطر ڌارين سان به پڻ جنگيون ڪيون. سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ڪيائين، راجستان، جيسلمير، ڪڇ ڀڃ جي راءِ، بهاولپور، خان آف قلات، لسٻيلي، سبي ڍاڍر، ديراجات ويندي بنون تائين سنڌ جي سرحدن کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ نه رڳو انهن علائقن جي حاڪمن سان تعلقات رکيا پر جنگيون به جوٽي سنڌ جي وحدت ۽ وجود کي برقرار رکيو ۽ ٽڪرن ۾ ورهايل سنڌ کي  نيئن سر سان منظم ۽ متحد ڪيو ۽ تاريخ ۾ گم ٿيل سنڌ کي نمودار ڪيو. نامور مورخ مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ميان غلام شاھ ڪلهوڙو سنڌ جو مدبر حڪمران هو جنهن پنهنجي ڀائرن سان به جنگ ڪئي ۽ سنڌ کي خودمختيار بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي. مشهور تاريخدان پرفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ راءِ ڏيندي لکيو آهي ته هن ئي دور ۾ اڪثر تعميراتي ڪم ٿيا. ان پسمنظر ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي کي سنڌ جو شاهجهان پڻ سڏيو وڃي ٿو.

ميان غلام شاھ ڪلهوڙي حيدرآباد شهر (نيرون ڪوٽ) ۽ پڪو قلعو تعمير ڪرايو ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ جا ڪيترائي تاريخي ماڳ مڪان، ڪوٽ قلعه، مسجدون ۽ مقبرا تعمير ڪرايا جيڪي اڄ تاريخي آثارن واري حيثيت والارن ٿا ۽ سنڌ جي تاريخ ثقافت ۾ فني تعمير جو نادر نمونو آهن جن ۾ مقبرو ميان آدم شاھ ڪلهوڙو، ميان شاهل محمد ڪلهوڙو، شاھ بهارو، ميان نصير محمد ڪلهوڙو، ميان يار محمد ڪلهوڙو، جامع مسجد خدآباد، مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا آثار اچي وڃن ٿا. جن ۾ خاص طرح پنهنجي عقيدت مندي سان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله جو روضو پڻ جوڙايو. ان کان علاوه ٺٽي ضلعي لاڙ ۾ سنڌ اندر تعمير ڪرايل بندر، شاھ ڳڙھ ۽ شاھ بندر پڻ آهن. جتي ڏيساور کان مال ايندو هو ۽ سنڌ جي لاهري بندر، اورنگا بندر، شاھ بندر تي لهندو هو ۽ اتان ملتان، پنجاب، مارواڙ، بيڪانير، جيسلمير، ڪشمير، سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان موڪليو ويندو هو. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي سنڌ ۾ واپار جي پڻ اجازت ڏني.

سنڌ جي دانشور انعام شيخ لکيو آهي ته سنڌ 1500 سالن ۾ ٻه عظيم وڏا ماڻهو پيدا ڪيا. هڪ شاھ لطيف جنهن سنڌي ٻولي کي زنده ۽ جاويد بڻائي ڇڏيو ٻيو غلام شاھ ڪلهوڙو جنهن کي مڪمل آزاد ۽ خودمختيار بڻايو، سنڌ جي آزادي جو سج جيڪو راءِ سهاسي جي دور ۾ اروڙ ۾ لهي ويو هو، اهو آزادي جو سج سچ پچ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي دور ۾ اڀريو. ميان صاحب سنڌ مٿان 16 سال حڪمراني ڪئي ۽ سنڌ کي مڪمل خودمختيار ۽ آزاد رياست بڻايو ۽ پاڻ 2 آگسٽ 1772ع ڌاري وفات ڪئي، سندس مقبرو حيدرآباد شهر جي سينٽرل جيل ڀرسان ڪلهوڙا ڪالوني ۾ واقع آهي. 2 نومبر 2002ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي ۽ محمد نواز جي گڏيل ڪوششن سان هڪ ڏينهن وارو قومي سيمينار ٿي گذريو جنهن جي صدارت سائين محمد ابراهيم جويو ڪئي. جڏهن ته هن موقعي تي ايم ايڇ پنهور، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڪليم لاشاري، انعام شيخ، اشتياق انصاري، قاضي اسد عابد، تاج جويو ۽ ٻين ڪيترن ئي نامور تاريخدانن، عالمن پنهنجا مقالا پڙهيا ۽ ويچار ونڊيا ۽ حڪومت کي سفارش ڪئي ته ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي مقبري جي طبعي عمر ختم ٿي چڪي آهي ان جي مرمت، بحالي ۽ خوبصورتي لاءِ ترت اپاءُ ورتا وڃن. لڳ ڀڳ 15 سالن بعد انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سربراھ عبدالحميد آخوند ۽ سندس ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان اندازن 3 ڪروڙ رپين سان مقبري جي مرمت ۽ خوبصورتي وارو ڪم جاري آهي،جنهن بعد هن مقبري جي سونهن نکري ايندي ۽ سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ سونهن ۾ اضافو ٿيندو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکندڙ مقبرو ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ڏسڻ وٽان هوندو. هن سال آگسٽ مهيني جي 2 تاريخ تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ڪانفرنس ٿي رهي آهي. جنهن ۾ سنڌ جا گهڻگهرا، محقق، ليکڪ، اديب، تاريخدان ۽ ماهر آثارقديمه پنهنجا تحقيقي مقالا ۽ رايا پيش ڪندا. 

Sunday, April 1, 2018

سنڌ جي قومي انقلابي ۽ عوامي شاعر راشد مورائي جي چوٿين ورسي تقريب ـ رپورٽ ـ اسلم عباسي

سنڌ جي قومي انقلابي ۽ عوامي شاعر سائين راشد مورائي جي چوٿين ورسي، تاريخ 31 مارچ 2018، ڇنڇر شام ڇهين وڳي مورو باءِ پاس لڳ سيد هائوس ۾ راشد مورائي يادگار ڪاميٽي جي سيد شاھ لطيف، جونيئر جي ايم سيد، تاج جويي ۽ سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي سيڪريٽري اسد سولنگي جي گڏيل ڪوششن سان پروقار علمي ادبي تقريب ٿي گذري، جڏهن ته سهڪاري سٿ ۾ ڪلچر کاتو حڪومت سنڌ ۽ هن علائقي جا سماج سڌارڪ امداد بلوچ ۽ سندن فرزند غلام نبي بهراڻي شامل هئا. پنڊال ڪشادي ۽ وسيع اڱڻ تي سائي چهچ ڇٻر مٿان سجايل هو، جنهن جي آس پاس ۾ ساوا گهاٽا ٻوٽا ۽ پٺيان کجين جا وڏا وڻ، روشني سان سجايل اسٽيج ۽ آسمان ۾ چوڏهين رات جو چنڊ وارو حسين منظر ٿڌڙي هوا سامعين کي پرنور رونق بخشي رهي هئي. ڄڻ ته ڪينجهر ڪناري ڀرسان جهمپير جي کليل فضا جو ڪو منظر هجي. شام جي سج لهڻ واري حسين منظر دوران ساس موري جي سيڪريٽري اسد سولنگي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سنڀاليندي، پروگرام جي شروعات ڀٽائي سرڪار جي شعر “اول الله عليم، اعلي عالم جو ڌڻي” سان ڪئي ۽ ڀٽائي جي راڳ ڳائڻ لاءِ تائيوان کان آيل هارڊ ورڊ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ عورت پيلنگ هانگ (جوئي فاطمه) ۽ ڀٽائي جي راڳي منٺار فقير جي نياڻين هر هڪ غلام سڪينه ۽ غلام صابره کي اسٽيج تي سڏايو ويو. ڀٽائيءَ جو راڳ روايت مطابق مرد ڀٽائي جا راڳي فقير ڳائيندا اچن ٿا. پر هي پهريون دفعو آهي جو هي عورتون ڀٽائي جي راڳ، ساز ۽ تنبوري کي ڇيڙين ٿيون، جڏهن ته تاريخ ۾ 150 سال پهرين ڪڇ ڀڄ جي عورت مائي جيهان زال نهال فقير جت پڻ درگاهه تي ست جمعا لاڳيتو راڳ ڳايو هو. ۽ اڄ وري 150 سال بعد هي روايت زنده ٿي آهي.

سائين راشد مورائي جي چوٿين ورسي تي اسٽيج تي ويٺل مھمان خاص

ڀٽائي سرڪار جي ڪلام کي ڳائڻ لاءِ پيلنگ هانگ، غلام سڪينه ۽ غلام صابره سر ڪاموڏ کان شروعات ڪئي:

تون سمون آنءُ گندري، مون ۾ عيب انبار،

تنون سمون آنءُ گندري، مون ۾ عيب لک...

سر رامڪلي مان بيت ۽ وائي ۽ آخر ۾ سر مارئي مان بيت ۽ وائي:

مارو مٽ مليو جا، ويا ويڄ ڪري،

ماڙيءَ چڙهي ڏٺا مون پکا پنهوارن جا

ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي.

لوئي ۾ لانئون، مون مارن سان لڌيون،

منهنجو ماڳ ملير، ڪوٽن ۾ آئون ڪئين رهان.

ڳائي محفل ۾ سامعين کي وطن جي سڪ ۽ حب واري ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو ۽ راشد مورائي جي وڇوڙي واري درد کي وري زنده ڪري ڇڏيو، ان بعد علمي، ادبي تقريب جي صدارت لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر ٿر کان آيل حليم باغي کي اسٽيج تي سڏايو ويو ۽ ساڻس گڏ سنڌ جي ناميارن شاعر اديبن، استادن، سياسي سماجي شعور رکندڙ ساڃاھ وندن هر هڪ مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري احمد سولنگي، مامو جمن دربدر، حاجي ساند، مولانا عزيز الله ٻوهيو، رکيل مورائي، اصغر ڀريائي، مولا بخش ٻرڙو، تاج جويو، عظيم سنڌي، مهرڊرٻائي کي پڻ معزز مهمانن طور ڪري ويهاريو ويو.

راشد مورائي يادگار ڪاميٽي طرفان تاج جويي چوٿين ورسي تقريب ۾ شريڪ سڄي سنڌ کان پهتل اديبن، شاعرن، استادن، عالمن، تاريخدانن، سياسي سماجي تنظيمن، اڳواڻن، ورڪرن، ساڃاھ وندن، شعور رکندڙ، مورو شهري معززين کي ڀليڪار ڪندي هن شعر سان آجيان ڪئي.

آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾،

راشد مورائي جي زندگي تي ڳالهائيندي هن چيو ته صوفي ڄمڻ ۽ مرڻ کي وصال ڪوٺيندا آهن. وصال معني ملاقات، عام صوفين جي تدفين ڳائي وڄائي ٿيندي آهي. راشد مورائي جي تدفين پڻ ان رسم سان ادا ڪئي وئي هئي. راشد مورائي جو والد پڻ شاعر هو، راشد جو جنم 5 مارچ آهي ۽ وڇڙي وڃڻ جي تاريخ 24 مارچ آهي. پاڻ قومي عوامي شاعر هو. سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر ۽ راشد مورائي هڪ ئي رستي جا پانڌيئڙا هئا. ساهتي پرڳڻي ۾ ڪيترائي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن. جن ۾ گوبند مالهي به هڪ آهي.

 ان بعد خوبصورت شاعر حاجي ساند کي سڏايو ويو، جنهن راشد جي شعر:

دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، ٿورڙوئي وسين هان ته ڇا ٿيئي ٿئي

سان شروعات ڪندي چيو ته مامي جمن دربدر کي پٽ هوشو ڄائو هو، ان جي ڇٺي (ستين ڏينهن واري ڄم رسم) هئي جنهن خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ سائين راشد مورائي ٿر آيو هو، منهنجي عمر 10، 11 سال مس هئي ۽ سائين سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي. هن راشد مورائي جو شعر پڙهيو

هي ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي، هي سائي جيپ وڏيرن جي.

مان باغي هان، سو باھ ڏيئي ٿو سڃ ڪريان لٽيرن جي.

جهڙا شعر چئي وطن پرست ماڻهن جون دليون کٽيون، ڪيترن ئي شاعرن پنهنجو رستو مٽايو، پر هن رستو نه مٽايو، سندس شاعري ڪلام عوامي ۽ ثقافتي راڳي فنڪار جلال چانڊيي سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو، منهنجا ساڻس ٻه رشتا هئا، هڪ ته مامي جمن دربدر جو دوست هو ۽ ٻيو قلم قبيلو ۽ سن جو رشتو، جنهنکي اڄ به هي ڌرتي اڪير ۽ پيار سان ياد ڪري ٿي.

اسٽيج تي ويٺل هڪ ٻئي سائين راشد مورائي جي ويجهي دوست ۽ ساٿي عظيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته سائين اسان جو وڏو هو، مورو ان دور ۾ سڄي سنڌ اندر قومي تحريڪ جي مرڪز طور سڃاتو ويندو هو، جنهن ۾ راشد مورائي جو هٿ هو. هن چيو ته مورو شهر جا عظيم انسان ناصر مورائي، محبوب شاھ، مٺل ڪمالاڻي، سڪندر زمان، شهيد عبدالرزاق سومرو، صلاح الدين پنهور، خان محمد پنهور ۽ ٻيا جيڪي وطن پرست ۽ سنڌ دوست رهيا آهن، راشد مورائي به انهن مان هڪ هو، هن خاڪي جويي جي شعر سان پڄائي ڪئي.

سامراجي ڪتا ڀوڪندا ڀل رهن،

پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن.

۽ آخر ۾ راشد مورائي جو شعر مان باغي هان، مان باغي هان ٻڌايو.

سابق پ ٽ الف اڳواڻ مولا بخش ٻرڙي تقريب کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته مونکي اهو اعزاز آهي جو مان سائين راشد سان نوڪري دوران اسڪول ۾ استاد هئس ۽ ست سال سندس نائب رهيس، مون کيس ذهن ساز انسان جي حيثيت ۾ پرکيو، هن پڙهائڻ دوران استادن جو بهترين حلقو پيدا ڪيو، تعليمي ڪاميٽي جوڙائي بهترين استادن جي ٽيم جوڙي ۽ تعليم کي بهتر ۽ معياري بنائڻ لاءِ قومي فرض ادا ڪيو. اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ تمام گهڻا خوبصورت ذهن ۽ نوجوان پيدا ڪيا، جيڪي اڳتي هلي تمام وڏا ذهين ثابت ٿيا جن ۾ هاشم کوسو، ادريس جتوئي، رکيل مورائي، احمد سولنگي ۽ ٻيا ڪيترائي موجود آهن پاڻ شاعريءَ ۾ ڌرتي جي ماڻهن سان محبت وارو رويو رکندو هو. سنڌ جا وڏا شاعر، ننڍڙا ماڻهون، پر راشد مورائي ڪردار جو سچو، قول ۽ فعل ۾ فرق نه هوندو هو، ڊيوٽي جو پابند تعليم کاتي اندر رشوت خلاف تحريڪ هلايائين، اسانجي وچ ۾ راشد راڻو هو. مرحوم عبدالحق ميمڻ سان گڏجي ڪڻڪ جا لابارا ڪندو هو ۽ انهن لابارن ۾ قومي رنگ ڀريندو هو. تمام وڏو ماڻهون هو.

نوجوان اديب ۽ شاعر پروفيسر اصغر ڀريائي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته برصغير جي صوفي شاعرن جي هڪ ڳالھ زبردست رهي آهي.

جو دم غافل، سو دم ڪافر،

راشد مورائي سڄي زندگي ان انداز ۾ گذاري، ادب، شاعري، استاد تنظيمون، قومي ڪردار مطلب ته سڄي ڄمار سجاڳ ذهن ۽ متحرڪ ڪردار رهيو ۽ پنهنجو هڪ خوبصورت طويل نظم پيش ڪيائين.

منصور جي گفتار ، راشد مورائي

آ رت ۾ ٻڏل تلوار، راشد مورائي

ان بعد ساس موري جي سابق سيڪريٽري محبتي ملاح راشد مورائي کي پنهنجو ادبي رهبر ڪوٺيندي سندس ياد ۾ ڀيٽا طور هڪ نظم سامعين کي ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.

قومي عوام شاعر راشد مورائي

سنڌ جو سونهون شان راشد مورائي

قومي عوامي، باغي شاعر، راشد مورائي

ان بعد اسٽيج تي ويٺل مهمان شاعر مهر ڊرٻائي ڳالهائيندي چيو ته سائين راشد مورائيءَ جي وڇوڙي کان اڳ بيماري دوران ساڻس ملڻ ٿيو، منهنجي خوشنصيبي آهي. سن سندس مرڪز هو، هن چيو ته محبوب جي زلفن ۾ ڦاٿل شاعرن جي قوم کي ضرورت نه آهي، هو غيرتمند ۽ باغي شاعر هو، هن چيو ته ڪمال جي ڳالھ آهي. بخاري موڪلائي ويو ته دادو سڃيو، راشد ويو ته مورو سڃيو، سرويچ ويو ته لاڙ سڃيو، آخر ۾ هن خوبصورت شعر ٻڌائي محفل کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا.

اسين ديسي واسي ٿا بک پلاڻيون.

ان بعد جديد شاعري ۾ مڃتا ماڻيندڙ سنڌ پرست شاعر گدا خاصخيلي خوبصورت شاعري ٻڌائي:

هر ٺڪر ۾، هر ڀتر ۾، هر پٿر ۾ ويچار ٿيو آ.

ڪارونجهر جي هر هڪ ڇپ ۾ ويچار ٿيو آ ...

ڪراچي کان ڪهي آيل نوجوان اديب ۽ شاعر رکيل مورائي پنهنجي خيالن جو اظهار راشد مورائي جي شعر سان شروع ڪيو.

دل چوي ٿي ته تنهنجي اڱڻ جي مٿان.

ياد جي روشنيءَ کي پکيڙي ڇڏيان.

راشد مورائي جنهن دور ۾ شاعري ڪئي، ان لهجي واري دور ۾ عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، فڪري طور قومي تحريڪ کي شاعري ۾ قوت بخشي، پاڻ هڪ بهترين شاعر هو، سندس غزل ۽ شاعريءَ تي فڪري ويهڪ ٿيڻ گهرجي. هن شاعري ۾ جيڪو دڳ ۽ لهجو ڏنو اهو منفرد هو. جيتوڻيڪ مزاج ۾ سخت هو. آءَ انهن ٻنهي شخصن کي سڃاڻان هڪ راشد جنهن اهو شعر چيو ۽ ٻيو جنهن لاءِ چيو هيائين.

راشد وئي اڏي ننڊ نيڻ منجهان

پيار جي گود ۾ موت پيو ٿو پسان

شل اکڙين سان آزاد ٿيندي ڏسان

سنڌ جيجل امان، منهنجي دل ٿي چوي.

مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ مولانا عزيز الله ٻوهيي تقرير ڪندي چيو ته مان ڪو اديب ۽ شاعر ته نه آهيان، پر راشد مورائي سان ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن. هڪ دفعي راشد مورائي مونکان سوال پڇيو ته ڄام ساقيءَ ڏهرڪي کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ قافلو شروع ڪيو آهي ۽ مطالبو رکيو اٿس، سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي عام معافي ڏني وڃي، ڇا اهو درست آهي؟ مون جواب ۾ کيس هڪ قصو کڻي ٻڌايو: ملڪ جي صدر جنرل ضيا جو چوڻ هو ته ڌاڙيل ڪلچر اسان هٿ وٺي پيدا ڪيو آهي ته جيئن سنڌ واسي پاڻ ۾ ڦاٿل رهن ۽ پوءِ راشد چيو ته مونکي جواب ملي ويو. هن ڪيترائي برصغير جا تاريخي واقعا ٻڌايا ۽ چيو ته ڪالھ اخبارن ۾ سعودي عرب جي بادشاھ محمد بن سلمان چيو آهي ته مغربي ملڪن جي دٻاءَ سبب اسان وهابيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مدرسا ۽ مسجدون ٺهرايون صرف روس کي شڪست ڏيڻ لاءِ. هن چيو ته 1857ع ڌاري جنگ آزاديءَ دوران انگريزن بهادر شاھ ظفر کي گرفتار ڪيو هو. مولانا قاسم نانوتوي سان ڳالهين دوران انگريزن ساڻس ٻه شرط رکيا هئا، هڪ ته مدرسا تعليم شروع ڪرايو، حديث جو علم پڙهايو وڃي ۽ ٻيو اسان جي حڪمراني قبول ڪرڻ لاءِ فتوي جاري ڪيو، منهنجون پير پاڳاري سان سندس زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون ۽ بحث مباحثا ٿيندا هئا. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اسانجي مذهب دين اسلام ۾ فرقه بندي ڪرائڻ ۾ انگريزن جو اهم ڪردار آهي.

تقريب دوران ٻن ڪتابن هر هڪ “ڳاڙهي باک ڦٽي”، شاعري ۽ ٻيو خطن تي مبني ڪتاب، “سڄڻن جا سنيها” جي مهورت پڻ ٿي، جيڪا اسٽيج تي ويٺل صدارت ڪندڙ حليم باغي، احمد سولنگي ۽ مڙني معزز مهمانن هٿان مهورت رونمائي ٿي.

ٿر کان ڪهي آيل سائين راشد مورائي جي دوست مامي جمن دربدر هن شعر سان شروعات ڪئي:

هو چوني لڏ، ته به پاڙو نه ڇڏ پرينءَ جو (شاھ)

هن چيو ته سائين راشد جون يادون ياد اچن ٿيون، وقت جو پابند هو، فڪري ۽ علمي پورهيو ڪيائين، مورو اسان لاءِ معتبر آهي. روبرو اچي حاضري ڀربي هئي، اڄ به آيا آهيون ۽ ايندا رهنداسين. هن ڪيتريون ئي ساروڻيون ٻڌايون آخر ۾ راشد جو شعر ٻڌايو.

جاڻ ڪرڻ ۽ جوڙ تي بندش،

ساٿ سان اورڻ سور تي بندش،

ناز وارن جي ناز تي بندش،

محبوبي انداز تي بندش، اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ،

راشد مورائي چوٿين ورسي تقريب جي مهمان خاص ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي پنهنجي خطاب دوران سڀ کان اول راشد مورائي يادگار ڪاميٽي، سنڌي ادبي سنگت موري کي جس ڏيندي چيو ته اڄوڪي تقريب علمي، ادبي ۽ فڪري ويهڪ آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ، ڪراچي، لاڙ، ٿر، ڪاڇو، اتر ۽ ساهتي جا سڀئي سنڌ واسي اديب، شاعر، قلمڪار، فنڪار ۽ آرٽسٽ موجود آهن، مورو منهنجو جنم ڀومي آهي ۽ ساس مورو منهنجي پهرين مڌر برانچ آهي ۽ مونکي اعزاز آهي ته مان سيڪريٽري هيس ۽ اهو راشد مورائي جو احسان آهي. دنيا ۽ سنڌ ۾ سياسي هلچل کان متاثر ٿي دنيا جي آرٽسٽن پنهنجو ڪم شروع ڪيو. فطري طرح سائين راشد مورائي شاعر هو، پنهنجي ڏات کي وسعت بخشڻ لاءِ شعوري ۽ آدرشي گس ڏانهن هليو. سائين جو والد محترم سيد علي شاھ پڻ تمام وڏو شاعر هو ۽ سندس ڪلام پڻ سهيڙڻ گهرجي. راشد مورائي شاعر ابن شاعر آهي. سندس ڀاءَ روشن علي شاھ تصوف وارو شاعر هو، پاڻ شعر و ادب گهراڻو هو. راشد هڪ آرٽسٽ شاعر هو. صحت مند اثرن کي هر آرٽسٽ قبول ڪيو آهي. اصلوڪو ۽ سچو شاعر ئي وڏو ٿي سگهي ٿو. سياسي، سماجي، اقتصادي، شعري روايتن کان ڪم وٺندا آهن، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪشچند بيوس وڏو شاعر هو، عبدالڪريم گدائي پنهنجي دور جو جديد ۽ وڏو شاعر هو ان کان پوءِ اياز آيو، جنهن سنڌي ۾ جديد شاعري ڪئي. ائين نياز همايوني، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ راشد کي حالتن تمام وڏو شاعر بنايو. شاعر جو سڀ کان اول وطن پرست هئڻ تمام ضروري آهي ۽ راشد وطن پرست هو. هن جو هڪ خواب هو، سندس شاعريءَ ۾ سندس محبوب هميشه سنڌ رهي آهي، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل سان ڀرپور نڀايو آهي. هنر مند شاعر هو رديف ۽ ڪافيي جو ڄاڻو هو. سندس بنيادي شاعري جا ڪتاب “سنڌڙي جو سوداع”، “ميندي سندا کيت”، “ڳاڙهي باک ڦٽي” ۽ ٻيا آهن. پاڻ هڪ استاد، شاعر ۽ قومي، عوامي، انقلابي شاعر هو، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت پڻ رهيو. مون پنهنجي شاعري جو ڇپيل ڪتاب “خواب آوارا پکي” سڀ کان اول سندس خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ دعا ورتي، سندس شاگردي ۾ رهڻ دوران شفقت رهي، آءٌ خوشنصيب آهيان جو راشد جهڙو مون کي استاد مليو.

آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي حليم باغي پنهنجي خطبي ۾ چيو ته فارسي جو هڪ شعر آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته: “اسان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان جي قبر زمين ۾ نه ڳولجو، اسان ماڻهن جي دل ۾ وسون ٿا”. راشد مورائي سنڌ جي سرموڙ شاعرن واري قافلي ۾ شريڪ هو، جن ۾ شمشير الحيدري، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، ابراهيم منشي، استاد بخاري ۽ سرويچ سجاولي شامل هئا. هن ڪڏهن به مات نه قبولي، خوددار شخصيت هو. اسان کي مورو شهر راشد مورائي جي ڪري وڻندو آهي. هتي شريڪ ٿي اسان کي دلي خوشي ۽ روحاني سڪون ملندو آهي. آخر ۾ هن راشد جي شاعري ٻڌائي:

جڏهن به سوچيم ته آنءَ ڇا ڪريان ۽ ڇو ڪريان،

جي قوم آهي بي وفا ته مان به ڇو وفا ڪيان،

چيم ته ڪنڊ ۾ رهي، رڳو خدا خدا ڪيان،

ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون.

اهڙي طرح هي علمي ادبي ۽ فڪري نشست رات ڏهين وڳي ختم ٿي، ان بعد آيل سڀني مهمانن کي رات واري ماني کارائي وئي، جنهن بعد راڳ رهاڻ جي محفل ٿي جنهن ۾ نوجوان راڳي عابد سولنگي ۽ ٿر کان آيل مٺڙي آواز جو مالڪ رجب فقير ۽ رفيق فقير سڄي رات سر وکيريا ۽ ڳائي محفل کان خوب داد حاصل ڪيو، اهڙي طرح هي چوٿين ورسي تقريب رات پڄاڻان چنڊ لهڻ ويل پوئين پهر چئين وڳي ڌاري ختم ٿي.