سنڌ ۾ چوماسي برساتن ۽ ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن، جنھن ۾ 57 لک ماڻھو بي گھر ٿيا آھن، جيڪي روڊ، رستن ۽ بندن تي دربدر واري زندگي گذاري رھيا آھن. او سي ايڇ اي جي رپورٽ مطابق برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 1600 ماڻھو مري چڪا آھن جنھن ۾ خودڪشيون پڻ شامل آھن. 12800 ماڻھو زخمي، 10 لک 5 ھزار گھر ڊھي ويا آھن، 10 لک 2 ھزار ايڪڙ فصل تباھ ٿيا آھن، ان کان علاوہ 3 لک 5 ھزار ٻار تعليم کان پڻ متاثر رھيا آھن. صحت کاتي طرفان تازي رپوٽن ۾ ھن وقت سنڌ ۾ 12 لک 25 ھزار ماڻھو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيا آھن. بيمارين ۾ وڌ کان وڌ مليريا جا 2 لک 55 ھزار ۽ چمڙي جي بيمارين جا 2 لک 49 ھزار ڪيس پڻ ظاھر ٿيا آھن. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي ايم اي) جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا وبا خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آھي. رپورٽ ۾ ڪراچي جي اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن ۾ 60 سيڪڙو ڊينگي متاثر آھن. گذريل 6 ھفتن دوران ڊينگي سبب صرف ڪراچي ۾ 50 ماڻھو فوت ٿي چڪا آھن، جڏھن تہ باقي سنڌ جي ٻين شھرن جي اسپتالن جي رپورٽ پي ايم اي تائين ناھي پھچي سگھي.
حڪومت امداد جي لالچ ۾
سنڌ جا شھر جنھن ۾ خيرپور ناٿن شاھ، بدين، ميھڙ، قبو سعيد خان، گاجي کھاوڙ، قمبر
شھدادڪوٽ، ٺري ميرواھ ۽ ان کان علاوہ جوھي، لاڙڪاڻو، ڪنڊيارو، مورو، نوشھروفيروز،
محرابپور، سکر، خيرپور، دادو ۽ نوابشاھ جي ٻھراڙي وارن علائقن کي فطري نيڪال بند
ڪري ھٿرادو ٻوڙيو آھي. پاڪستاني رياست طرفان سنڌ ۾ ھن وقت ڪنھن بہ علاقي ۾ سرڪاري
رليف ناھي ملي سگھيو. متاثرين جو چوڻ آھي تہ حڪومت اسان کي خراب، پاروٿو ۽ سڙيل
کاڌو ڏئي ٿي. اسان مٿي آسمان ڏانھن اڏامندڙ ھيليڪاپٽر ڏسي اميد جي نظر سان نھاريون
ٿا، پر حڪومت جا نمائندا صرف پاڻي جو معائنو ڪري واپس روانا ٿي وڃن ٿا. وڌيڪ
متاثرن جو چوڻ آھي تہ اسان جي مدد صرف سياسي، سماجي، قومپرست تنظيمن ۽ لوڪل
فائونڊيشن وارا ڪري رھيا آھن. اسان جا گھر ھن وقت 20 کان 25 فٽ پاڻي ھيٺ آھن ۽
حڪومت جو چوڻ آھي تہ اھو پاڻي 06 مھينن کان پوءِ نڪرندو.
سنڌي قوم پاڪستان جي
رياستي نظام مان مڪمل بيزار آھي، جنھن جو ثبوت گذريل ٻہ چونڊون آھن، جنھن ۾ 70
سيڪڙو عوام جي اليڪشني ووٽ ۾ ڪا بہ دلچسپي ۽ نمائندن تي ڪوبہ اعتبار جوڳو عمل نظر
ڪونہ آيو. پاڪستاني رياست سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏ آڻي صرف ٻاھران ايندڙ امداد سان پنھنجا
پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.
خوراڪ کاتي پاران جاري
ڪيل تفصيل موجب سنڌ حڪومت متاثرين تي ھڪ کرب 80 ڪروڙ صرف کاڌ خوراڪ تي خرچ ڪيا
آھن. جيڪڏھن وڌيڪ گڏ ڪيل امداد جو ذڪر ڪجي تہ اھو ھيٺ پيش ڪجي ٿو.
1. وفاق حڪومت طرفان 70 ارب روپيہ
2. بلاول زرداري طرفان 01 کرب ۽ 30 ارب روپيہ
3. ڊاڪٽر نشتر طرفان 520 ڪروڙ رپيہ
4. آسٽريلين ويلاگر لوڪ ڊيمانٽ (Luke Damant) طرفان 3000 ڊالر
5. آسٽريلين گورنمينٽ طرفان 50 لک ڊالر
6. چائنا گورنمينٽ طرفان 100 ملين يوئان ۽ 25000 خيما
7. آل پاڪستاني چائينز انٽرپرائزز ايوسسيئيشن 1.5 ڪروڙ
روپيہ
8. جاپان حڪومت طرفان 7 ملين ڊالر
9. ڪينيڊا حڪومت طرفان 5 ملين ڊالر
10. برطانيا حڪومت طرفان 15 ملين پائونڊ
11. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان طرفان 5 بلين روپيہ
12. ڊاڪٽر عارف علوي طرفان 5 ڪروڙ روپيہ
13. پاڪستان نيسٽل ڪمپني طرفان 31 لک ليٽر صاف پاڻي ۽
10 ھزار ليٽر کير
14. گوگل ملازمن طرفان 7 ڪروڙ 20 لک روپيہ
15. يو ايس ايڊ طرفان 5 ڪروڙ ڊالر
16. يورپي يونين طرفان 3.5 ملين يورو
17. سي اي او ARY NEWS سلمان اقبال طرفان 3 ڪروڙ روپيہ
18. پاڪستاني باڪر عامر خان طرفان 50 لک روپيہ
19. بنگلاديش حڪومت طرفان 80 ڪروڙ ٽڪن جو سامان
20. ريڊ ڪراس سوشل آرگنائيزيشن طرفان 5 ارب 72 ڪروڙ روپيہ
21. عالمي بينڪ طرفان 25 ڪروڙ 80 لک ڊالرز
22. ميٽا (فيسبڪ، انسٽاگرام، واٽس ايپ) ڪمپني طرفان
125 ملين روپيہ
23. گوگل ڪمپني طرفان 5 ملين ڊالر
24. يونيسڪو طرفان سنڌ جي ثقافتي ورثن جي بحاليءَ لاءِ
3 لک 50 ھزار ڊالر (1 لک 50 ھزار ورڊ ھيريٽيج فنڊ ۽ 2 لک ھيريٽيج امرجنسي فنڊ)
جيڪڏھن صرف انھن ئي
انگن اکرن جو ذڪر ڪجي تہ اھو فنڊ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي زندگي بدلائي سگھي ٿو.
متاثر پنھنجي زندگي اڳ کان وڌيڪ خوشحال گذاري سگھن ٿا، پر گڏ ڪيل امداد پاڪستاني
رياست جا حڪمران ۽ فوجي جنرل ذاتي استعمال ۾ آڻي رھيا آھن. متاثرن کي انھن فنڊ مان
10 سيڪڙو بہ ناھي مليو. حيرت جھڙي ڳالھ آھي تہ اپوزيشن ۾ رھندڙ پي ٽي آء اڳواڻ ھن
تباھڪاري حالت ۾ پنھنجي جلسن جلوسن ۾ 30 کان 35 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري رھيو آھي.
ٻوڏ متاثر بک تي پنھنجي
زندگي گذاري رھيا آھن، جتي انھن جي مدد صرف مقامي تنظيمون ڪري رھيون آھن. پاڪستاني
حڪمرانن جو چوڻ آھي تہ گڏ ڪيل مڪمل فنڊ اسان متاثرن ۾ ورھائي چڪا آھيون، پرڏيھي
وزير بلاول زرداري گڏيل قومن طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي سھائتا ۽ بحالي لاءِ
وڌيڪ 16 ڪروڙ ڊالرز امداد جي اپيل پڻ ڪئي آھي.
1976ع کان 2022ع جي وچ
۾ جيڪي ٻوڏون آيون آھن، انھن سالن ۾ سنڌ ۾ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي رھي آھي.
46 سالن جي ايڏي وڏي عرصي ۾ نہ ئي سنڌ ۾ ڪو ننڍو ڊيم ٺھيو، نہ بندن جي مرمت ٿي، نہ
ئي ايريگيشن ڊپارٽمينٽ طرفان ڪنھن بہ واھ، ڪينال يا شاخ وغيرہ جي مرمت ٿي سگھي
آھي. جڏھن تہ بجيٽ ۾ ايريگيشن ڊيپارٽمينٽ طرفان 32 کرب روپيا خرچ ڪيا ويا آھن. سنڌ
۾ جيڪڏھن صرف فطري لنگھ ئي بحال ڪيا وڃن تڏھن بہ تمام گھڻي نقصان کان بچي سگھجي
ٿو، پر دريائي ۽ پاڻي جي فطري وھڪرن ۽ لنگھن تي پاڪستان رياست جي جنرلن طرفان
پلاٽنگ ڪري قبضا ڪيا ويا آھن. جڏھن تہ وڏيرن پنھنجي ذاتي مفادن خاطر شھرن کي پڻ
ٻوڙايو آھي.
20 جون تي چوماسي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي ۽ اھو
بہ چيو ويو ھو تہ آگسٽ مھيني کان برساتون 2010ع کان وڌيڪ ٿينديون ۽ ٻوڏ جي خطري جي
پڻ اڳ ۾ وارننگ ڏني وئي ھئي پر تنھن جي باوجود ان جو ڪو مثبت اثر نہ نڪري سگھيو.
پاڪستاني رياست سنڌ مان
90 سيڪڙو گئس، 70 سيڪڙو تيل، ٿرمل ۽ وِنڊُ جنريشن ذريعي 80 فيصد بجلي کڻي ٿي، ھتان
جو تباه حال سنڌي اڄ بہ 70 سيڪڙو ٽيڪس رياست کي ادا ڪري ٿو. بدلي ۾ ھتان جو ڌرتي
ڌڻي بک، بدحالي، بيماري، بيروزگاري ۽ غلامي جھڙي سفاڪ حالتن کي منھن ڏئي ٿو.
سنڌي قوم جو تاريخي طور تي سنڌ ھڪ ملڪ آھي، جيڪو ھن وقت پاڪستان جو صوبو بڻيل آھي، سنڌي قوم چاھي ٿي تہ موجودہ صورتحال ۾ ٿيل تباھي کانپوءِ ايندڙ ڏيھي توڙي پرڏيھي امداد متاثرن تائين پھچي. ان ڪري بحيثيت سنڌي قوم اسان دنيا جي سڀني ملڪن ۽ فلاحي ادارن کي اپيل ڪيون ٿا تہ پاڪستان جا حڪمران اسان جي نالي تي امداد وٺي پنھنجا اثاثا ٺاھي رھيا آھن. ان ڪري يقين جوڳي فلاحي تنظيمن جي ھٿان يا پنھنجي ھٿن سان پاڻ اچي مدد ڪن.