Friday, January 7, 2022

سنڌي ظفر ھڪ بيباڪ ليکڪ ـ خالد ساحل ڪيريو

(ڪتاب ”ظفر پڄاڻان“ جو مھاڳ)


نامياري ڪھاڻيڪار گل حسن لغاري ”سنڌي ظفر“ جي وڇوڙي تي سندس ڪجھ تحريرن ۽ ساڃاھ وندن پاران لکيل تاثرن کي سھيڙي ”ظفر پڄاڻان“ جي نالي سان ”موکي پبليڪيشن مورو“ طرفان ڪتاب ترتيب ڏنو آھي. ڪتاب جو مسودو مون کي محترم مشتاق باگاڻي ڏيڻ آيو ۽ زور ڀريائين تہ چئن پنجن ڏينھن ۾ مھاڳ لکي ڏيو. مشتاق باگاڻيءَ جي ادبي بصيرت ۽ پيار ڏسي مون انڪار ڪرڻ جي مجال نہ ڪئي ۽ ڏنل وقت تي مھاڳ لکي ڏنو ـ

سنڌي ظفر

ڪتاب ۾ سنڌي ظفر بابت لکيل تاثرن ۾ جيڪي يادون ۽ واقعا بيان ڪيل آھن، تن ۾ پيار، ڏک، پيڙاءُ درد بہ آھي تہ ھُن جي شخصيت، ڪردار، جدوجھد ۽ علمي ادبي ڪاوشن جو احوال بہ آھي. ھنن تاثرن ۾ ظفر جي نہ صرف زندگيءَ جي مختلف حصن کي آڻي اڳيان پيش ڪيو ويو آھي، پر ان سان گڏ سندس زندگيءَ جي پس منظر ۾ سنڌ جي سماجي حالت، ماڻھن جي پنھنجي محسنن ڏانھن بي حسيءَ واري رويي ۽ ڏکين حالتن مان گذرڻ جي وارتا بہ بيان ڪيل آھي ـ

ظفر، جنھن جوانيءَ کان وٺي زندگيءَ جي پوين پساھن تائين سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم عوام جي بالادستي ۽ حاڪميت لاءِ، دنيا جي ھر نفعي ۽ نقصان کان بي پرواھ، ھرگِلا ۽ تعريف کان بي نياز، وقت جي فرعوني طاقتن سان پنھنجي پوري قوت سان ٽڪر کائيندو رھيو. ھن پنھنجي لکڻين جي وسيلي سنڌي ماڻھن جي مسئلن، مونجھارن، پيرپرستي، وھم پرستي، جاگيردارن، سنڌ جي اقتداري سياستدانن، سرمائيدارن جي ڏاڍ، قومي غلامي ۽ سامراجي قوتن جي مختلف ڀيانڪ شڪلين کي چٽو ڪيو آھي ـ

ظفر جي لکيل مختلف پوسٽن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ، کيس سنڌ جي فرسودہ نظام کان نفرت ھئي. ھن سنڌ جي تعليم تي غور ڏنو آھي. سنڌ اندر وڌندڙ انتھاپسنديءَ جي مختلف رخن کي ھن نروار ڪيو آھي. ھن عورت جي عزت ۽ عظمت جي بہ تلقين ڪئي آھي تہ ڪجھ حياتيءَ جون يادگيريون ۽ واقعا بہ ونڊيا آھن. ھن سنڌ ۾ پڙھايو ويندڙ سرڪاري نصاب تي بہ تنقيد ڪئي آھي تہ اھو نصاب 90 سيڪڙو ڪوڙ تي ٻڌل آھي. ھن اسلامي تاريخ، سنڌ، پاڪستان جي توڙي مختلف ملڪن جي تاريخي واقعن جو تذڪرو ڪيو آھي. ھڪ جاءِ تي لکي ٿو تہ: ” تاريخ جي درستگي وطن لاءِ درست طرف جو تعين ڪندي آهي. نائونمل کي غدار سڏڻ وارا سمورا مسلمان هندن جا قرضي هئا. جڏهن هندستان کي مسلم ۽ هندو ٻـ قومي نظريي تحت ورهايو پئي ويو تہ ڪهڙي مسلمان اها ڳالھ ڪئي تہ انگريزن سنڌ کي آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ فتح ڪيو. سائين جي ايم سيد يا شهيد الله بخش سومرو انگريزن کي اها ڳالھ ياد ڏياري هئي! ڪنهن بہ نہ ـ ان وقت سمورن سياسي اڳواڻن تي مسلمانيت جو ڀوت سوار هو، اهي يڪمشت ٿي ان فيصلي خلاف ڇو نہ ويا.“

ظفر جي مختلف پوسٽن ۾ ڪڙو سچ سمايل آھي. سماج مٿان ھن ڪوڙ جو چڙھيل پردو ھٽايو آھي. سندس لکيل پوسٽن جي انفراديت بابت استاد خالد لکي ٿو تہ: ” ظفر سوشل ميڊيا تي وڏا وڏا اسٽيٽس رکڻ بجاءِ ننڍن پُراثر جملن جي معرفت ميسيج رکندو هيو ۽ چوندو هيو تہ ”ڊيگھ ڪرڻ بدران مختصر نموني ڪم جي ڳالھ ڪجي.“ اهڙي طرح هو پنهنجي سماج جي مسئلن، قومي تحريڪ جي مامرن، مذهب، سياست، ڪرپشن ۽ ٻين موضوعن تي نهايت تُز ۽ اثرائتي نموني اسٽيٽس رکندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن سندس ٻولي تلخ ٿي ويندي هئي پر ان ۾ هُن جو ڏوھ نہ هوندو هيو سندس حساسيت کيس مجبور ڪندي هئي تہ پنهنجي جذبن جو ڀرپور اظهار ڪجي.“

ظفر پنھنجي لکڻين ۾ آرٽ ۽ سائنس جي فروغ تي بہ زور ڏنو آھي ھو خود سيڪيولر سوچ جو مالڪ ھو، جنھن جو اظھار ھن ريت ڪري ٿو تہ: ”منهنجي نظر ۾ جديد ۽ بهترين فڪري انداز صرف سيڪيولرزم آهي. پاڪستان جا اردو دانشور ڀلي سندن لغت ۾ ان لفظ جو مطلب لادين يا دهريو لکن. اصل ۾ سيڪيولر هجڻ هڪ رويو آهي، جنهن مطابق هر انسان کي پنهنجي پنهنجي مذهبي سوچ رکڻ يا لادين هجڻ جي پوري آزادي آهي. ايتري قدر جو سيڪيولر پاڻ بہ مسلمان، هندو، عيسائي يا سک وغيرہ ٿي سگهي ٿو.“

پاڪستان ۾ رھندڙ ھندو آباديءَ متعلق لکي ٿو تہ ” پاڪستان (جبري الحاق) خلاف پاڪستان ھاءِ ڪميشن لنڊن اڳيان 15 آگسٽ تي مظاھرو ڪيو ويندو. پاڪستان اھو ملڪ آھي جنھن جي وجود ۾ اچڻ وقت ھندو آبادي 20 سيڪڙو ھئي. اڄ پاڪستان ۾ ھندو آبادي 2 سيڪڙو وڃي بچي آھي. برطانيہ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان کي تمام گھڻي امداد ڏيندو رھيو آھي. برطانيہ جي ماڻھن کي اھا ڳالھہ ٻڌائڻ لازمي آھي تہ پاڪستان ۾ توھين جو قانون غير مسلمانن جي ڳچيءَ تي خنجر جيان اٽڪيل آھي. پاڪستان، جتي ھندو نياڻيون اغوا، ريپ ۽ زوريءَ مسلمان ڪيون وڃن ٿيون ـ

ظفر سدائين سنڌ ۾ مذھبي انتھاپسنديءَ خلاف لکيو. اڪثر ھن جي لکڻين جا موضوع سنڌ وطن، قوم، ڌرتي، آزادي، سامراج مخالف، سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا، قومي غلامي، سماجي ۽ آفاقي سچ بابت ھئا، جن کي ھن فيسبڪ جي دنيا آڏو اظھاريو آھي. سنڌ جي گھڻن ليکڪن کان ھُو گھڻو روشن خيال ۽ سائنسي سوچ رکندڙ ھو. کيس ھندو سنڌين سان بي پناھ پيار ھو. سنڌ ۾ ھندو نياڻين سان ريپ، اغوا ۽ زبردستي مذھب مٽائي شادي ڪرائڻ ۽ قتل جا واقعا، جن ۾ رنڪل ڪماري، نمرتا ۽ ٻيا شامل آھن، تن کي بہ ھن پنھنجي قلم جي سگھ سان اظھاريو. انھن مان رنڪل ڪماريءَ واري واقعي جو ھن تي وڌيڪ اثر پيو. اڳتي ھلي ھن پنھنجو نالو ظفر سنڌي مٽائي ”ظفر ڪمار“ بہ لکيو. ٻي جاءِ تي ھُو نظام جي لاقانونيت ۽ بي حسيءَ جي عڪاسي ھن ريت ڪري ٿو تہ ” هتي هندو نياڻي اغوا ٿيندي، پهريان پيرن جي بنگلن ۾ ريپ ٿيندي، پوءِ پير اغواڪارن کي سپورٽ ڪندا، آخر ۾ اسلامي قانون مرحبا ڪندو“ ـ

ظفر پنھنجي لکڻين ۾ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ، سجاڳ ٿيڻ ۽ ڌارين جي يلغار کان بار بار بيدار ڪندو رھيو آھي تہ، ”سموري سنڌ، خاص ڪري ٻھراڙيءَ جا صحت مرڪز ۽ اسڪول تباھ حال آھن. مريضن لاءِ ايمبولينس ناھن. ھر سرڪاري اداري ۾ ڪرپشن عروج تي آھي. سنڌ جي سمورن وسيلن کي ڌارين جي حوالي ڪيو ويو آھي. بحريہ ٽائون، ڊي ايڇ اي جھڙا منصوبا جوڙي منظم طريقي سان ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، اوھان جو انجام ھاڻ پري ناھي. سنڌ ڌرتي فلسطين جو ڏيک ڏيندي دير نہ ڪندي، ڇاڪاڻ تہ ڌاريا ھر ٻئي ڏينھن ڪنھن نہ ڪنھن سنڌيءَ تي تشدد ڪن ٿا، قبضہ گيري ۽ داداگيري ڪن ٿا.“

ٻئي ھنڌ گورک ھل اسٽيشن بابت اڳواٽ آگاھـــي ڏينــــدي لکــــي ٿو تہ: ” گورک ھل اسٽيشن ايندڙ دور جو ڪوھ مري ٿيندو، پر اھو ماڳ سنڌين جي ھٿ ۾ نہ رھندو. ھي تہ شروعات آھي. سنڌ حڪومت پٺاڻن کي پندرھن ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي آھي. اھي رڳو اتي پير ڄمائين، پوءِ سموري دڪانداري ۽ ھوٽلون پٺاڻن جون ھونديون ـ ڪروڙين سنڌين مان ڪجھہ ھزار سنڌي نوجوان ھڪ ئي ڏينھن ۽ ھڪ ئي وقت تي اتي گڏ ٿين تہ پٺاڻن کي پادر ھڻي لوڌي ڪڍي سگھن ٿا، نہ ٿيندو تہ: ھُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي“ ـ

ظفر گھڻ مطالعاتي ليکڪ ھو. ھن ادب، سائنس، تاريخ، سماج، فلسفي، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتابن جو مطالعو ڪري پنھنجي فني مھارت سان تخليقي انداز ۾ لکڻين جي وسيلي ھن سماج جي نظام کي بدلائڻ لاءِ فڪري رستا ۽ مسئلن جا حل ڏنا. ھو سنڌ جي معروضي توڙي مادي حالتن ۽ مسئلن کان پوري ريت واقف ھو. کيس سنڌي ماڻھن جي تڪليفن ۽ اھنجن جو سبب ھن کي طبقاتي سماج ۽ قومي غلاميءَ ۾ ڏسڻ پئي آيو. کيس يقين ھو تہ فڪر جي ايم سيد جي ذريعي ئي انقلابي تحريڪ ممڪن ٿي، ھن سنڌي سماج کي غلاميءَ، بک، بدحاليءَ ۽ استحصالي قوتن کان نجات ڏياري سگھجي ٿو ـ

ظفر، سيڪيولر سوچ، صوفي ازم، رواداري ۽ فڪرِ جي ايم سيد جو پرچارڪ ھو. ھن سوشل ميڊيا جي وسيلي جي ايم سيد جي فڪر کي عام ڪيو. لکي ٿو تہ ”جنھن قوم وٽ سائين جي ايم سيد ھجي، ان کي بقا لاءِ اڃا ڪھڙو نظريو گھرجي.“ ٻي جاءِ تي سائين جي ايم سيد تي فخر ۽ ساڻس والھانہ محبت جو اظھار ھن ريت ڪري ٿو تہ ”مون کي سائين جي ايم سيد جي اصحابي هجڻ جو شرف حاصل آهي. خوشنصيبيءَ سان 16 جنوري 1988ع تي مون سائين جي ايم سيد جا هٿ چميا “ ـ

پاڻ سائين جي ايم سيد جي شخصيت، فڪر، فلسفي ۽ سياست جو پوئلڳ ھو. سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل کيس قومي آزاديءَ ۾ نظر اچي رھيو ھو. ھن سدائين عوامي مفادن خاطر لکندي، سياسي ۽ سماجي شعور بيدار ڪيو ـ

ظفر، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ جيڪا محنت ڪري رنڍا روڙيا، اھا محنت ڪنھن نہ ڪنھن روپ سان سنڌي ماڻھن تائين پھتي. ھن شخص خاموش رھي بغير ڪنھن حلقي، ايوارڊ ۽ مڃتا لاءِ ڪڏھن بہ نہ لکيو، پر ڌرتيءَ ۽ سنڌي ماڻھن جي تڪليفن ۽ سورن کي ھن سدائين قلم جي ذريعي نروار ڪيو. ھن ڪتاب ۾ ظفر جي ڀيڻ نور جوڳڻ جو تاثراتي نوٽ شامل آھي، جنھن مان ظفر جي شخصيت، روشن خيالي ۽ علمي زندگيءَ جا ڪجھ لڪيل رنگ ۽ روپ ظاھر ڪيل آھن. سندس وڏي ڀاءُ ذاڪر حسين لغاريءَ ڀيٽا طور ظفر جي ذاتي زندگيءَ جي ڪجھ پھلوئن تي روشني وڌي آھي، تہ ظفر ڪڏھن بہ پنھنجن توڙي پراون پاران مليل ڏکن ۽ تڪليفن کي ڪڏھن بہ ظاھر نہ ڪيو. ھن پنھنجي خودداريءَ سان اولاد کي پڙھايو ۽ گھر جو چرخو بہ ھلايو ـ

غزالا شاھ پاران ڏنل ڀيٽا مان ظفر جي سوچ، يادگيرين جو ذڪر، فيسبڪ جي دنيا جو تذڪرو، سياسي ڏاھپ ۽ ساڻس ملاقات نہ ڪري سگھڻ جھڙن پاسن جو ذڪر ڪيو آھي ـ

جان خاصخيليءَ جي تحرير مان ظفر جي شخصيت، ذاتي زندگي، فيسبڪ تي شيئر ڪيل ڪھاڻين جي فني ۽ فڪري جائزي مان سندس ڪھاڻين جا مختلف پاسا نروار ٿين ٿا. جڏھن سنڌي ادب سان چاھ رکندڙ موري مان ڪھاڻيءَ جي تاريخ لکڻ لاءِ قلم کڻندا تہ ظفر جي نالي کي ڪڏھن بہ اورانگھي نہ سگھندا.

ظفر جي رھيل ڪھاڻين کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻي سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ اھم اضافو ڪري سگھجي ٿو. ھنن ڪھاڻين ۾ سنڌي ظفر سماج جي مختلف زاوين کان عڪاسي ڪئي آھي ـ

جان خاصخيلي سندس ڪھاڻين متعلق لکي ٿو تہ ” ظفر جون ڪهاڻيون پڙهندي لڳو تہ بي ترتيب خاموش لڙڪ آهن، جيڪي اکين کان ڳلن، کاڏي کان ٿيندا کيس جيئندان ڏيندا ٿا رهن ۽ هي پنهنجي مخصوص انداز سان سماج ۾ چرندڙ ڦرندڙ ماڻهن کي ڏسندو هڪڙي وڏي پينٽنگ ٺاهڻ لاءِ هڪ موڙ کان ٻئي موڙ تائين هلندو ٿو رهي ۽ بلڪل اڻ لکائتي موڙ تي سندس زندگي جو ڌاڳو ٽٽي ٿو ۽ سندس هٿن ۾ جهليل رنگ هارجي مٽيءَ سان ملي وڃن ٿا.

ظفر سنڌي ادب جي ترقي ۽ ترويج ۾ ڪھاڻين جو مجموعو ”ڀونءِ مان نڪتل ماڻھو“ ۽ ترجمو ٿيل ادب ۾ ”سقراط“، ”سائنس ۽ سماج“، ”سگمنڊ فرائيڊ“، ”جديد سائنس“ ۽ ”يادگار شخصيتون“ جھڙا ڪتاب ڏئي اھم اضافو ڪيو ـ

ظفر جا سائين جي ايم سيد ۽ علي بابا آئيڊيل ھئا. ھو علي بابا جي شخصيت ۽ ڪھاڻين کان گھڻو متاثر ھو. ھڪ ھنڌ يادگيري ساريندي لکي ٿو تہ ” هڪ ڀيري علي بابا موري ۾ آيل هجي، منهنجي ۽ مئڪش سومري جي زور ڀرڻ تي علي بابا اسان وٽ رهي پيو. ان دور ۾ هو ڪهاڻيءَ کان وڇڙي چڪو هو. اڳتي هلي هڪ ناٽڪ ”ڌرُو“ جي نالي سان لکيائين جيڪو سنڌ ٽي وي تي هليو. علي بابا جهڙو ڪهاڻيڪار سنڌ ٻيو نہ ڄڻي سگهندي. جن ادب دوستن علي بابا کي ناهي پڙهيو انهن ڄڻ سنڌي ادب کي ئي ناهي پڙهيو.“

ظفر ڪڏھن بہ سرڪار ۽ رياستي آشيرواد سان مالي سھائتا لاءِ کين وظيفي يا ٻين مراعتن ۽ علاج لاءِ نہ چيو، نہ ئي ڪڏھن وقت جي حڪمرانن جي ثناءَ خواني ڪري لکيو. کيس خبر ھئي تہ غلام قومن ۽ مظلوم قومن جي اديبن ۽ ڏاھن سان ھر دور ۾ ائين ٿيندو آيو آھي. ھن سنڌ سان ٿيندڙ ھر ظلم ۽ استحصال خلاف سدائين جرئت ۽ بھادريءَ سان لکيو. زندگيءَ جي ھر مصيبت سان مھاڏو اٽڪائيندي ھُو ڪيترائي ڀيرا مايوس بہ ٿيو. ھن سماج کان بيزار بہ، سدائين ادبي توڙي سياسي ميڙاڪن کان پاسيرو رھيو. ھُو ھڪ يگانو ۽ آدرشي انسان ھو ـ

ڪتاب ۾ عظيم سنڌي، محمد بخش سھتو، مھراڻ سنڌي، افي راج، آصف سنڌي، سنڌي لياقت دراوڙ، سرواڻ جوکيو، عمران سنڌي، سردار ٻرڙو، اظھار مخدوم، فياض شيخ، واحد حسين لغاري، نديم اختر، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ظھور لغاري، بالا بلوچ، شفقت لغاري ۽ ٻين جا تاثراتي نوٽ ظفر جي مجموعي زندگيءَ کي لفظن ۾ پيش ڪندي لکندڙن جيڪو لکيو آھي، اھا ھڪ لحاظ کان ثانوي معلومات آھي، انھن لکڻين ۾ ڪي ذاتي ۽ نجي واقعا ھن جي شخصيت جو عڪس پيش ڪن ٿا ـ

ظفر مصنوعي ڏيکاءَ بجاءِ حقيقي عملي ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي پنھنجي اسڪول آفيس ۾ خود کي محدود بڻائي نہ صرف مطالعو ڪيو پر سنڌ جي آجپي، خوشحالي، خود مختياري ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ تحريري ڪم ڪيو. ظفر جھڙو، املھ ماڻڪ ۽ بيباڪ ليکڪ ڪڏھن بہ مرڻو ناھي. ھو تاريخ ۾ سدائين زندھ جاويد رھندو. ھن جي وڇوڙي جو نقصان نہ فقط سندس خاندان کي ٿيو آھي پر سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سميت اسان ساٿين کي بہ ٿيو آھي. اياز چواڻي تہ:

آءُ حـيـاتـي آھــيـان، آءُ ڪــيئـن ٿـينـدس فـوت،

متان مونکي موت، ڇُھندي ئي ڇرڪي وڃي.