ڏينهن جا يارنهن پيا ٿين ، پر ڪوهيڙو ۽ سيء لهڻ جو نالو ئي ڪو
نه ٿا وٺن. سج به ڪنهن پوليس جي عملدار وانگر ويزا تي ويل هجي. جيڪو هن مهل تائين
نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. سيء سيء الا جسم وڍيندو ٿو وڃي. سيء ۾ منهنجي ڄاڙي به ائين
ٿي وڃي ڄڻ جلال چانڊيي جي چپڙي.ٻيو هي موٽر سائيڪل جي اگهاڙي سواري ههڙي موسم ۾
سهولت نه پر مصيبت هجي. ائين سيءۡ ۾ ڏڪندو جڏھن ڏتل خان جي ڳوٺ پهتس. ڏٺم ته اسڪول
جي اڱڻ تي ماڻھن جي رش ھجي.۽ لڙ به ٻڌڻ ۾ اچي پيو .گهٽي مان چاچو رکيل لٺ جي ٽيڪ
تي نظر وارو چشمو پاتل اکين تي هٿ رکندو هڪلون ڪندو پيو اچي.متان ڀاڙيا متان پاڻ
وڙھيا آھيو.گهٽيءۡ درن ۽ لوڙھن کان زائفون پڻ بيٺيون آھن.جيڪي دانهون ڪري رهيون
وارو ڪريو ڇڏايو نه پاڻ ۾ ٿا وڙھن.اسڪول پهتس ڏٺم ته ڪجھ ماڻھو استاد شبير کي هڪ
طرف جهلي بيٺا آھن.مان استاد شبير کي سڃاڻان جيڪو هن اسڪول ۾ باقائدي سان اڪيلو
ٻار پڙھائيندو آھي.۽ ٻئي طرف ڪجھ ماڻھو هڪ پنجاۡھ سالن جي همراھ کي جهلي بيٺا
آھن.جنهن کي ڪارو چشمو چار منڊيون شايد سونيون پي لڳيون.نئون ڪاٽن جو وڳو پاتل
آھي.پر پوء به زوري ڇڏائڻ ۽ وڙھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.
مان سلام ورائي پڇا ڪئي ته ڀائو خير ته آھي؟ڇا مسئلو آھي؟ڇاتي
جهيڙو آھي؟ميڙ مان بيٺل هڪ همراھ چيو ڇتا ٿيا آھن پاڻ ۾ ٿا وڙھن.مون عرض ڪيو ٻيلي
ٻانهون ٿو ٻڌانوٗ پاڻ ۾ نه وڙھو،خدا کي مڃو هونءۡ ئي انهن جهيڙن اسان جي قوم تباھ
ڪري ڇڏيو آھي.ايتري ۾ استاد شبير وڌي اچي هٿ ڏنو ،۽ چيائين ته ادا توهان پنهنجي
ڊيوٽي سانگي فيلڊ دوران اسان جي ڳوٺ ايندا آھيو.مان سدائين اسڪول جي ٽائيم تي
پنهنجي اسڪول ۾ ٻار پڙھائيندي اڪيلو نظر ايندو آھيان يان نه؟مون ها بلڪل،هو جيڪو
سامهون شخص آھي کيس سان وڙھندڙن ڏي اشارو ڪندي چيائين.اهو هن اسڪول جو سرڪاري
ماستر آھي،جيڪو ماهوار پنجاھ ھزار روپيا پگهار کڻندو آھي .ڪجھ سال ٿيا آھن شھر لڏي
ويو آھي،شھر ۾ پنهنجو زاتي ڪاروبار ڪندو آھي.مان سرڪاري ماستر ناهيان هو مونکي
مهيني جا ٽي هزار رپيا ڏيندو هو.ٽي مهينا ٿيا آُھن ته هن مونسان مهينا جا پنج هزار
روپيا پگهار جو ڳالهائي ٽن مهينن کان پگهار جا پيئسا به نه ٿو ڏيئي نه ڪي پاڻ
پڙھائي ٿو.مهيني ۾ هڪ ڏينهن ايندو آھي ،مسٽرول تي صحيحون ڪري هليو ويندو آھي.اڄ
آيو آھي چئي ٿو پگهار جا پيئسا ڪو نه ڏيندس ۽ اسڪول مان نڪر . بائيو ميٽرڪ سسٽم جو
اڇي ويو آھي،بائيو ميٽرڪ جو ٽيمون استادن جي پڙھائڻ حاضريء جي نگراني ڪري رهيون
آھن ڇا اهي ٽيمون هتي نه ٿيون اچن؟مون حيرت واري انداز ۾ سوال ڪيو.ادا بائيوميٽرڪ
وارا نانگ آھن ڇس جو مٽي کائيندا.؟ادا توهانکي خبر آھي ته هتي پيئسن تي ڇا ڇا نه
ٿو ٿئي سڀني ماڻھن گڏجي هڪ آواز ۾ ڇيو.