Wednesday, May 20, 2020

امير حسن (آزاد) پنھور سينيئر وائيس چيئرمين جسقم (آريسر) جي موکي مئگزين سان ڳالھ ٻولھ | مھراڻ سنڌي

جسقم آريسر تي پابندي کان پوءِ سينيئر وائيس چيئرمين امير حسن پنهور جو موکي مئگزين کي انٽرويو ـ

مهراڻ سنڌي: جسقم آريسر جو منشور ۽ مقصد ڪهڙا آهن؟

امير حسن پنهور: جسقم (آريسر) رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر، پيغام سنڌ تحت سنڌ جي جاگرافيائي، سياسي، معاشي،ثقافتي قومي آزاديء لاء عدم تشدد جي سياسي پاليسيء تحت جدوجهد ڪندڙ سياسي جماعت آهي، جيڪا قومپرستي، جمهوريت، سوشلزم، سيڪيولرزم کي رهنما اصول سمجهي ٿي، جسقم سمجهي ٿي ته سنڌ کي وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي ڪالوني ۽ بيٺڪيت بڻايو ويو آهي ۽ 47 کان وٺي پنجاب سنڌ جو سياسي ۽ معاشي استحصال ڪري رهيو آهي، سنڌ جي معدني توڙي پئداواري وسيلن تي پنجاب جو قبضو آهي، سنڌ مان پئدا ٿيندڙ ڪمائي تي پنجاب ترقي ڪري رهيو آهي ۽ سنڌي ماڻهو بک ۽ بي روزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، سنڌودرياھ تي پنجاب قبضو ڪري سنڌين جي زرخيز زمينن کي بنجر بڻائي رهيو آهي، ڪڏهن ون يونٽ هڻي سنڌ جو قومي تشخص ختم ڪري سنڌ ۾ ڌاريان آباد ڪيا ٿا وڃن ته ڪڏهن وري 73 جي آڙ ۾ تاريخي قومن جي وجود کان انڪار ڪري زوري هڪ قوم شمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سنڌين جي وسيلن تي وار ڪيا ٿا وڃن، ان ڪري بنگالين جي 71 ۾ الڳ ٿي وڃڻ کانپوء سائين جي ايم سمجهيو ٿي ته هاڻي پنجاب سان گڏ هلڻ سنڌين جي لاء وڌيڪ نقصانڪار ٿيندو ۽ جيڪو اڄ تائين ثابت ٿي چڪو آهي ان ڪري جسقم جو مقصد پنجاب جي استحصال مان جان ڇڏائڻ لاء سنڌوديش جي صورت ۾ سنڌ جي قومي آزادي لاء جدوجهد ڪرڻ آهي ـ

امير حسن پنهور سينيئر وائيس چيئرمين (جسقم) آريسر

مهراڻ سنڌي: جسقم آريسر عدم تشدد تي يقين رکي ٿي ته پابندي جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟

امير حسن پنهور: مسئلو عدم تشدد يا تشدد جو ناهي، پهرين ڳالھ ته محڪوم تشدد ناهي ڪندو تشدد، تشدد هميشه حاڪم، ظالم ۽ ڏاڍو مظلوم ۽ هيڻي مٿان ڪندو آهي، تشدد وحشياڻي صفت آهي، اگر ڪو مظلوم ان ظلم جي آڏو هٿ ڏئي پنهنجو تحفظ ڪري ٿو ته اهو تشدد نه پر پنهنجي بچاء ۾ مزاحمت آهي ۽ اها فطري آهي هر ساھ واري شئي پنهنجي وس آهر تشدد جي مزاحمت ڪندي آهي ۽ عدم تشدد جي سياست به هيڻن، مظلوم قومن جي ڏاڍن جي اڳيان هڪڙي مزاحمت آهي، هڪڙي سياسي حڪمت آهي ته جيئن پنهنجو بچاء به ڪري سگهجي ۽ پنهنجي ڳالھ پنهنجن ماڻهن تائين پهچائي ۽ سمجهائي سگهجي، ننڍي کنڊ توڙي سائوٿ آفريڪا ۾ عدم تشدد جي سياسي مزاحمت جا شاندار مثال موجود آهن، اوهان چيو ته عدم تشدد باجود پابندي ڇو لڳي سو ڳالھ سياسي طريقيڪار ۽ حڪمت عملي جي ناهي ڳالھ آقائن جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ جي آهي ۽ جسقم اها رٽ چيلينج ڪندي رهي آهي، اسان ڪڏهن به رات کي ڏينهن چوڻ نه قبوليو آهي، اسان سنڌ جي سينڌ لٽجندي ڏسي ڪڏهن به خاموشي اختيار نه ڪئي آهي، اسان رياستي ظلم ۽ تشدد کي سدائين ماڻهن جي سامهون پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جسقم يا ان کان اڳ جي سنڌ محاذ سدائين رياستي عتاب جو شڪار رهي آهي، رهبر سنڌ کي 31 سالن کان وڌيڪ عرصو جيلن ۾ ۽ نظربندين ۾ رکيو ويو، سندس ڪتابن مٿان بندشون هنيو ويون، سيد ته انتهائي سڌو سياستدان هو جنهن جي ڪا به ڳالھ ڳجهي نه هئي، هن سدائين هٿيار کان وڌيڪ دليل کي اهميت ڏني پر پنجابي جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ وفاق سدائين سيد کي عذاب ڏنا، اهڙي طرح جسقم جو باني چيئرمين سائين عبدالواحد آريسر زندگي جو گهڻو عرصو جيلن ۽ قبر نما عذاب گهرن يعني ٽارچر سيلن ۾ رهيو، دنيا جو ڪهڙو تشدد جو طريقو هو جيڪو هن جي جسم تي نه آزمايو ويو، سندس ڪتاب به پابندي هيٺ رهيا، آريسر صاحب ته چوندو هو ته آئون ته عورت جي ارھ کي زور ڏيڻ کي به تشدد سمجهندو آهيان پر اهڙي اهنسا پسند انسان کي به ان ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو جو هن سنڌ جي محڪوميء خلاف لکيو ۽ ڳالهايو ٿي، اهڙي طرح شهيد بشير خان قريشي سميت قومي تحريڪ جا ڪيترا ئي اڳواڻ شهيد ڪيا ويا جيڪي صرف سنڌ جي قومي آزادي لاء سياسي جدوجهد ڪندا هئا، جسقم به پنهنجي رهبر ۽ اڳواڻن جيان سياسي عمل ۾ متحرڪ رهي آهي، گذريل ڪجُھ سالن کان رياستي عتاب ۾ وڌيڪ تيزي آئي، ڪيترن ئي ڪارڪنن کي شهيد ۽ گرفتار ڪري گم ڪيو ويو، ايتري تائين جو سن ۾ سيد جي سالگرھ ۽ ورسي ملهائڻ تي بندش هئني وئي، ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن کي جبري طور تي نامنهاد قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو، اهو سڀ ڪجھ ان لاء ڪيو ويو ته خوف پئدا ڪجي سنڌي ماڻهو حق جي ڳالھ ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ پنجاب جي غلامي کي خاموشيء سان قبول ڪن پر جسقم ان رٽ کي چيئلينج ڪيو جڏهن قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پئي ته جسقم سڄي سنڌ ان ظلم خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي، ٻين سياسي ڌرين به ان ۾ سهڪار ڪيو، گم ٿيلن جي خاندانن به وي ايم پي جي پليٽ فارم تان تاريخ ساز جدوجهد ڪئي جيڪا ڳالھ ڪنهن به صورت ۾ رياست کي پسند نه هئي، جڏهن سنڌ جي روڊن رستن تان ڪهاڙو وارو ڳاڙهو جهنڊو، سنڌ جو قومي پرچم لاٿو پئي ويو ته جسقم ڀٽ شاھ کان ڪراچي تائين اهو قومي پرچم کڻي سنڌ جي اهم مسئلن تي لانگ مارچ ڪيو جيڪو به رياست کي پسند نه هو، جسقم سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين جي آبادڪاري خلاف، جبري طور گرفتار ڪري گم ڪيلن جي آزاديء لاء، مذهبي انتهاپسنديء، سنڌ جي معدني توڙي پئداواري وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌودرياھ تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف گذريل ٻن سالن ۾ سنڌ جي ڊويزنل شهرن ۾ سگهارا احتجاجي مظاهرا ڪيا جيڪا ڳالھ رياست کي شايد دهشتگردي ٿي لڳي، ان کانسوء جسقم جا ڪارڪن سنڌ جي هر معاملي تي متحرڪ رهيا، شايد ائين سمجهيو ويو ته هي ماڻهو اونداهي رات ۾ ڏيئو ٿا ٻارين ان ڪري دھشتگرد آهن يا موت جهڙي خاموشي ۾ نعرو ٿا هڻن ان ڪري ديش دروهي آهن، سو اهيو ئي سبب آهي جسقم کي دهشتگرد ڏئي بندش هڻڻ جو، تاريخ ۾ ڏسندئو ته هر اهو ماڻهو يا تنظيم دهشتگرد ۽ باغي سڏيا ويا آهن جن حاڪم ۽ ظالم کي للڪاريو آهي ۽ مظلومن، محڪومن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان ڪري اسين به ان صفن ۾ شامل ٿيڻ تي فخر محسوس ڪريون ٿا ـ

مهراڻ سنڌي: جسقم آريسر تي پابندي کانپوء ٻين قومپرست جمائتن جو ڪو ردعمل يا ڪو بيان وغيره؟

امير حسن پنهور: ڪنهن به انقلابي پارٽي لاء ڏکيو وقت ان وقت ايندو آهي جڏهن قوم جا ساڃاھ وند ماڻهو به رياستي پروپئگنڊا جو شڪار ٿي دشمن جو ٻولي ڳالهائين، رياست ڪنهن به تنظيم تي بندش ھڻڻ يا ان جي سرگرمين کي روڪڻ لاء ان کي آئسوليٽ ڪرڻ شروع ڪندي آهي , اهيا پراڻي حڪمت عملي رهي آهي ته حقيقي عوام دوست جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي پهرين پنهنجي ماڻهن کان الڳ ڪجي پوء انهن تي حملو ڪجي، آئون ايئن سمجهندو آهيان ته انقلابي سياسي ڪارڪن عوام کان الڳ ايئن آهي جيئن پاڻي کان ٻاهر مڇي، مڇي پاڻي کان ٻاهر زندھ ڪون ٿي رهي سگهي انقلابي ڪارڪن پنهنجي قوم کان ڪٽجي زندھ ڪون ٿو رهي سگهي، سو رياست هتي به ايئن ڪيو، اسان جي خلاف مختلف من گهڙت الزام هنيا ويا، اسان جي پارٽي کي هٿياربند واقعن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مختلف طريقن سان اسان جي خلاف واويلا ڪرائي وئي، خوف جو ماحول پئدا ڪيو ويو ته جيئن عام ماڻهو اسان سان نه جڙي سگهي، سنڌ جو ساڃاھ وند، سياسي ڪارڪن شاعر اديب، نوجوان اسان کان الڳ ٿئي پر اسان پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد ۽ رهنما سائين عبدالواحد آريسر جي پوئلڳي ڪندي پنهنجي هر جدوجهد، هر ڳالھ کليل انداز ۾ سڀني جي سامهون رکندا رهياسين، اسان کي ڪجھ به لڪائڻ جي ضرورت ناهي، اسان جڏهن بار بار عدم تشدد چئون ٿا ته اهو به رياست جي آڏو وضاحت ڏيڻ لاء نه پر پنهجي سياسي پاليسي ۽ حڪمت عملي پنهنجي قوم جي اڳيان رکڻ لاء چئون ٿا، منهنجي ايمان آهي ته لڪي گناھ ڪبا آهن، آزادي جي جدوجهد گناھ يا ڏوھ ناهي هي اسان جو فطري ۽ آفاقي حق آهي، اها گهر اسان سرعام ڪيون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته سنڌ تاريخي طور تي سنڌين جو وطن آهي، ان جي وجود جي بقا ۽ سلامتي آزاديء جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي، سو اسين ان جي آزادي عوامي سگھ جي ذريعي سنڌي ماڻهن جي مدد سان وٺڻ چاهيون ٿا، اسين ڪنهن جا به ايجنٽ ٿيڻ نٿا چاهيون، ڪنهن جا به نه، اسين سنڌ سان محبت سبب سڀ ڪجھ برداشت ڪرڻ لاء تيار آهيون، اسان ثابت قدمي سان پنهنجي ڳالھ تي بيٺا آهيون، ماڻهن جي وچ ۾ رهيا آهيون، اسان جي ڳالھ جي ساک سنڌ جو هاري به ڏيندو جنهن سان گڏ اسان پاڻي جي لاء جدوجهد ڪئي آهي، سنڌ جو اديب به ڏيندو جنهن سان اسين ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ رهيا آهيون، مختلف نظرين سان تعلق رکندڙ سياسي ڪارڪن به ڏيندو جن سان اسين اتحادن ۽ جدوجهدن ۾ گڏ رهيا آهي، مطلب ته اسان رياستي پروپئگنڊا کي ان صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو آهي ته ڪو اسين دهشتگرد آهيون، سڄي سنڌ سمجهي ٿي ته اسين سياسي ڪارڪن آهيون، ۽ جڏهن اسان تي پابندي لڳي آهي ته خوشيء جي ڳالھ آهي ته سواء وفاق پرست پارٽين جي باقي سنڌ جي سڀني سياسي جماعتن اسان جي حمايت ۾ بيان جاري ڪيا آهن، سندن ڪارڪنن به اسان جي حمايت ڪئي آهي اسين سڀني جا شڪرگذار آهيون، جيئن اڳ جدوجهد ۾ گڏ رهيا آهيون ايئن آئيندھ به گڏرهنداسين، سنڌ جو ورڪر، پڙهيو لکيو ماڻهو هاڻي سنڌ ڪاز تي بنا پارٽي فرق جي گڏ آهي، ان جو اظهار اوهان ويجهڻ ۾ سوشل ميڊيا تي ڏٺو هوندو، جنهن عمل هن فاشسٽ رياست کي وائڙو ڪري وڌو آهي، اسان تي بندش جو سبب رياستي بوکلاهٽ ۽ وائڙائپ آهي، اسين پاڻ کي خوشنصيب سمجهون ٿا جو سنڌ جي ساڃاھ اسان سان گڏ بيٺل آهي ـ

مهراڻ سنڌي : جسقم آريسر سميت ٻين قومپرست تنظيمن جا ڪارڪنن، سماجي ڪارڪنن، صحافي، استاد، اديب ۽ شاعر ڪهڙي سبب جي ڪري گم آهن؟

امير حسن پنهور: جسقم جي ڪارڪنن سميت ڪيترا ئي قومي ڪارڪن سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوھ ۾ مختلف وقتن تي جبري طور تي کنڀي گرفتار ڪري گم ڪيا ويندا رهيا آهن، جن مان ڪيترن کي ئي شهيد سميع الله ڪلهوڙو، شهيد مظفر ڀٽو جيان ٽارچر سيلن ۾ شهيد ڪيو ويو آ، ڪيترا ئي سالن جا سال ٽارچر سيلن ۾ رهڻ ڪري اڌ ماڻهو ٿي واپس اچن ٿا ۽ بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿا، سهيل ڀٽي سنڌ جو ڳڀرو نوجوان آهي ان کي پنج سال اڳ شهدادڪوٽ جي ڪاليج مان گرفتار ڪري گم ڪيو ويو هو اڄ تائين ان لاء انصاف ۽ ڪورٽن جا سڀ در بند آهن، سائين ايوب ڪانڌڙو، شادي خان سومرو، انصاف دايو، اعجاز ڳاهو سميت ڪيترا ئي اهڙا قومي ڪارڪن آهن جن کي ٽن سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي، اسان سان ته جنگي قيدين کان به بدترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي، دنيا ۾ مڃيل انساني حقن جا قانون آهن جن تي هن رياست به صحيح ڪئي آهي پر عمل ڪون ٿو ٿئي، خود هن رياست جي قانون موجب به سنگين ڪيس جي مجرم کي به 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻو آهي پر آريسر صاحب درست چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڳالھ ڪرڻ قبرستان ۾ آزان ڏيڻ جي برابر آهي، ڀٽي جي دور کان وٺي کنڀڻ جو سلسلو هلندڙ آهي، جڏهن اسد مينگل ۽ سنڌ مان اشوڪ ڪمار کي گم ڪيو ويو هو ۽ ٻنهي جو لاش نه مليو، سائين عبدالواحد آريسر کي به ڪجھ مهينا گم ڪري ٽارچر ڪيو ويو هو، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، اهيو سڀ ڪجھ ڪرڻ جو مقصد ماڻهن ۾ خوف پئدا ڪرڻ آهي ته جيئن هڪ ته قومي ڪارڪن تشدد سبب سيد جي فڪر ۽ سياست کان الڳ ٿين يا معذور ٿي وڃن ۽ ٻيو خوف سبب عوام قومي تحريڪ کان پري رهي پر هي سڀ طريقا ناڪام ٿيندا، وقت گذرڻ سان گڏ قومي تضاد وڌيڪ اڀري ۽ چٽو ٿي رهيو آهي، هاڻ عام سنڌي ماڻهو به سنڌ سان ٿيندڙ ظلم جي سبب کان واقف ٿي چڪو آهي ۽ آواز اٿاري رهيو آهي ـ

مهراڻ سنڌي: ارڙهين ترميم ڇا آهي ۽ وفاق سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ ختم ڪرڻ ڇو ٿي چاهي؟

امير حسن پنهور: 73 جي آئين جي موجودگيء ۾ 18 هين ترميم جي جيڪڏهن آسان وصف ڪجي ته اها هئين ٿيندي ته ڪو ماڻهو ڏنڊي جو زور تي سڄي ماني ڦٻائي وڃي ۽ پوء وڏي منٿ ميڙ کانپوء هڪ گرھ واپس ڪري ۽ چوي ته مون توهان تي وڏو احسان ڪيو آهي، اصل ۾ 73 جي آئين ۾ ذولفقار ڀٽي سنڌ جا سڀ معدني ۽ پئداواري وسيلا وفاق کي ڏئي ڇڏيا، سنڌ جي سمنڊ جي بندرگاھ جي ڪمائي، سنڌ جي شهرن مان پئدا ٿيندڙ ٽئڪس جي ڪمائي، سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گئس ۽ ٻي معدنيات جي ڪمائي سڀ وفاق جي حوالي ڪيا ويا، سنڌ ملڪ جي ٽوٽل ڪمائي جو 71 سيڪڙو ڏيندڙ آهي، اهڙي طرح 72 سيڪڙو گئس ۽ 56 سيڪڙو تيل جي پئدوار سنڌ مان ٿئي ٿي، اهي به سرڪاري انگ اکر آهن، ان کان ڪمائي وڌيڪ هوندي، اهو سڀ وفاق جي نالي ۾ پنجاب کڻندو رهيو آهي ۽ سنڌي ماڻهو شاهوڪار ڌرتي جا بدحال ماڻهو آهن، جن وٽ نه تعليم جي صحولت آهي، نه سهت جي نه ۽ مواصلات جو نظام آهي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌ جي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري ٿي، ان جو سبب غلامي آهي، سو زرداري جو دور ۾ ڪجھ کاتا جيڪي وفاق وٽ هئا، اهي 73 جي آئين پاس ٿيڻ جي 10 سالن ۾ قومي وحدتن جي حوالي ڪرڻا هئا پر گهڻي وقت کانپوء ڏنا ويا، ان سبب وفاق جي حصي مان ڪجھ ارب قومي وحدتن کي مليا پئي جيڪا ڳالھ به وفاق کان برداشت نه ٿي ۽ اهي به واپس وٺڻ لاء ضد تي آهي اهڙي طرح ڪجھ فيصلن جا اختيار به قومي وحدتن کي مليا، جيڪو به پنجاب ڪنٽرولڊ وفاق کي ناگوار لڳو آهي، اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي مسئلي جو حل ڪا به آئيني ترميم نه پر سنڌ جي آزاد خودمختيار حڪمراني آهي پر جيستائين منزل ملي ان وقت تائين جيڪو ڪجھ سنڌ کي ٿورو گهڻو ملي پيو ان تي ڌاڙو لڳندو ته مزاحمت ڪبي ـ

مهراڻ سنڌي: سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ ڌرتي جي خوشحالي ۽ آجپي لاء ڇا ڪرڻ گهرجي؟؟

امير حسن پنهور: نوجوانن قومن جو گرم رت هوندا آهن، نوجوان عمر جي اهڙي حصي ۾ هوندو آهي جتي خوف گهٽ محسوس ٿيندو آهي ۽ گهڻيون سماجي مجبوريون نه هجڻ سبب لالچ جو شڪار به گهٽ ٿئي ٿي، سنڌ سميت دنيا جي انقلابي جدوجهدن جو هر اول دستو نوجوان رهيا آهن، سنڌ جي نوجوان تي ٻيڻي ذميواري آئد ٿئي ٿي ڇو جو هو غلام قوم جو غلام نسل آهن، آزاد قومون گهڻو اڳتي نڪري ويو آهن، اسان گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون، غلامي قومن جي مادي توڙي روحاني ترقي کي بند ٻڌي ڇڏيندي آهي ۽ آزاد قومي ترقي جي معراج تي پهچي وينديون آهن، اهڙي حالتن ۾ سنڌ جي نوجوان کي هڪ طرف دنيا جي جديد سائنسي علم سان ڳانڍاپو پئدا ڪرڻو آهي، رابطن جي جديد طريقا اچڻ سبب هاڻي جديد علمن جي حاصلات ايتري مشڪل نه رهي آهي، هاڻ نوجوان رياست جي ردي نصاب جو محتاج نه رهيو آهي، هيء رياست جيڪو نصاب پڙهائيندي رهي آهي ان مان سائنسدان ۽ فلاسافر نه پر انتهاپسند ئي پئدا ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻ دنيا علم جي لاء سرحدون کولي ڇڏيون آهن، ان ڪري هڪ ته سنڌ جي نوجوان کي پنهنجي مدد پاڻ تحت علم ۽ روزگار تلاش ڪرڻ گهرجي، پر ان کان وڌيڪ اهم ذميوراي نوجوانن جي مٿان اهيا آهي ته اهي سنڌ جي ڪاز سان پاڻ کي سلهاڙين نه رڳو سياست جو علم حاصل ڪري نظرياتي طور پختا ٿين پر عوام سان پاڻ کي جوڙي منظم سياسي سگھ پئدا ڪن جيڪا سنڌ جي آزاديء جو سبب بڻجي، علم تمام اهم شئي آهي پر اگر اهو پنهنجي قوم ۽ وطن جي بقا لاء ڪم نٿو اچي ته صرف ذهني عياشي آهي، آئون سنڌ جي نوجوان مان پر اميد آهيان، جو هو سنڌ سان محبت ڪري ٿو ۽ هن جي اوليت سنڌ آهي، آخر ۾ آريسر صاحب جي لفظن ۾ ته سنڌ سان ايئن محبت ڪيو جيئن جو ٻار ماء جي ڪوسي ڪک سان پيار ڪندو آهي ـ