سوانحي
خاڪو:
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو
شاعر ، اديب، استاد، ادبي، ثقافتي ۽ لوڪ ورثي جو جاکوڙي ڪردار سيد منظور علي شاھ 3
مارچ 1962ع تي سيد گنبل شاھ جي گھر ۾ ڳوٺ ڪانڌڙا ڪالوني تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
سندس والد پنهنجي دور جو سگھڙ شاعر ۽ ذھين انسان ھو. کيس پنج پٽ ۽ ٻن نياڻين جي
اولاد مان آخري پٽ سيد منظور علي شاھ آھي. سيد گنبل شاھ ان دور جي ڪلاسيڪل شاعر سيد سعيد
علي شاھ جيڪو عوامي، انقلابي شاعر راشد مورائي جو والد ھو، جي صحبت ۾ رهي لوڪ
شاعريءَ ۽ ادب ڏانھن لاڙو رکيو. رشتي ۾ ٻئي پاڻ ۾ ماسات ھئا. ھن بنيادي تعليم مئٽرڪ، انٽر ۽ پي ٽي سي جي ڊگري گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج
(مين) مٺياڻي مان حاصل ڪري 1987ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. پاڻ وڏي عرصي
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪانفرس ڪالونيءَ ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون. آخر ۾
ساڳئي ئي اسڪول مان 2022ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.
|
خالد ساحل ڪيريو ۽ سيد منظور علي شاھ |
سيد منظور علي شاھ نج
ٻھراڙيءَ جو سڌو سنئون ۽ ھڪ پرائمري استاد رھيو آھي. تعليمي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ
سان گڏ ھو پ ٽ الف جو ميمبر، شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان جو ميمبر ۽ عھديدار،
اصغريہ آل پاڪستان آرگنائيزيشن يونٽ ڪانڌڙا ڪالوني جو 3 سال جنرل سيڪريٽري، آل
سگھڙ ايسوسيئيشن تعلقي موري جو 5 سال جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جو
ميمبر۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ ڪيترائي ڀيرا ميمبر رھيو آھي.
ادبي
سفر:
سيد منظور علي شاھ
پنهنجي والد کان لوڪ شاعريءَ جي سکيا وٺڻ سان گڏ ڪلاسيڪل ادب، تاريخ، سياسي تحريڪن
۽ مذھبي ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ مٿس ان دور جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تفريحي
سرگرمين جا اثر سندس زندگيءَ تي نقش رھيا. اڳتي هلي کيس راشد مورائي پاران مليل
حوصلي سبب ھن 1982ع کان باقاعده ادب جو کان آغاز ڪيو. سيد منظور علي شاھ راشد
مورائي کي پنهنجو ادبي استاد سمجھندو ھو. پاڻ راشد مورائي جي صحبت ۾ رھي سنڌ جي
تاريخ ساز شخصيتن سائين جي ايم سيد، سيد امداد محمد شاهہ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي،
استاد بخاري، محمد خان مجيدي، سائل لاکو، جمن دربدر، حليم باغي، مؤمن مليرائي،
ناصر مورائي، سومرو سودائي، بشير سيتائي ۽ ٻين سان ويجھڙائي ٿي. راشد مورائي جي
چوڻ تي ھن حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ فقير رمضان اوٺي عرف شيطان سان گڏ قومي جاڳرتا
پيدا ڪرڻ ۽ لوڪ ادب جي آبياري ڪئي.
سيد منظور علي شاھ ادب جي ابتدا شاعريءَ سان ڪئي. ان دور ۾ سندس
شاعري سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ بہ ڇپي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پاڻ شور سان نہ
فقط جلسن جلوسن ۾ حصو ورتو، بلڪ قومي شاعريءَ، تقريري توڙي تحريري جھاد سان سنڌي
سماج جو آواز بڻيو. سندس لکڻ جو مقصد ۽ محور ڌرتيءَ جو درد ۽ ان جي ماڻھن جا ڏک،
سور۽ سندن خواھشن کي بيان ڪرڻ ھو. منظور علي شاھ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع
آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعري سڌي سنئين آھي، جنھن ۾ سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ، جبر، ڏاڊ،
بي رحمي، نا انصافي، پورھيت جي درد جي پيڙا ۽ ڪرب آھي. 1989ع ۾ موري مان جاکوڙ
پبليڪيشن پاران نڪرندڙ ادبي پرچن ۾ پاڻ عزيز بھڻ سان گڏ ٻانھن ٻيلي جي حيثيت ۾ ڪم
ڪيو. شاعريءَ کان علاوه ھن نثري ادب ۾ مضمون ۽ مقالا بہ لکيا آهن. سندس
ٽن ڪتابن جيترو مواد ھن وقت بہ چپائي جي اوسيئڙي ۾آهي. شاعريءَ ۾ پاڻ رضا لانگاھ، نجم سرھيو، محبتي
ملاح، معشوق محسن ابڙو ۽ صوفي امتياز ٻلال جھڙن شاعرن جي فني توڙي فڪري تربيت ڪئي
آھي. سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن جھڙوڪ اختيار علي خشڪ، صائمہ منظور، لطيف
چانڊيي، نورل ماڇي، سڪندر سرگاڻي، شھزادي تيوڻي، ڌڻي بخش لنڊ، راھب سولنگي، گلزار
علي خشڪ، دادن لطيف چانڊيي، الھ بخش خاصخيلي ۽ جلال چانڊيي ڳائي آھي.
سيد منظور علي شاھ ذاتي
زندگيءَ ۾ جيترو اصولن جو سخت، خوددار ۽ منھن تي سچ چوڻ وارا شخص آھي. اوترو ئي
اندر ۾ حساس ۽ معصوم آھي. جنھن سان پيار ڪندو آھي ان کي سمورين خوبين ۽ خامين ساڻ
چاھيندو آھي. کيس ڪوڙ ۽ غلط ڳالھ تي سدائين ڪاوڙ ايندي رھي آھي. سندس آستاني تي
وقت بہ وقت دوستن جي آمد، ڪچھري، علم ۽ ادب جي محفل متل نظر ايندي آهي. پاڻ مھمان
نواز، خدمتگار ۽ ڪچھريءَ جو ڪوڏيو رھيو آھي. سندس ڳالھائڻ، لکڻ، گھمڻ ۽ فن خطابت
جو پنھنجو الڳ ڍنگ ۽ اسلوب آھي. پاڻ پنهنجي ولولہ انگيز ۽ جذباتي علمي تقريرن ۽ فن
خطابت سان ماڻھن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ جو فن رکندڙ آھي. ھو موسيقي، راڳ ۽ لوڪ
شاعريءَ جي مختلف صنفن جي فني ڄاڻ رکندڙ آھي. ھو سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن توڙي مقامي
علائقن ۾ منعقد ڪرايل ڪچھرين، ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رھيو آھي.
شاعريءَ
جو مختصر جائزو:
شاعري ادب جو ھڪ اھڙو
حصو آهي، جنھن ۾ جماليات، موسيقي ۽ روزاني کان سواءِ بحر وزن جو ھجڻ ضروري آهي.
سيد منظور علي شاھ سنڌي شاعريءَ جو ھڪ اھڙو حوالو آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ عشق ۽
محبت جي روايتي ترجماني ملي ٿي. ھن وٽ جمالياتي شعور بہ نھايت ئي پختو آھي. ھن وٽ
مترنم بحرن کي سليقي سان پيش ڪرڻ، خوبصورت قافين، سليس ۽ متناسب لفظن، نفيس ۽ لطيف
رديفن جو فن آھي. جنھن ڪري سندس غزل جي شاعريءَ ۾ سونھن ء سادگي م حسن سرس آھي.
تنھنجو
انداز اڄ نرالو آ،
لڳي
ٿو سوز ڪجھ سلالو آ.
تنھنجو
چھرو چميو چمان ٿو مان،
مون
لئہ ڄڻ شاھ جو رسالو آ.
منھنجي
مڙني ڏکن ۽ سورن جو،
تنھنجي
ھڪ مرڪ ڪل ازالو آ.
ٿي
نہ حاصل سگھئين مگر پو ڀي،
تنھنجو
"منظور" مک جيالو آ.
مٿيان شعر رواني،
سلاست، ٻوليءَ ۽ تغزل جي شاعريءَ جا سھڻا مثال آهن، جن ۾ نہ لفاظي آھي، نہ وري
تشبيهن ۽ ترڪيبن جي آميزش آهي، سڌي سنئين حقيقت آهي. اھا ڳالھ جيڪا شاعر جي دل ۾
ھرکي ٿي. شعر ۾ لفظن جو انتخاب ۽
انھن جو جڙاءُ شاعر جو وڏو امتحان ٿيندو آهي. خصوصاً غزل جي شاعريءَ ۾ جنھن ۾
اختصار تمام لازمي ھوندو آھي ۽ ھڪ ئي شعر ۾ پورو نظريو پيش ڪرڻو پوندو آهي. منظور
علي شاھ غزل ۾ نھايت اختصار سان پنهنجي داخلي ڪيفيتن جو اظهار ڪيو آهي. ھن پنھنجي
اندر جو احوال اھڙي نموني شعرن ۾ پيش ڪيو آھي جو اھا تصوير ھوبھو قاريءَ جي اکين
آڏو اچي بيهي ٿي. سندس ڪلام ۾ صفائي ۽ سادگي آھي، جنھن ڪري ابھام پيدا ٿيڻ جي
گنجائش ڪانہ رھي آھي. ھيٺئين غزل ۾ فطري سونهن، جمالياتي عڪس ۽ احساس بہ آھن تہ گڏوگڏ ٻوليءَ جو
حسن بہ آھي. ھن وٽ سرتيءَ سان گڏ ڌرتيءَ جي جماليات بہ آھي. ھن غزل ۾ مطلع ان مقطع
تائين تسلسل آهي، جنھن ۾ عاشقاڻو مضمون ۽ ماحول جي عڪاسي نمايان آهي. سندس ھن غزل
جي شعرن کي ڏسو.
سونھن
تنھنجي تہ ڇا سانوري،
سمجھ
پئي ٿي نہ ڪا سانوري.
منھن
تان پردو پري تون نہ ڪر،
ٿي
نہ پئي چنڊ ڳڀا سانوري.
تنھنجي
زلفن سان پئي ٿي ڪري،
ڄڻ
تہ کينچل ھوا سانوري.
توجي
نيڻن مان اوتي ڏنا،
عمر
ڀر جا نشا سانوري.
تو
تہ ھڪ ئي جھلڪ ساڻ ئي،
ياد
ڏياريو خدا سانوري.
وڻي
توکي وئي "منظور" جي،
آھي
ڪھڙي ادا سانوري.
سيد منظور علي شاھ جي
غزلن ۾ پنھنجي منفرد انداز ۾ نفيس احساسن جا چٽ چٽيل آهن. سندس شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪيت
جي سرھاڻ سان گڏ جدت جي بہ خوشبوءِ ملي ٿي. غزل ۾ ھن رومانيت ۽ جماليات اخلاقي
قدرن مطابق بيان ڪئي آهي. ھن خوبصورتيءَ سان مھذب ٻوليءَ سان تخيل ۾ خيالن کي پيش
ڪيو آهي. اصطلاح جي معني موجب شعر ۾ جدت ھجڻ مان مراد شاعريءَ ۾ آيل اھا نواڻ، اھا
تازگي جنھن مطابق شعر ۾ نوان نوان لفظ، نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ نيون شعري
ترڪيبون استعمال ٿيل ھجن ۽ ڪلام جديد ڪاريگريءَ جي نئين فن ۽ فڪر جي خوبصورتيءَ
سان آراستہ ھجي. جنھن ۾ موضوع، اسلوب، فڪر ۽ شعر جي صنعتن جي تازگي نئين ڍنگ سان
سرشار شاعري جديد دور جي علمي ۽ ادبي تقاضائن پٽاندڙ وڻندڙ ھجي.
اڄ
جي مرڪي مليو دلربا اوچتو،
ڄڻ
تہ جھوليءَ جھليو مھ لقا اوچتو.
ھن
جي ديدن جي ڌڪ کان بچيس ڪين جو،
دوبدو
ٿي وياسين صفا اوچتو.
ھن
جو پردو هٽايو تہ بس وات مان،
لفظ
نڪري ويو يا خدا اوچتو.
ڪالھ
سرزد ٿي ھئي جا بہ "منظور" کان،
معاف
محبوب ڪئي سا خطا اوچتو.
غزل کان علاوه منظور
علي شاھ ڪافيون بہ لکيون آهن، جيڪي ڪلاسيڪل رچاء سان سرشار آھن. منجھن ڪلاسيڪي
شاعريءَ جي والھانہ عشق ۽ تشبيھن جي حسناڪي آھي. ھن وٽ ترنم، موسيقيت، رچاء، ڳوڙھو
اڀياس، مشاھداتي سگھ ۽ تخيل جي اھڙي شڪل آھي، جنھن سان پاڻ ڪافيءَ ۾ ڪلاسيڪي
روايتن سان گڏ بہ آھي ۽ ان کي اڳتي کڻي ھلڻ ۾ پڻ ڪامياب ويو آهي. سندس ڪافين ۾
سادگي، سلاست ۽ عشق جو اظهار جا بجا آھي. سندس ڪافيءَ جا ڪجھ بند آھن.
جن
جو ٿيڙو عشق امام،
ظاھر
باطن تن جو نام.
عشق
جني وٽ آيو پيھي،
سوريءَ
سرڪي آيا سي ئي،
طلب
تن ئي کي ناھي طعام.
اڻ
منجھان جن پاڻ سڃاتو،
ونحن
اقرب ويجھو پاتو،
پاڻ
تنين سان رليو رام.
موٽڻ
نامنظور ڪيائون،
چپڙا
چوري صاف چيائون،
عشق
اسان جو آ اسلام.
منظور علي شاھ جي ڪافين
۾ فڪر ۽ ھيئت جي پختگي بہ ڏسڻ وٽان آهي. اڪثر سندس ڪافين ۾ موسيقيءَ جو سواد، لئي
۽ رواني گھڻو ملي ٿي. سندس ڪافين جون سٽون اچارڻ سان من ۾ جھونگار جاڳي وي ٿي.
ڪافيءَ جي شاعريءَ ۾ ھن کوڙ سارا موضوع ڪتب آندا آھن، جن ۾ عشق، محبت، مجاز،
حقيقت، تصوف، نيازمندي وغيره جھڙا آھن موضوع شامل آهن. ھن ڏکين لفظن جي استعمال
کان پاسو ڪندي ڪافين ۾ سولا ۽ سادا سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آندا آهن. سندس ڪجھ ڪافين تي فني لحاظ کان غزل جي فني
سٽاءَ جو بہ اثر نظر اچي ٿو. آسان انداز ۾ ھو عشق، حسن ۽ سونھن جي ثناءَ ھن انداز
۾ بيان ڪري ٿو.
ڏني
عشق ثابت شناخت حسن جي،
ڪبي
رھبي ناصح عبادت حسن جي.
حسن
نور مجسم ۽ نور خدا آ،
حسن
عشق کي ئي بلا شڪ بقا آ،
ڪندا
ڪين عاشق شڪايت حسن جي.
محبت
۾ مخمور "منظور" آھيون،
حقيقت
کان ھر گز نہ تر دور آھيون،
آھي
اعلي افضل عنايت حسن جي.
منظور علي شاھ جي شاعري
ڪلاسيڪل شاعريءَ جو تسلسل آهي، جنھن ۾ ڪافي، وائي ۽ بيت به آھن. سندس بيتن جي شاعريءَ جي جائزي مان معلوم ٿئي
ٿو ته ھن بيتن ۾ فطرت جي رنگن ، حسن جي ثنا، مزاحمت، جمالياتي تصورن ۽ سنڌ جي دردن
کي سھڻي نموني اظھاريو آھي. سندس بيتن ۾ اھڙيون بہ تصويرون آھن جن ۾ سنڌ جي لاءِ
ھن جي والھانہ محبت بکي ٿي. ھن وٽ مخدوم بلاول، شاھ عنايت شھيد، راجا ڏاھر، ھوشو،
ھيمون جھڙن سنڌ جي سپوتن جو ذڪر، سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو ذڪر آھي.
اصل
کان اڻموٽ، آھن سورھيہ سنڌ جا،
ڪاھي
آيا ڪيترا، موٽ يا کائي چوٽ،
ڪين
مڙيا "منظور" چئي گھاڻا ڏسي گھوٽ،
قھرن
سندا ڪوٽ، ڪونڌرن ڪيري وڌا.
منظور علي شاھ جي بيتن
۾ تجنيس حرفي، تز قافيا ۽ روايتي ھيئت ۾ آسان فهم سان شاعراڻو اظهار ڪيل آھي. فني
لحاظ کان ڪٿي ڪٿي سندس بيتن ۾ ڇند وديا جي گھٽ وڌائي به نظر اچي ٿي. ھن بيتن ۾ سنڌ
جي عام ماڻهن جي ڳالھ عام ٻوليءَ ۾ اصلاحي ۽ ناصحانہ انداز ۾ بيان ڪئي آهي. سنڌي
ماڻھن کي ھو سجاڳيءَ، بيداريءَ، ٻڌي، ايڪتا ۽ اتحاد جو درس ڏئي ٿو. سندس بيتن مان
ڪجھ بيت هيٺ ڏجن ٿا.
ماھيا
مٿي موھجي، وڪڻيو جن ضمير،
تنين
منجھ خمير، ناھي شامل سنڌ جو.
اورانگھي
انھن کي، ڪوبہ نہ سگھندو آ،
جن
جو ھوندو آ، ٻوڙو ٻڌل پاڻ ۾.
رسڻ
واري ريت، ڪنھن کان سکئين سپرين،
منھنجي
پاڪ پريت، پاٻن ۾ پوري ڪيئي.
منظور علي شاھ جي وائي
ڪلاسيڪيت ۽ جدت جو سنگم آھي. ھن جي وائين ۾ نون تجربن بجاءِ روايتي انداز ۾
ڪلاسيڪل گھاڙيٽي ۽ موضوعن تي ٻڌل آهي.موضوع جي لحاظ کان ھن وقت وائي گھڻي وسيع ٿي
چڪي آهي. ھن وائين ۾ سماجي حالتن جي اپٽار، مزاحمتي تصور ۽ حقيقت نگاري جا رنگ ء
ماحول جي تصوير بہ آھي تہ ٻئي طرف ان جي علاج لاءِ پيغام بہ آھي. ھيٺئين وائي ۾ ھن سماج جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي، پورھيت طبقي جي
دردن ۽ حقيقت کان انڪاري طبقي جي نشاندهي ڪئي آهي. فڪري لحاظ کان ھي وائي ناصحانہ
انداز ۾ خوبصورت وائي جو مثال آهي.
چمڙن
جو چانڊوڪيءَ سان،
ڪو
ھوندو ڪونھي چاھ،
انڌن
جو اوندھ تي ويساھ.
ھرڪا
شيءِ موجود مڃن پر،
مڃن ڪين الله ،
انڌن جو اوندھ تي ويساھ.
ڄائي
ڄم کان ظالم کي آ،
لڳندو
سچ گناھ،
انڌن
جو اوندھ تي ويساھ.
ھاءِ
دنيا ۾ ڪوئي ڪونھي،
ھيڻن جو ھمراھ،
انڌن جو اوندھ تي ويساھ.
ڪتن
جي لئہ ديڳيون دم تي،
ماڻھو بک ۾ پاھ،
انڌن جو اوندھ تي ويساھ.
ڪرسيءَ
لئہ "منظور" پيا ڪن،
پنھنجي
قوم تباھ،
انڌن جو اوندھ تي ويساھ.
منظور علي شاھ جتي
ڪلاسيڪل صنفن تي لکيو آهي اتي ھن جديد شعري صنفن ٽيڙو ۽ ھائيڪا بہ لکيا آهن. موضوع
۽ مواد جي حوالي سان ھن جا اڪثر هائيڪو نہ بلڪہ ٽيڙو آھن. ٽيڙن توڙي ھائيڪن ۾ ھن
خوبصورت تصور، سماجي حقيقت نگاري، جمالياتي چٽ چٽڻ، منظرڪشي، احساسن، نازڪ خياليءَ
۽ فطرت نگاريءَ کي پنھنجي آرٽ جي ذريعي ھن طرح اظهاريو آهي.
وينگس
وارن کي،
ڇيڙي
پئي ٿي ڄڻ،
نانگن
ڪارن کي.
اوچو
ڪندا ڪنڌ،
جوڌا
پنھنجي جوءِ جا،
ھڻي
ڪندا ھنڌ.
ھوءَ
نھاري ٿي،
دريءَ
منجھان ڄڻ تہ ڪو،
سج
اڀاري ٿي.
ڪھل
ڪيائون ڪانہ،
ٽوڙي
ڦاٽڪ تي ڪٺا،
ڳڀرو
ڳاڙھا جوان.
پرڻي
پوڙھي ساڻ،
ڪارو
ڪاري ڏنڊ ۾،
ڇوڪر
جواڻ جماڻ.
رب
نہ ڪندس معاف،
جيڪو
فرد ٽڪن تي،
وڪڻي
ٿو انصاف.
منظورعلي شاھ چوسٽن ۾
بہ رومانوي ۽ جمالياتي تصورن کي پيش ڪيو آھي. ھن وٽ سرتيءَ جي سونھن بيان ڪرڻ جو
انداز ھن طرح ملي ٿو.
تنھنجي
ھڪڙي مرڪ کي ڪل زندگي ارپي ڇڏيم،
زندگي
ڀر برھ واري بندگي ارپي ڇڏيم.
تنھنجي
درشن مان دلربا ديد ڍراپي ئي نہ ٿي،
تنھن
ڪري توکي اکين جي تشنگي ارپي ڇڏيم.
منظور علي شاھ جي چوسٽن ۾ سماجي حقيقت نگاري بہ منظرڪشيء ۾
ملي ٿي. ھو ماڻھن تي طنزيہ انداز ۾ حوصلو ڏيڻ ۽ جدوجھد جاري رکڻ جو فڪر ڏسي ٿو.
ٻئي جاءِ تي ھو سنڌ جي سپوتن کي فخر ڪندي انھن املھ ڪردارن سان پنهنجائپ جو ناتو
جوڙي غدارن ۽ ديش دروھين کي للڪار به ڪري ٿو.
خزان
سونھن گلشن جي ساري لٽي وئي،
حسين
منظرن جون بہ پاڙون پٽي وئي.
اڃان
ماٺ منظور آھيون ڀلا ڇو؟
اٿو
مم شايد ڪا گوڏا چٽي وئي.
اسان
آھيون دولھ ۽ دودي جا ڀائر،
ھوشوھيمون
رڻمل سوڍي جا ڀائر.
اسان
ماڻھو منظور مھراڻ جو سنھن،
ناھيون
ڪنھن بہ غدار شودي جا ڀائر.
مجموعي طور سيد منظور
علي شاھ جي شاعري ڪلاسيڪي رنگ ۾ رڱيل آھي. ھن ڪلاسيڪل صنفن بيت، وائي ۽ ڪافيءَ جي
سواد کي برقرار رکيو آهي. ھن جديد شعري صنفن غزل، ٽيڙو ۽ ھائيڪن ۾ حقيقت نگاري،
سماجي لقائن، فطرت نگاري، رومانوي ۽ جمالياتي جا خوبصورت چٽ چٽيا آهن. سندس
شاعريءَ ۾ نج ٻھراڙيءَ جي ٻوليءَ جي سلاست ۽ سادگي پڻ آهي. منظور علي شاھ جي
شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھن وٽ موجوده دور جي معاشرتي حالتن جي
عڪاسي، حالات حاضره، صنعتي سماج ۽ نئين دنيا جي جديد تقاضائن جھڙن موضوعن جي
ورائيٽي، ورلڊ ويوز ۽ جديدت جي کوٽ آھي. ھي ھڪ دور جي شاعري آھي. موجوده دور ۾
جديد سنڌي شاعري نون تجربن ۽ نون موضوعن ۽ نون رنگن سان ترقيءَ ڪندي گھڻو اڳتي
نڪري اوج تي پھتي آھي.