سنڌ جي ويڪسينيٽرن
جا مسئلا حل نہ ٿيا ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري ويڪسينيٽر سراپا احتجاج بڻيل آهن، ويڪسينيٽرن
مرڻ گهڙي تائين احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي.سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتو سنڌ جي ويڪسينيٽرن
کي اپگريڊ ڪرڻ، 2005 کان گاوي ويڪسينيٽرن کي سينارٽي ڏيڻ، ٽائيم اسڪيل، لينٿ آف سروس
ڏيڻ ۽ جبري برطرف ڪيل اين ٽي ايس پاس 336 ويڪسينيٽرن کي بحال ڪرڻ وارن ڪيل واعدن تان
ڦري ويا آهن.ويڪسينيٽرن پاران پنهنجن حقن جي حاصلات لاء شاهپورجهانيان، مورو، ڪراچي،
روهڙي، سکر،نوابشاهہ، دادو سميت سڄي سنڌ ۾ ٽڪن جي سينٽر جي تالابندي ڪري ٽڪن هڻڻ جو
ڪم بند ڪيو آهي، ويڪسينيٽرن پاران 15 نومبر سومر کان سنڌ ۾ هلندڙ ارڙي مهم جو پڻ بائيڪاٽ
ڪيو آهي،ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسئيشن سنڌ جي چيئرمين مولا بخش چانڊيو، خدا بخش قريشي،
خدا بخش پيرزادو، غلام نبي عالماڻي، بلاول خاصخيلي، اسلم ميمڻ، دائود کوسو ۽ ٻين جو
چوڻ آهي تہ سنڌ جي مظلوم ويڪسينيٽرن سان گذريل 6 سالن کان مسلسل سنڌ حڪومت جون ناجائزيون
ختم نہ ٿيون آهن، سنڌ سرڪار پنهنجي مظلوم ويڪسينيٽرن سان ماٽيجي ماء وارو سلوڪ ختم
نہ ڪيو آهي، هنن جو چوڻ آهي تہ ويڪسينيٽر 13 مختلف قسمن جي خطرناڪ بيمارين جهڙوڪ پوليو،
ٽي بي، ڪاري سائي، جهٽڪن جي بيماري، نمونيا بخار،گردن ٽوڙ بخار، دستن،وڏي کنگھہ،ارڙي،
ڪورونا ۽ روبيلا جهڙين خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاء ڏورانهن علائقن،جهرجهنگ، ڪچي پڪي،
دريائي، جابلو، ميداني، جابلو، ٿر، وستي واهڻ ۽ ٻين ڏکين علائقن ۾ جتي پوليس بہ نہ
ٿي وڃي، اتي ويڪسينيٽر وڃي انهن هاء رسڪ ايريا ۾ گلن جهڙن معصوم ٻچن کي خطرناڪ بيمارين
جي بچاء کان حفاظتي ٽڪا لڳائيندا آهن، انهن کي ڪوبہ ٽي اي ڊي اي ۽ نہ ئي گاڏيء جو تيل
ڏنو وڃي ٿو، ويڪسينيٽر پنهنجون جانيون جوکي ۾ وجهي مستقبل جي معمار معصوم ٻچن ۽ ڳورهارين
عورتن کي پڻ جهٽڪن جهڙن مهلڪ مرضن کان بچاء لاء حفاظتي ٽڪا لڳائن ٿا، پنهنجا جائز حق گهريا آهن تہ ويڪسينيٽرن تي حڪومت پاران پوليس
تشدد ڪري کين گرفتار ڪيو آهي،ڪراچي پوليس تشدد ۾ سلطان احمد کوسو جي ٻانهن ڀڄي پئي
آهي، ۽ ڪيئي ويڪسينيٽر مرد ۽ عورتون پڻ لاٺي
چارج ۾ لهو لهان ڪيا ويا آهن، هنن جو چوڻ آهي تہ ويڪسينيٽر مرد ۽ عورتون بنگال، بهار،
انڊيا، افغان ۽ ٻين ملڪن کان آيل پناهگير آهن ڇا؟!! جو سنڌ سرڪار انهن تي لاٺي چارج
۽ واٽرڪينن جا استعمال ڪري؟ سنڌ سرڪار ظلم ۽ جبر ڪري رهي آهي. ڀلا ويڪسينيٽرن جا مطالبا
ڪنھن ملڪ جي سفير جي نيڪالي آھن ڇا؟!!! انھيء ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ سنڌ جي ويڪسينيٽر جي محنت، جفاڪشي ۽ سچائي سان
اڄ سنڌ جا معمار مختلف بيمارين کان اڳواٽ حفاظت ۾ آھن. تتيء ٿڌيء ھر موسم ۾ پنھنجي
فرضن جي ادائگي ڪندڙ ويڪسينيٽرن کي ھر دور ۾ حاڪمن ۽ ڪاموراشاھي نظر انداز ڪندي ٽائيم
اسڪيل کان وٺي ھر حق کان محروم رکيو آھي. حقيقت ۾ اي پي آء باغ آھي، ويڪسينيٽر مالھي
آھن، جيڪي ھر ڄمندڙ ٻار / گل جي اڳواٽ مختلف موذي مرضن کان بچاء لاء ٽڪا ھڻي تاحيات
محفوظ ڪندڙ ملازم يعني ويڪسينيٽر ڪيترن ڏينھن کان پنھنجي بنيادي حقن حاصل ڪرڻ لاء احتجاج
ڪري رھيا آھن، پر حڪمران ۽ ڪامورا شاھي تي ان جو ڪو اثر ئي نٿو ٿئي، تہ ھيٺين / ننڍن
ملازمن جا بہ ڪي حق آھن؟ ۽ انھن وڏن کي اقتدار جي نشي ۾ اھو بہ احساس نٿو ٿئي تہ ٻن
هفتن کان ٽڪن جو ڪم بند آھي! ۽ پوء موذي مرض
منھن ڪڍندا!! وڏي ڳالھ اھا آھي تہ ويڪسينيٽرن جا مسئلا ڪنھن ملڪ جي سفير جي نيڪالي
جھڙا مطالبا ڪونھن پر پورهيت تحت آھن، پورھيتن کي حق نہ ڏيڻ انسان حقن جي سڌي ڀڃڪڙي
آھي، وي ڊبليو اي جي پنھنجي حقن لاء جدوجھد جائز آھي، سنڌ جي سماجي سياسي ڌرين کي بہ
ويڪسينيٽرن جي جائز مسئلن جي حل لاء اخلاقي حمايت ڪرڻ کپي ڇو تہ حفاظتي ٽڪا اڳواٽ صحت
جي سلامتي جي ضمانت آھي، ۽ اهي ويڪسينيٽرن کان سواء ٻئي عملي کان نہ لڳندا آهن.ضرورت
ان ڳالهہ جي آهي تہ سنڌ جي ويڪسينيٽرن جا جائز مسئلا حل ڪري انهن مان بيچيني ختم ڪئي
وڃي.
Sunday, November 14, 2021
سنڌ جي ويڪسينيٽرن جا مسئلا آخر ڪير حل ڪندو؟ ـ ظفر ٻگهيو
Subscribe to:
Posts (Atom)
-
8 مئي تي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين ۾ ويٺل ڪجهه سنڌي شاگردن مٿان هڪ دهشتگرد گروهه حملو ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو آهي. سنڌي شاگردن ۾ هڪ...
-
سرڪاري اسپتالن ۾ جيڪڏھن سھولتون ھجن، تہ وت آھر ھلندڙ خيراتي ۽ نفعو ڪمائڻ لاءِ ڪاروباري يعني خانگي اسپتالن ڏانھن غريب ۽ وچولي طبقي وارا تہ ڇا...
-
دنيا جا سائنسدان هر روز تجربا مشاهدا ڪندا ٿا رهن هڪڙو اهڙو ئي تجربو جنهن کي ڪاپي پيسٽ چئون ته سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. جيئن اسان فيسبڪ سميت ڪنه...