سنڌي ناول جي عُمر ڪا ايڏي وڏي نه آهي پوءِ به سنڌ ۾ ان جي
غربت جي اُپٽار ٿيندي رهندي آهي. يقينن سنڌي ناول کي آس پاس جي ٻولين جي ناول وارو
پد ماڻڻ لاءِ وقت گهرجي، پوءِ به نئين صديءَ ۾ جنهن تيزيءَ سان ناول لکجي رهيا آهن
ان عمل واشواس پيدا ڪيو آهي ته ايندڙ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڪو اهڙو ناول ضرور ملڻو
آهي، جنهن کي هڪ ئي وقت عظيم، اعليٰ، شاهڪار، شاندار يا بيمثال ڪوٺي سگهبو فلحال
مٿيان سڀ خطاب (بريڪيٽ) ۾ ئي رکڻ لاءِ آهن پر اُهو ڏينهن پري نه آهي جنهن ڏينهن
اهي استعمال هيٺ اچن.
هيءُ ناول سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ پنهنجي هڪ طريقت جي موجد قلندر
شهباز جي انهن سفرن جي آس پاس آهي، جيڪي هن يارهن کن سالن ۾ قلات کان شروع ڪيا
هُئا ۽ اهي ڪيترن ملڪن ۾ انسان دوستيءَ جا سبق ڏيندي عرب ملڪن، فارس، افغانستان
کان ايندي، ملتان ۽ ان کان پوءِ سيوهڻ تائين ڪيا هئا جن سڀني ۾ آيل پيغام هڪ ئي
آهي انسان جو انسان ٿيڻ ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ! ساڳئي وقت خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ.
ناولن کي موضوع جي حوالي ۾، رومانوي ناول، انقلابي ناول،
تاريخي ناول سوانحي ناول وغيره ڪوٺيو ويندو آهي، هن ناول جو موضوع جيئن ته تصوف
آهي ان ڪري ناول کي ” صوفي ناول“ ڪوٺيو ويو آهي.
تصوف ۾ جيڪي طريقت وغيره جا سنڌا آهن انهن جي باريڪين کان الڳ
ٿيندي مون کي چوڻو/لکڻو اِهو آهي ته، هن ناول ۾ قلندري طريقت کي وڌيڪ ظاهر ڪيو ويو
آهي يا اظهاريو ويو آهي. بحيثيت ناول جي ان جي اُڻت اهڙي آهي، جيڪا وڻندڙ ته آهي
ئي پر ناول جو اسلوب اهڙو آهي، جيڪو شايد موضوع سان ٿوري به دلچسپي رکڻ وارو جڏهن
پڙهڻ شروع ڪندو ته هڪ پل به ناول کان جدا نه ٿي سگهندو ۽ ڪنهن به لکڻي جي وڏي خوبي
اها ئي آهي جيڪا عالمي توڻي علائقائي ادب ۾ قبول ڪئي وئي آهي.
هن ناول پڙهڻ وقت منهنجو تجربو اهي آهي ته زندگيءَ جي ضروري
ڪمن ڪارين کان سواءِ سمورو وقت ناول پاڻ سان ڳنڍي رکيو. ناول جي هڪ خوبي اها به
آهي ان جي ٻولي اهڙي آهي جيڪا احساس، ساڳئي وقت روح مان ڦٽي نڪرندڙ آهي، جيڪا نه
فقط ٻاهرئين طور هڪ با ادب، شانائتي ۽ آبرودار آهي، تخليقي طور اها اهڙي ڇهندڙ آهي
جو اها پڙهڻ وقت اکيون آليون به ڪري وڃي ته ڪڏهن اهو احساس به ڏياري ٿي ته پڙهندڙ
تاريخ نه پر ناول پڙهي رهيو آهي. اهڙي گواهي ليکڪ هنن لفظن ۾ ڏني آهي ته ” تاريخ
ڪوڙ، افسانو سچ آهي“.
ڪنهن به ٻوليءَ جو ناول جيڪا محنت گهرندو آهي، اها ليکڪ پاران
هن ناول پڙهڻ وقت ظاهر ٿي رهي آهي. ناول جيتوڻيڪ قلندر شهباز جي آس پاس هلي ٿو، هو
ناول جو مُکيه يا اهم ڪردار ته آهي پر ناول جو هيرو نه آهي، اها ناول جي وڏي
حاصلات آهي، جنهن جو وڏو مثال اهو آهي ته ناول ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا درج ٿيل آهن
جن کي عام ماڻهو، خود پڙهيل ماڻهن جو وڏو حصو ڪرامتون يا معجزا ڪوٺيندو آهي، ليکڪ
جو ڪمال اهو آهي ته هو اهڙن سڀني واقعن/عملن جا سبب بيان ڪندو آيو آهي، ۽ اِهي سبب
قبوليت جوڳا آهن. ڇو ته انساني ارتقا جي تاريخ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي. اڄ ڏند
ڪٿائن طور ياد ڪيا ويندڙ قصا خود ڪنهن وقت جي تاريخ جو حصو رهيا آهن.
ان ڪري اهڙو گمان نه آڻڻ کپي، ڇاڪاڻ ته ناول جو مقصد قنلدر
شهباز جي سفرن معرفت هڪ اهڙو پيغام ڏيڻ آهي، جنهن جو دائرو ازل کان ابد تائين آهي
۽ اُهو آهي انسان دوستي، قبولڻ کپي ته انسان جي اهميت ۽ عظمت ڪنهن به رنگ، نسل،
قوم، طبقي، مذهب ۽ ڌرم کان اتم ۽ اهم آهي، جيڪو ئي پيغام قلندر شهباز جي مختلف
هنڌن تي ڏنل نيڪ خواهشن جو احاطو ڪري ٿو. اهو سڀ هن ناول جي دائري ۾ آهي.
ناول جي هڪ نهايت اهم خوبي اها به آهي ته ان ۾ بزرگن پاران وچن
پاڙڻ ۽ دوستن جي تقدس ۽ احترام کي مختلف هنڌن تي اهڙي شانائتي نموني اظهاريو ويو
آهي، جنهن ناول جي ٻوليءَ ۽ احساس کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
ناول ۾ آيل تاريخ جو اهو دور آهي، جڪو چنئي ڏسائن کان هلائُن،
ويڙهين، فتحن ۽ عام ماڻهوءَ جي ڪوس جو ڏور آهي. جيڪو تاريخ به ڏيکاري ته فڪشن جي
دائري ۾ لکيل هيءُ ناول به ڏيکاري ٿو. اتي اچي حقيقت افسانو بڻجي ٿي ۽ افسانو
حقيقت بڻجي ٿو، جيڪو ڊگهو ٿي ناول بڻجي ٿو.
ناول جي منظر نگاري ان ڪري به بيحد وڻندڙ آهي جو ليکڪ بنيادي
طور ڪهاڻيڪار آهي ۽ منظر نگاري فِڪشن جو اهم جُز آهي. گمان آهي ته ناول سنڌي ادب ۾
پنهنجي اهميت سان ته ڪنڌ اونچو ڪري بيهندو پر ليکڪ کي به هڪ درجو عطا ڪري اهڙي آشا
اوس ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ جي دائري ۾ سراج صاحب جا ناول يا آغا سليم جا تاريخي ناول
پنهنجي اهميت رکن ٿا پر سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ ويڪري دائري وارو جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي
ته هيءُ ٻيو اهڙو ناول آهي جيڪو نه رڳو ادبي دائري ۾ مڃتا ماڻيندو پر انهن پڙهندڙن
وٽ به مان لهندو جيڪي اسان جي سنڌي لکندڙن جي وڏي حصي کان الڳ، فقط پڙهندڙ آهن ۽
انهن جو جيئڻ ئي اعليٰ ڪتاب پڙهڻ سان لاڳاپيل آهي. ذهين زندگي جيئڻ هن احمق دور ۾
وڏي حاصلات آهي.
ان ڪري ناول کي پڙهندڙن جو وڏو حصو نصيب ٿيندو اهڙي پڪ آهي، ڇو
ته پنهنجي الڳ موضوع تي پهريون ناول آهي. اسان جو ڪجهه وڌيڪ پڙهيو اڄوڪو نوجوان
لکندڙ هن ناول کي ناول قبول ڪندو يا نه اهو الڳ مسئلو آهي.
ياد رکيو وڃي ته عالمي ادب توڻي هتان جي آس پاس جي ادب ۾ منصور
حلاج، مولانا رومي، شمس تبريز، قرت العين طاهره، غالب، منٽو وغيره ناولن جا ڪردار
بڻجي چڪا آهن، هن ناول اميد جاڳائي آهي ته مردا علي مرزا صاهب جي ناول جيان
ڀٽائيءَ تي به ڪو طويل ناول لکجڻ لڳي پر منهنجي شخصي راءِ آهي ته پنهنجي نرالي
موضوع ۽ اسلوب جو سنڌيءَ ۾ هن جهڙو ناول اڳ نه پڙهيو آهي، جنهن مون کي پاڻ سان
ڳنڍي رکيو آهي.
مذهب /تصوف ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح ادب ۾ اچي جيڪا آبرو ماڻي
بيٺا آهن ان جو مثال به هيءُ ناول آهي. منهنجي لاءِ ٺيڪ رهندو ته مان هن تي جيڪا
صنف لکيل آهي، ان کي ٻاهر ڪڍي فقط ”ڪتاب“ ڪوٺيان پر منهنجو سچ اهو آهي ته سنڌي
ٻوليءَ کي هڪ ضخيم ناول مليو آهي، جيڪو پڪ سان ناول جي حوالي ۾ سنڌي ادب جو ڀاڳ
آهي. جڏهن هن جيترا ضخيم ۽ تخليق ناول سنڌي ادب کي نصيب ٿيا ته پڪ سان سنڌي ادب جي
شاهوڪاري ڏسڻ وٽان هوندي.
پنج سئو چوئيتاليهن صفحن واري هن ڪتاب کي پڪي جلد ۽ وڻندڙ
ٽائيٽل سان ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو ملهه ڇهه سئو رپيا آھي.