الله سائين جا لک احسان جنهن اسان کي مديني وارو سائين رحمت اللعالمين جهڙي نبيء جو امتي بڻايو.
۽ اسان کي رحمتن برڪتن شفاعتن وارو ڀلارو مهينو عطا ڪيو.
هن مهيني ۾ مسلمانن کي گناه جي معافي وٺڻ گهرجي.نيڪيء جا ڪم ڪرڻ
گهرجن .
سيٺ حاجي خاوند ڏنو ڦرندڙ ڪرسيء تي .
سعودي شال ويڙھيل با شريعت سونهاري وڏن مڻين واري تسبيح .
اڳيان شيشي واري ٽيبل ان تي وڏي ٽچ موبائيل پيل. آفيس جي ڀتين
تي .لوح قران جو نقشو.
ڪاروبار جي برڪت واريون آيتون.ڪعبت الله شريف ۽
مسجد نبويء جون تصويرون لڳل.
اولھ واري ڪنڊ ۾ شيلف تي قران شريف رکيل .
سامهون ڪرسين تي سندس ملازم ويٺل .
پنهنجي ڪاروبار واري آفيس ۾ ويٺو پنهنجي ملازمن کي نصيحت ڪري
رهيو آھي .
مسلمان کي وياج نه کائڻ گهرجي.
تور ماپ ۾ خيانت نه ڪجي.
حق ڏجي حق وٺجي.
آخر واحدالقهار کي جان ڏيڻي آھي .
سمجهو پيا نه ابا؟
سڀني گڏجي حيرت واري انداز ۾ چيو جي حاجي جي.۽ اندر ۾ حيرت گاڏڙ
کلندا رهيا.
ايتري ۾ 65 سال جو رمضان سندس گراهڪ پراڻو ميرو پٽڪو پاتل .
انگوڇو ڪلهي تي.ڃڳل چپل پاتل.
اندر داخل ٿي سلام ورايو.
سلام دعا کان پوء.
محمد رمضان ڏيو حال احوال؟
حاجي صاحب ڪهڙا ٿو حال احوال پڇين؟
ٻج نقلي.ڀاڻ نقلي.دوائون نقلي.
پاڻيء جي ھٿرادو کوٽ الڳ.
شگر ملون حڪومت جي ماڻھن جون.
نه پيئسا ملن نه صحي اگھ ملي.
ڪڻڪ 33 سو روپيه واري ٻوري.
27 سو روپيہ ۾ به ڪير ڪونه وٺي.
ڪهڙا ٿو سور پڇين حاجي صاحب؟
ڳالھ ته صحي آھي پر قرض ته ڪير ڪو نه ڇڏيندو اهو ته ڏيڻو پوندو
نه ادا.
سڄي شھر جا ٻيا سيٺيون.لک تي پنج هزار رپيا وٺندا آھن.
اسان ته لک ٽي هزار رپيه مهينو وٺندا آھيون.
پو به وقت تي نه ملن اهو سٺو ناهي؛؟
نه حاجي صاحب پيئسا آندا اٿم غريب ضرور آھيان پر بي ضمير ناهيان.
محمد رمضان جي ضمير جواب ڏنو.
گوڏ جي پلاند مان هزار جا پورا نو نوٽ ڪڍي حاجي سيٺ خاوند حوالي
ڪيائين .
۽ ڇيائين پٽ جي خوشيء تان صدقي کوڙ پيئسا هٿن جي مر آھن .
رمضان سيٺ کي پيئسا ڏئي ڀڻڪندو ويندو رهيو.
سيٺ پيئسا ڳڻي ماشاءالله چئي ٻه ھزار رپيا پاڻ وٽ رکي.
باقي ست هزار اڪائونٽ واري منشي کي ڏيندي چيائينس ته رمضان جي
کاتي ۾ نو هزار جمع لک.
۽ ھنن پيئسن مان پنهنجي پاڙي واري مسجد ۾ جيڪا زير تعمير آھي .
ان لاء ڏھ ٻوريون سيمنٽ جون وٺ.
۽ پاڙي وارين مسجدن ۾.روزائتن جي لاء فروٽ وغيره وٺ .
هڪ هزار سومر فقير کي ڏجان.منهنجي طرفان فطرن جا.
باقي جيڪي بڇن توهان پاڻ ۾ ورهائي کڻجو.
اها توهان جي عيد خرچي آھي.هيء ھڪ نيڪيء جو ڪم آھي اها نيڪي تون
به ڪماء.