شھر جي
مين روڊ تي هجوم ماڻھن جو ڏسي,مان به اوڏانهن ويس .
ڏٺم ته
هڪ همراھ ٻئي همراھ کي ،اونڌو ڪري زور سان مڪن لتن سان وسڪارو لايو ويٺو آھي،
۽ ھيٺيون همراھ گارين
جا ست سر ڳائي رهيو آھي..
تنهنجي
زال کي .. تنهنجي ماء کي..تنهنجي ڀيڻ کي ..مان توکي نه ڇڏيندس .
ويڙھ ۾
ھنن جو هليو اهڙو هئو جو سڃاڻپ ۾ نه پيا اچن.
۽ ماڻھن جي ڇڏائڻ جي
باوجود به نه پيا ڇڏائجن.
مون وڏي
آواز ۾ پڇيو ته ڪير آھن ۽ ڇو ٿا وڙھن؟
منهنجو
آواز سڃاڻي .مٿئين همراھ دسيل همراھ مان هٿ ڪڍيا ۽ مونڏي نهاريو. اڙي عارف توبچي
تون مون
حيرت مان پڇيو؟
ايتري
هيٺ دسيل همراھ به ڪپڙا ڇنڊي اٿيو.
اڙي
فريد فراقي تون؟
مون چيو
يار توهان با شعور فرد به ائين وڙھندا ته پوء اسان جي سماج جو ڪهڙو ڏوھ؟
پر
مسئلو ڇاهي ڇاتي وڙھو ٿا؟
عارف
توبچي رت هاڻو نڪ اگهندي چيوادا.مان فيسبڪ تي هن جي هر پوسٽ تي .وڏا وڏا ڪمينٽ
لکندو آھيان ته هي ۽ ڀلو ۽ وڏو شاعر آھي.هن منهنجي شاعري تي ڪوبه سٺو ڪمينٽ ناهي
لکيو.
۽ ڊاڙون ٿو هڻي ته مان
وڏو شاعر آھيان.
ادا مون
پيار سان هن کي سمجهايو ته تون وڏو شاعر ناهين. مان وڏو شاعر آھيان.
۽ ھن جي شاعري تي 100
ڪمينٽ لائيڪ اچن ٿا.
جڏھن ته
منهنجي شاعري تي 500 لائيڪ ڪمينٽ اچن ٿا.
ان تي
همراھ فراقي صاحب جذباتي ٿي مونکي چپل وهائي ڪڍيس.
ادا
ڪمينٽ لائيڪ گهٽ اچن يان گهڻا اچن ڪو مسئلو ناهي.
نه مون
وٽ ڪوڙيون آء ڊيون ٺھيل نه مان ڪنهن کي منٿ ڪري ساراھ جا ڪمينٽ لکرائيندو آھيان.نه
ئي مان چئين شاعرن سان گڏجي هڪ شعر ٺاهي پو پوسٽ ڪندو آھيان هن توبچي وانگي .
پر مونکي شاعري تي پنهنجي آھي فريد فراقي چيو.