Wednesday, December 20, 2023

ڪارل ساگان: سائنس کي عام ماڻھن ۾ مقبول بڻائيندڙ عظيم سائنسدان ـ حسنين سولنگي

اڄ 20 ڊسمبر تي جيڪڏهن ماضيءَ جي تاريخ کي پروڙبو تہ اڄوڪي ڏينهن تي تابڪاري دريافت ڪندڙ ۽ نوبل پرائز ماڻيندڙ ڪيميادان ھينري بيڪيورَيل سان گڏ جينياتي مادي (ڊي اين اي) جي تحقيق تي جيمس ڊيوي واٽسن ۽ فرانسز ھيري ڪامپٽن ڪِرڪ سان گڏ نوبل پرائز ماڻيندڙ ۽ ڊي اين اي جي تاريخ جي وساريل ماڻھوءَ طور مشھور سائنسدان موئرس ولڪنس سميت روم جي تاريخ جي مشھور بادشاھ نيرو ۽ فرانس ۾ موجود دنيا جي مشھور ايفل ٽاور جي ڊزائين پيش ڪندڙ انجنيئر گستاؤ ايفل جي جنم ڏينهن ھجڻ جي ۽ ائٽم جي بناوت بابت نظريو ڏيندڙ سائنسدان ڊينيل ردرفورڊ ۽ نوبل پرائز ماڻيندڙ سائنسدان وولفگينگ پائلي جي فوت ٿيڻ جي ثابتي ملندي.

ڪارل ساگان

جيڪڏهن ويھين صديءَ جي آخري ڏھاڪي ۾ 20 ڊسمبر تي ٿيندڙ واقعن تي نظر وجھندي سال 1996ع تي غور ڪبو ته دنيا جي مشھور آمريڪي ماھرِ فلڪيات (Astronomer)، ماھرِ فلڪي طبيعيات (Astrophysicist)، ماھرِ فلڪي حياتيات (Astrobiologist), عظيم ليکڪ ۽ سائنس کي عام ماڻھن ۾ دلچسپ طريقي سان مقبول بڻائيندڙ شخصيت ڪارل ايڊورڊ ساگان جي ھن دنيا کي ڇڏي وڃڻ جي ڏکائتي خبر اکين سامھون اچي اکين منجھ لڙڪن جا آثار آڻيندي.

ڪارل ساگان سائنس کي تاريخ، فلسفي ۽ نفسيات سان گڏ پيش ڪري آسان بڻائي عوام جي آڏو پيش ڪيو ۽ سموري زندگي دنيا ۾ سائنس جي ذريعي امن امان پيدا ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. ساگان سائنس کي عوام آڏو دلچسپ بڻائي پيش ڪرڻ لاءِ مختلف سائنسي سيريز تي ڪيترائي ٽيليويزن پروگرام ڪيا، ڪلاسز ورتا ۽ ان کان علاوہ پنھنجي ڪم سان سائنسدانن جي ھڪ پوري نسل کي متاثر ڪيائين ۽ سائنس کي ھميشه خوشيءَ سان ڀرپور ۽ جيءُ خوش ڪرڻ واري انداز ۾ پيش ڪيائين.

سندس ھڪ خوبصورت جملو ڏسو:

"ڄاتل محدود آھي ۽ اڻڄاتل لامحدود آھي."

۽ پنھنجي سڄي زندگي ان جملي کي بنياد بڻائي ھميشه ڪا نئين معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رھيو.

ڪارل ساگان 9 نومبر 1934ع تي نيويارڪ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد يوڪرين مان آيل ھڪ يھودي مھاجر ھو ۽ گارمنٽس جي فيڪٽريءَ ۾ مزدوري ڪندو ھو جڏھن تہ سندس والده نيويارڪ جي ئي رھاڪو ھئي. ڪارل ساگان جو جنم تہ ھڪ يھودي گھراڻي ۾ ٿيو ۽ آمريڪا جي عيسائي معاشري ۾ وڏو ٿيو پر پاڻ مذھبي اثرن کان پري رھيو.

ڪارل ساگان 1951ع ۾ نيوجرسي مان ۽ 1960ع ۾ شڪاگو يونيورسٽيءَ مان فلڪيات ۽ فلڪي حياتيات ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انکان پوءِ پاڻ ھارورڊ يونيورسٽي ۽ ڪارنيل يونيورسٽي ۾ فلڪيات جي پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو.

ڪارل ساگان لاجواب ۽ شاندار لکڻ جي صلاحيت جو مالڪ هو ۽ پاڻ ئي لکيو ھئائين تہ: "لکڻ شايد انسانن جي عظيم ترين ايجاد آھي، ماڻھن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي، ڏُور زماني جي واسين کي، جيڪي ھڪٻئي کي بلڪل بہ ڪونہ سڃاڻيندا هئا، ڪتاب وقت جي زنجيرن کي ٽوڙين ٿا ۽ انھن ذريعي اوھان ھڪ قدم کڻڻ بغير بہ ھيءَ پوري ڪائنات گھمي سگھو ٿا."

ڪارل ساگان پنھنجي بي مثال تحرير ۽ تقرير جي خوبيءَ سبب پنھنجي ڳالھين کي عام ۽ خاص ماڻھن تائين پھچائڻ تي قادر ھو. ھن جي ڳالھين کي اڪثر ماڻھو پسندا ڪندا ھئا پر ڪجھ شخص انھن ڳالھين جي خلاف بہ ھئا ۽ ان جو ثبوت ھن مان لڳائي سگھجي ٿو ته کيس "نيشنل اڪيڊمي آف سائنس" جو ميمبر بڻجڻ نہ ڏنو ويو ۽ پنھنجي تنقيدي ڳالھين سبب کيس قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون بہ ڏنيون ويون پر ڪارل ساگان پنھنجي رستي تان ھٽڻ وارو نہ ھو ۽ ثابت قدم رھيو.

ڪارل ساگان پاڻ کي اگناسٽڪ انسان سمجھندو ھو ۽ روحاني جذبن سان ڀريل شخص ھو. ساگان لکي ٿو ته سائنس پاڻ ھڪ روحانيت جو سرچشمو آھي. ھن ڪائنات ۾ جيترا تارا آھن، اِنھن جو تعداد اُنھن سڀني واريءَ جي ذرڙن کان بہ وڌيڪ ٿيندو جيڪي ھِن زمين تي سمنڊن جي ڪنارن تي وِکريا پيا آھن. جڏهن اسين ايتري وسيع ۽ ڪشادي ڪائنات تي نظر وجھون ٿا ۽ پوءِ پنھنجي چوڌاري ڦھليل زندگيءَ جي انتھائي پراسرار ۽ سونھن ڀريي گھيري کي ڏسون ٿا ته عجيب ۽ دلچسپ جذبا اڀري ظاھر ٿين ٿا، ڄڻ ته اسان جي سرگوشي ۽ پُراسراريت ساڳئي وقت اسان سان گفتگو ۾ محو ھجن ۽ سائنس اسان کي اھو سڀ ڪجھ سمجھڻ جي صلاحيت عطا ڪري ٿي.

ساگان چوندو ھو ته جيڪڏهن ڪو شخص غيرمعمولي دعويٰ ٿو ڪري تہ ان کي گهرجي ته ڪو غيرمعمولي ثبوت بہ پيش ڪري تہ جيئن سندس ان ڳالھ جي تصديق ٿئي ۽ تائيد ڪري سگھجي. ڪارل ساگان ھڪ بھترين تخليقي ذهن جو مالڪ ھو ۽ سرِعام چيو ھئائين تہ اسان کي تعليم ۾ تنقيدي سوچ ۽ شڪ سان ڀرپور تحقيق کي فروغ ڏيڻ گھرجي. پاڻ پنھنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو ڪارنيل يونيورسٽيءَ ۾ فلڪيات جي پروفيسر جي حيثيت سان گذاريائين، جتي پاڻ تنقيدي سوچ تي ھڪ ڪورس بہ پڙھائيندو ھو. پاڻ ڪارنيل يونيورسٽيءَ ۾ سيارن (Planets) بابت مطالعاتي ليبارٽري جو ڊائريڪٽر به ھو ۽ ناسا سان ڪافي عرصي تائين ھڪ ميمبر ۽ صلاحڪار جي حيثيت سان منسلڪ رهيو ۽ ناسا سميت ٻين ڪيترن ئي سائنسي ۽ فلڪياتي ادارن کان ايوارڊ حاصل ڪيائين.

ڪارل ساگان شمسي نظام جي ٻين سيارن مثال طور مريخ (Mars)، وينس (Venus)، مشتري (Jupiter) ۽ زحل (Saturn) جي ڪجھ چنڊن تي زندگيءَ جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ خلائي اداري ناسا سان گڏ سالن جا سال مختلف پراجيڪٽن تي ڪم ڪيو. ان سان گڏوگڏ ڪارل ساگان زمين کان ٻاھر زندگيءَ جي امڪانن تي بہ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ تجربن ذريعي ثابت ڪيو تہ زندگيءَ جي پيدائش جي لاءِ ضروري مرڪب عام مادي سان ريڊيائي طريقن سان ٺاھي سگھجن ٿا ۽ ٻين دنيائن ۾ زندگيءَ جي موجود ھجڻ جا امڪانَ روشن آھن.

ڪارل ساگان جا 600 کان وڌيڪ سائنسي تحقيقات تي مشتمل مقالا شايع ٿيا ۽ پاڻ ويھن کان وڌيڪ ڪتابن جو ليکڪ ۽ گڏيل ليکڪ آھي. ھن جا ھيٺيان ڪتاب تمام گھڻا مقبول رھيا.

1. The Dragons of Eden

2. Pale Blue Dot

3. Broca's Brain

4. The Demon Haunted World

5. Contact (Science Fiction Novel)

6. Billions and Billions

7. Cosmos

سندس ڪتاب ڪاسموس (ڪائنات) تہ ڄڻ سندس سڃاڻپ آھي. جنھن وقت ان ڪتاب تي ھڪ ٽيليويزن سيريز ٺاھي وئي تہ اھا دنيا جي سڀ کان مشهور ۽ تمام گھڻي ڏٺي ويندڙ سيريز بڻي ۽ ان سيريز جو ليکڪ ۽ پيش ڪندڙ بہ خود ڪارل ساگان ئي ھو. سندس سائنس فڪشن ناول "Contact" تي 1997ع تي ساڳئي نالي سان ھڪ ھالي ووڊ فلم بہ ٺاھي وئي. ھيءَ سائنس فڪشن فلم زمين تي ڪنھن خلائي مخلوق جي ريڊيائي پيغام جي موصول ٿيڻ جي موضوع تي ھئي ۽ ڪامياب رھي.

ساگان جي اھم ڪمن ۾ وينس سياري جي باري ۾ ڪيل اڳڪٿي بہ شامل آھي تہ وينس جي سطح انتھائي خشڪ ۽ دوزخ جيان گرم آھي، جتي گرمي پد 500 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي سگھي ٿو ۽ سندس اھا پيشگوئي 1962ع ۾ ناسا جي خلائي جھاز ميرينر-2 سچ ثابت ڪئي ھئي. ڪارل ساگان زحل سياري جي سڀ کان وڏي چنڊ ٽائيٽن (Titan) جي باري ۾ بہ بلڪل صحيح پيشگوئي ڪئي ھئي، جيڪا تحقيق ذريعي سچ ثابت ٿي. ان طرح ڪارل ساگان مشتري سياري جي ھڪ چنڊ يوروپا (Europa) جي باري ۾ چيو ھو تہ اتان جي برفاني سطح جي ھيٺان پاڻيءَ جا سمنڊ ٿي سگھن ٿا ۽ اھا ڳالھ بہ ھاڻي تحقيق ذريعي سچ ثابت پئي ٿيندي وڃي ۽ ڪارل ساگان جي ڳالھ جيان اتي زندگي گذاري سگھجڻ جو امڪان بہ ٿي سگهي ٿو.

ڪارل ساگان زمين تي گلوبل وارمنگ (عالمي تپش) جي اڀرندڙ خطرن کي بہ سڃاڻي چڪو ھو ۽ کين وينس تي ڪنٽرول کان ٻاھر گرين هائوس اثرن سان تشبيھ ڏني ھئائين. گلوبل وارمنگ اڄ جي دنيا جو تمام اھم مسئلو بڻجي وئي آهي ۽ ان جي اثرن سبب دنيا تباھي طرف وڃي رھي آھي. گلوبل وارمنگ سبب زمين تي موجود اڪثر گليشيئر برف مان پاڻي ٿيندا پيا وڃن ۽ ساگان جي ڳالھ جي تائيد ڪندي نظر اچن ٿا. قطبين جي برف به پاڻي ٿي ڪري سمنڊ ۾ شامل ٿي رھي آھي ۽ ان سبب سمنڊ جي سطح مٿي ٿي رھي آھي ۽ ائين مسلسل ٿيڻ سان ھندي وڏي سمنڊ ۾ مالديپ جھڙن ٻيٽن جي ٻُڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.

مريخ سياري جي بدلجندڙ رنگن جي باري ۾ ڪارل ساگان چيو ھو تہ اھي موسمي اثر ٿي سگھن ٿا. اڄ مريخ تي آمريڪا جون ٻہ ريموٽ ڪنٽرول سان ھلندڙ خلائي گاڏيون مريخ تي سائنسي تحقيق ۾ مصروف آھن ۽ ڪارل ساگان جي ڳالھ سچ ثابت ٿي چڪي آهي.

ڪارل ساگان پنھنجي ڪتاب " The Demon Haunted World" ۾ تنقيدي سوچ تي تمام بهترين گفتگو ڪئي آھي ۽ ٻڌايو آهي ته انسان ڪيئن وھمن جو شڪار آهي ۽ ڪھڙي طرح انھن کان جند ڇڏائي سگهجي ٿي. ڪارل ساگان ان ڪتاب ۾ سمجھائي ٿو تہ اسان ڪھڙي طرح دوکي تي مشتمل ۽ غلط دعوائن کي سڃاڻي، انھن کان پاڻ آجو ڪري سگھون ٿا.

ڪارل ساگان ھن زمين تي رھندي ڀريل ڪائنات ۾ ذھانت سان ڀرپور زندگيءَ جي روشن امڪانن تي يقين رکندو ھو ۽ ان جي جاچ لاءِ ساگان ريڊيو ٽيلي اسڪوپ جي ذريعي ھڪ پراجيڪٽ شروع ڪيو، جنھن کي `سيٽي` (Seti) جو نالو ڏنو ويو ۽ اھو پراجيڪٽ ھاڻي ھڪ اداري طور ڪم رھيو آھي. ان کان پوءِ ڪارل ساگان ھڪ ٻي تنظيم `سياراتي معاشرو` (Planetary Society) کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ بہ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ اھا تنظيم سائنس ۽ فلڪيات کي عوام ۾ دلچسپ ۽ مشھور بڻائڻ جو ڪم ڪري ٿي. اڄ ان تنظيم جا ھڪ لک کان وڌيڪَ رڪن آھن جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. ان کان علاوه بہ ڪارل ساگان ڪيترين ئي سائنسي تنظيمن ۽ ادارن سان لاڳاپيل رھيو ۽ پنھنجي سموري زندگي نيوڪليائي هٿيارن ۽ نيوڪليائي جنگ جو سخت مخالف رھيو سائنس کي امن جي پرچار جو ذريعو بڻائي امن قائم ڪرڻ ۽ نفرتون ۽ جنگيون ختم ڪرائڻ لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو.

پنھنجي تحقيق ۽ دريافتن سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندڙ دنيا جي مشھور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ پنھنجي سڀ کان مشھور ڪتاب `وقت جي مختصر تاريخ` (A Brief History of Time) جو مھاڳ ڪارل ساگان کان لکرايو ھو.

ڪارل ساگان 1990ع واري ڏھاڪي ۾ رت جي ڪينسر جي ھڪ قسم "Mylodysplasia" جو شڪار ٿي ويو. ڪارل ساگان ان بيماريءَ تي به ھڪ تمام گھڻو دلچسپ ۽ معلوماتي ڪتاب لکيو. ڪارل ساگان 20 ڊسمبر 1996ع تي ٻاھٺ سالن جي عمر ۾ نمونيا سبب وفات ڪئي ۽ کيس نيويارڪ جي "لئڪ وِيُو" قبرستان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.

ڪارل ساگان جھڙن انسانن جو روح جڏھن جسم کان آزاد ٿيندو آهي تہ بہ ان جو ڪائنات جي حيران ڪن دريافتن جو سفر جاري رھي ٿو. ان ڪري مونکي يقين آهي ته ڪارل ساگان خلائي جھازن جيان ھن شمسي نظام جي حدن کان نڪري ڪري ڪروڙين ستارن ۽ ڪهڪشائن جي دريافت جي سفر تي گامزن آھي. پنھنجو "بلينز اينڊ بلينز " (Billions & Billions) وارو راڳ آلاپيندي نوري سالن جي اڻکٽ گھيري جي تمام حدن کان اڳتي ... ڇو تہ ڪائنات لامحدود آھي.

Wednesday, January 4, 2023

ثقافتي ماڳ رني ڪوٽ جي کوجنا ـ اسلم عباسي

سنڌ جي تھذيب دنيا جي تھذيبن مان پراڻي ۽ ھڪ آھي. انڊس سولائيزيشن جو ذڪر دنيا جي تاريخن ۾ مشھور آھي، سنڌ جي اندر ڪيترائي تھذيبي، تاريخي، ثقافتي ۽ ماڳ مڪان موجود آھن جن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ اھي ڪيترا پراڻا آھن. سنڌ جيڪا ھزارين سالن کان ھن ڌرتيءَ تي پنھنجو وجود رکي ٿي، انھيءَ ڌرتي جي موھن جو دڙو ۽ آمري ٻہ اھم قلعا سيوھڻ ۽ رني ڪوٽ سنڌ جي تھذيب ۽ عظمت جا اوچا مينار آھن. ڀنڀور، مڪلي ڪوھستان جي پٽي کان ويندي کيرٿر جي جبلن جي قطار تائين ڪيترائي قدرتي ماڳ مڪان، لڪ، پيچرا، پھاڙي، سلسلا موجود آھن. ڄامشوري کان سيوھڻ ويندي روڊ تي موجود سن جو شھر جنھن جي اولھ ۾ 28 ڪلوميٽرن تي رني ڪوٽ جو قلعو موجود آھي. ھن قلعي اندر داخل ٿيڻ لاءِ چار دروازا آھن، جن مان اڪثر اوڀر پاسي سن وارو دروازو جنھن ذريعي قلعي اندر داخل ٿيجي ٿو. اتر ۾ آمري وارو دروازو اٿس، جڏھن تہ اولھ پاسي مٿانھون دروازو ۽ ڏکڻ پاسي شاھ پير دروازو آھي. رني ڪوٽ اندر ميري ڪوٽ پڻ آھي ۽ شير ڳڙھ پڻ موجود آھي. جڏھن تہ قلعي اندر ھڪ جابلو نئين پڻ وھندي رھي ٿي. رني ڪوٽ اندر مينار يا برج  پڻ واقع آھن، جيڪي خوبصورت ۽ وڻندڙ آھن جيڪو پراڻي عظمت جو نشان آھي. رني ڪوٽ جي باري ۾ سنڌ جي عالمن، دانشورن، محققن جا مختلف رايا ۽ نظريا آھن.

رني ڪوٽ بابت عبداللھ خان مگسي پنھنجي مقالي ”رني ڪوٽ ـ تحقيق جي روشنيءَ ۾“ لکي ٿو تہ: سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي ڪيترائي قلعا ۽ ڪوٽ موجود آھن، انھن مان ڪيترا وقت گذرندي ڊھي، ڦٽي ۽ تباھ ٿي ويا آھن ۽ انھن مان ڪي دائم آھن. سنڌ اندر سيوھڻ جو قلعو، حيدرآباد جو قلعو، بکر جو قلعو، ڪوٽ ٻاروچو، دليل ڪوٽ، سرڻي ڪوٽ، عمر ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ ثابتي ڏين ٿا تہ اھي قلعا  ۽ ڪوٽ قدامت جي لحاظ کان قديم آھن. سنڌ ۾ مٽيءَ مان ٺھيل ڪوٽ ۽ قلعا پٿر واري دور کان اڳ جا آھن. رني ڪوٽ پڻ پراڻي زماني جو ڪوٽ آھي، ھن قديم قلعي کي ساساني دور جو قلعو يا سنڌ جي راءِ گھراڻي جي دور ۾ تعمير ڪرايو ويو آھي. جڏھن تہ رني ڪوٽ جي تعمير ۽ اڏاوت وقت تاريخدانن ۽ محققن جا مختلف رايا آھن، ڪن جو خيال آھي تہ ھي رني ڪوٽ جو قلعو عرب حڪمران عمران بن موسي برمڪي تعمير ڪرايو، ارڪيالاجي ماھرن جي راءِ موجب ھي قلعو اسلامي دور کان اول تعمير ڪرايل آھي. جڳ مشھور اسڪالر ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪتاب ”فتح نامہ“ رني ڪورٽ لاءِ راءِ ڏني آھي تہ ھي سنڌ جي ٽالپر دور حڪومت ۾ نواب ولي محمد خان لغاري جوڙايو آھي. جڏھن تہ 1843ع ۾ انگريزن طرفان سنڌ فتح ڪرڻ بعد سنڌ جي سروي پڻ ڪئي وئي ۽ مسٽر اي ڊپلو ھيوز پنھنجي ڪتاب ”سنڌ گزيٽيئر“ 1876ع ڌاري ۾ لکيو آھي تہ ھي قلعو ميرن ٽالپرن جوڙايو، جڏھن تہ معروف تحقيقدان بدر ابڙي رني ڪوٽ تي تحقيقي ڪم ڪندي راءِ ڏني آھي تہ ھي قلعو جيتوڻيڪ قديمي ۽ پراڻو آھي جيڪو مختلف دورن ۾ تعمير ٿيندو رھيو آھي، بحرحال رني ڪوٽ بابت تاريخ جي پراڻن ڪتابن ۾ پڻ ڪو تفصيلي معلومات نٿي ملي. جڏھن تہ رني ڪوٽ جي تعميرات ۾ بنياد وڏن پٿرن سان رکيو ويو آھي، جنھن مان پڻ اندازو آھي تہ ھي قلعو سنڌ جي تاريخ ۾ تمام پراڻو، قديمي ۽ ٽالپر دور کان اڳ جو آھي. جيڪو سنڌين طرفان ايراني حملي آورن کان بچاءِ واسطي تعمير ڪرايو ويو ھو. بحرحال ھن تاريخي ماڳ تي تحقيق جي ضرورت آھي.

ھن رني ڪوٽ جي قلعي کي جن شخصيتن نروار ڪيو ۽ قلعي جي تاريخي قدامت ۽ سنڌ جو ثقافتي ورثو دنيا جي سامھون آندو، انھن ۾ سڀ کان اول پھرين شخصيت سائين جي ايم سيد آھي. سنڌي ماڻھو ھي قلعو ايامن کان ڏسندا آيا آھن پر غير ملڪي ماڻھن مان ھن قلعي کي تلاش ڪرڻ وارو ھڪڙو انگريز عملدار ھو، جنھن 1876ع يا ان کان ڪجھ عرصو اڳ سنڌ جي سروي ڪندي بمبي آرمي جي ڪواٽر ماسٽر جنرل ڪيپٽن ڍلائوسي ھي قلعو ڏٺو ۽ ان بابت بمبي سرڪار کي ڄاڻ ڏنائين. ان کانپوءِ ھڪ ٻئي انگريز ايگزينڊر برنس پڻ ھن قلعي بابت ڄاڻ ڏني.

ورھاڱي کان پوءِ ھڪ انگريز عملدار وليم ايب يو ايس ايڊ لاءِ ڪم ڪندي سن اچي سائين جي ايم سيد سان مليو، جنھن کيس رني ڪوٽ قلعو گھمائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ قلعي جون تصويرون پڻ ڪڍيو ويو. ڪراچي واپس اچي ان انگريز رني ڪوٽ بابت ڳالھ پنھنجي دوست پاڪستاني فوج جي ڪرنل رشيد سان ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ سرجن ھو ۽ ڪرنل رشيد آرڪيالاجي ۾ دلچسپي رکندڙ ھو. سائين جي ايم سيد کي رني ڪوٽ جي قدامت دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ھميشہ خيال رھندو ھو ۽ پاڻ بزم صوفياءِ سنڌ جي طرفان سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندو ھو. ايم ايڇ پنھور صاحب لکي ٿو تہ: جنوري 1965ع ڌاري ڪرنل رشيد سيد حسام الدين راشدي، محمد ابراھيم جويو ۽ ٻيا رني ڪوٽ قلعي ڏسڻ لاءِ سن پھتاسين جتان سائين جي ايم سيد 6 اٺ رني ڪوٽ جي سن واري دروازي وٽ موڪلي ڇڏيا ھئا ۽ اسان ساڻس گڏجي جيپ تي پھتاسين. ان بعد اٺن تي سوار ٿي اندر رني ڪوٽ گھمياسين. قلعي اندر مختلف حصا ميري ڪوٽ ۽ شير ڳڙھ پڻ ڏٺوسين ۽ رات رھياسين. پر اسان قلعي جا ٻيا ٽي دروازا ڪونہ ڏسي سگھياسين. ڪرنل رشيد کي يو ايس ايڊ واري انگريز مسٽر وليم ايب اڳواٽ رني ڪوٽ بابت تصفيلي ٻڌايو ھو ۽ تصويرون ڏيکاريون ھيون. سائين جي ايم سيد اسان سڀني کي رني ڪوٽ بابت ڄاڻ ڏني ۽ ٻڌايو تہ ھي قلعو يونانين، پرٿين يا ساسانين اڏايو ھو. سائين جي ايم سيد اچي ھن قلعي ۾ رھندو ھو ان وقت لانڍي پڻ اڏائي ھئي ۽ ميري ڪوٽ جي ڪن حصن جي مرمت پڻ ڪرائي ھئي. واپسي تي ڪرنل رشيد سائين جي ايم سيد ۽ وليم ايب جي ٻڌايل قلعي بابت ھڪ مضمون فيبروري 1965ع ڌاري اقبال رويو رسالي ۾ ڇپرايو. جيڪو ترجمو ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان نڪرندڙ ٽہ ماھي مھراڻ رسالي ۾ ڇپيو، جنھن سنڌي عالمن ۾ رني ڪوٽ بابت تحلڪو مچائي ڇڏيو. ان بعد سڄي سنڌ جا ماڻھو رني ڪوٽ قلعي کي ڏسڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا ويندا رھيا.

جنرل ضياالحق جي مارشلا دور ۾ سنڌ جي گورنر ايس ايم عباسي سنڌ جي اھم آرڪيالاجيڪل ماڳن کي ۽ ثقافتي اھميت بابت سيمينار ڪرايا جنھن ۾ رني ڪوٽ، ڀنڀور، منصورا ۽ ٻين ھنڌن تي پڻ سيمينار رٿيا ويا ۽ سنڌ جي تاريخي ثقافتي ماڳن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي موقعو فراھم ڪيو ويو جنھن ۾ ڪمشنر حيدرآباد مسٽر عبداللھ ـ جي ميمڻ جون ڪوششون پڻ شامل آھن. ھن ئي دور ۾ 26 مارچ 1981ع ڌاري رني ڪوٽ تي ھڪ شاندار سيمينار ڪرايو ويو، جنھن ۾ رني ڪوٽ جي تاريخي، ثقافتي اھميت بابت سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن عالمن، تاريخدانن، آثار قديمہ جي ماھرن شرڪت ڪئي ۽ پنھنجا تحقيقي مقالا پڙھيا ھن سيمينار ۾ گورنر سنڌ ايس ايم سنڌ پڻ شريڪ ٿيو ۽ رني ڪوٽ جي ھن تاريخي ماڳ کي نمايا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. ھن سيمينار ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ايم ايڇ پنھور، سيد امداد محمد شاھ، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر غلام علي علانہ، عبدالحميد آخوند، غلام رباني آگرو، ظفر حسن شاھ، مدد علي سنڌي، مير حاجي محمد ٽالپر، تاج سحرائي، عبدالحميد ميمڻ، موري جو ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي شامل ھئا، مشتاق باگاڻي جو مقالو رني ڪوٽ بابت جنگ اخبار جي ايڊيشن ۾ اردو ترجمو ڪري شايع ڪرايو ويو ھو. رني ڪوٽ بابت ھن تحقيقي ۽ تاريخي سيمينار ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مير محمد بخش خان ٽالپر ۽ عبداللھ خان مگسي جو موقف ھو تہ قلعي جي تعمير ٽالپر دور ۾ ٿي آھي جڏھن تہ ايم ايڇ پنھور، رشيد ڀٽي، تاج سحرائي ۽ ٻين محققن موقف ھو تہ ھي قلعو قديمي ۽ تاريخي ساسانين جي دور ۾ جڙي راس ٿيو آھي، جڏھن تہ ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي رني ڪوٽ بابت راءِ ڏني تہ ھي قلعو سنڌ جي راءِ خاندان جي حاڪم راءِ سھاسي جي دور حڪومت ۾ جڙيو آھي، ڇاڪاڻ تہ مڪران وٽ سنڌين ۽ ايرانين جي تاريخي جنگ ٿي جنھن ۾ سنڌين جي شاندار فتح ٿي. جنھن کان پوءِ اولھ اتر کان ٿيندڙ بار بار حملن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھي مضبوط رني ڪوٽ جو قلعو ٺھرايو ويو ھو.

ان بعد رني ڪوٽ جي تحقيق تي بدر ابڙو، انور پيرزادو، اشتياق انصاري پڻ ڪافي ڪجھ ڪم ڪيو آھي. اشتياق انصاري پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ ۾ رني ڪوٽ بابت ھي بھترين جامع مقالو لکيو آھي ۽ سندس چواڻي تہ رني ڪوٽ سنڌ واسين جي لاءِ ھڪ طلسماتي، پرسرار ۽ رومانيت سان لبريز داستان جي حيثيت رکي ٿو. ان ڪوٽ جي سحر ۾ جيترو ماڻھو گرفتار ٿيندو وڃي ٿو. اوترو ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسندو وڃي ٿو. ڪوٽ جي عمر، پکيڙ کان وٺي اڏاوت تائين عجيب و غريب ڳالھيون گشت ڪنديون وتن ٿيون. ڪن محققن گھيري کي چوڏھن ميلن مان ڦوڪڻي وانگر ڦوڪي چوويھن ميلن تائين پھچايو آھي. ڪوٽ جي ڄمار  لاءِ بہ ڪن سندس جنم سترھين صدي عيسوي ٻڌايو آھي تہ ڪن ڪوٽ کي وري حضرت عيسي کان بہ ھزارين سال پوڙھو ڏسيو آھي. اھڙي طرح ڪوڙ جي اڏاوت جي پڳ ڪجھ مھربان ٽالپرن کان وٺي عربن، ساسانين، يوناني باخترين جي سر تي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. رني ڪوٽ کي چين جي ديوار سان مشابھت ڏئي، ڪوٽ ڀرسان لنگھندڙ رستي ذريعي سندس ناتا چين ولايت کان وٺي روم ۽ يونان سان ملائڻ جا جتن بہ ڪيا ويا آھن.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پنھنجي پنجاھ سالا سماجي خدمتن ۾ گذاريا آھن، جن ۾ خاص طرح صحت، تعليم ۽ ثقافت وارا شعبا شامل آھن. سگا طرفان سنڌ جي مڙني تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ ۽ مڪانن ۽ آثار قديم مطعلق سيمينار اجاگر ڪندي رھندي اچي ٿي، ھن کان اڳ پڻ تخت گاھ حيدرآباد، گورک سنڌ جي ڪوھ مري، شھيد بينظير آباد ڊويزن جا تاريخي ماڳ چانھونءِ جو دڙو، ڪوٽ دليل، ٺل مير رڪڻ، تخت گاھ آباد ميان نور محمد ڪلھوڙو مطعلق سيمينار منعقد ڪرائي ڪلچر کاتو حڪومت سنڌ، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ، سنڌ ٽوئرازم ۽ ڊولپمينٽ يوسنيڪو ۽ ٻين ادارن جو ڌيان ڇڪائندي رھي اچي ٿي. اڄ 8 جنوري 2023ع تي رني ڪوٽ سنڌ جو ثقافتي ماڳ ڪانفرنس ڪوٺائڻ تي سگا چيئرمين محترم علي حسين بروھي سيڪريٽري جنرل محترم ولي محمد روشن ۽ سيڪريٽري ثقافت محترم شعاب الدين شاھاڻي کي جس ٿو ڏجي.

سنڌ سرڪار کان مطالبو آھي تہ موھن جي دڙي جيان ھن رني ڪوٽ تي ھڪ انٽرنيشنل سيمينار ڪوٺائي ۽ مختلف ملڪن مان ماھر آثار قديمہ، جاگرافيائيدان ۽ تاريخدانن کي گھرائي ھن رني ڪوٽ قلعي جي تعميرات تاريخي ۽ ثقافتي ۽ جنگي اھميت بابت ٻڌائين ۽ ان سان گڏوگڏ يونيسڪو طرفان ھن کي انٽر نيشنل ھيريٽيج لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي. گذريل ڪجھ عرصي کان ڪلائيميٽ چينج بارشن سبب رني ڪوٽ جو نقصان ٿي رھيو آھي. 06 آگسٽ 2022ع کان سنڌ اندر تباھ ڪندڙ بارسن پڻ سبب پڻ رني ڪوٽ کي وڏو نقصان رسيو آھي. جنھن سان ھن سنڌ جي سھڻي تاريخي ثقافتي ماڳ کي خطرات لاحق آھن.