تاريخ هڪ
اهڙو فن ۽ علم آهي، جو قومن جي ترقيءَ ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي، جنهن سان سماج ۾
رهندڙ پنهنجي ماضيءَ جي شاندار سماجي، معاشي، تهذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي واقعن ۽
حالتن کان روشناس ٿي، مستقبل لاءِ راهون هموار ڪندا آهن. تاريخ انھن واقعن جو ھڪ
بيان آھي، جيڪو انسانن جي وچ ۾ پيدا ٿيو آهي. تاريخ جو علم ھن ڌرتيءَ تي انساني
ارتقا جي مطالعي ڪرڻ جو نالو آهي. تاريخ مفڪرانہ ۽ تنقيدانہ نظر سان انسان جي
گذريل زندگيءَ جي حالتن ۽ واقعن جي مطالعي ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. تاريخ جي نمونن ۾
سماجي، اقتصادي، ثقافتي، تمدني، تهذيبي، فڪري، نظرياتي، لساني ۽ ادبي تاريخ کان
علاوہ ٻين علمن جي بہ ٿئي ٿي. ھي ادب جي ھڪ شاخ آھي. ادب جو فلسفو خود تاريخ جي
فلسفي کان وسيع آهي. تاريخ جو ماخذ ادب ھوندو آھي. سنڌ اندر اڄ تائين جيڪا بہ
تاريخ تحرير ڪئي وئي آهي، اھا ڪنھن قدر تحسين لائق آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ مورو شهر
پڻ پنهنجي منفرد حيثيت رکندڙ شهر آهي. هتان جي محققن ۽ تاريخ نويسن پنهنجي علمي
لياقتن سان ڪيترن ئي تاريخي واقعن جي لڪل حقيقتن تان پردو هٽائي پنهنجي سوچ، پرک
واري نظر، فڪر ۽ مطالياتي سگھ سان اصل رازن ۽ سچاين کي تحقيق جي ذريعي معلوم ڪري
لوڪ جي سامهون پيش ڪري عوام ۾ تاريخي شعور بيدار ڪيو آهي. ھن شھر مان جن ادب،
شاعري، تاريخ ۽ تحقيق جي موضوعن تي ڪتاب لکيا آھن تن مان ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي بہ ھڪ
آھي. ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي جي شخصيت ۽ تصنيفات جو ذڪر ھيٺ پيش ڪجي ٿو.
ڊاڪٽر مشتاق (باگاڻي) علي لغاري |
سوانحي
خاڪو:
مشتاق علي
لغاري ولد گل حسن لغاري 12 اپريل 1949ع تي ڳوٺ علي بخش لغاري ديھ خالصو، تعلقي
موري ۾ جنم ورتو. مشتاق باگاڻي جا وڏا اصل چاڪر ڪوٽ ڪاڇي جا ھئا جتان ميرن جي دور
۾ ھجرت ڪري تاريخي شھر گچيري پراڻي کان اولھ طرف ڪچي جي علائقي ۾ آباد ٿيا. ٽالپرن
جي دور ۾ ميرن جي ڪارڪردگيءَ سان گڏ عسڪري قوت جو حصو رھيا. سندن وڏو باگو خان
گچيري واري معرڪي ۾ انگريزن سان وڙھندي مارجي ويو.
مشتاق بنيادي تعليم مقامي اسڪول خان محمد
احمداڻي، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول دولتپور مان (1965ع)، انٽر مھراڻ ڪاليج
مان (1967ع)، بي اي سچل ڪاليج حيدرآباد (1969ع)، ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي
(1971ع)، ايم اي سنڌ يونيورسٽي (1972ع)، ليبر ائڊمنسٽريشن ۾ ڊپلوما (1973ع) ۽ پي
ايڇ ڊي جي ڊگري سوشيالاجي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان " سوشالاجيڪل اسٽڊي آف جت
اينڊ فشر مين آف دي ڪوسٽل ايريا آف ٺٽہ سنڌ" (2012ع) جي موضوع تي ڪئي.
1974ع ۾ پاڻ
ڪراچيءَ ۾ ليبر آفيسر طور مقرر ٿيو. پاڻ ٽرانسپورٽ ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ مان اسسٽنٽ
ڊائريڪٽر جي عھدي تان 2002ع ۾ رٽائر ٿيو.
ماضيءَ
۾پاڻ ڪراچيءَ ۾ رھڻ دوران مختلف علمي، ادبي توڙي سماجي تنظيمن سان واڳيل رهيو آھي،
جن ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ سڀيتا سنگت، سوجھرو سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
شامل آهن. مشتاق باگاڻي وڏي عرصي کان نثر توڙي نظم ۾ لکندو اچي رهيو آهي. ھن
نثرنويسيءَ ۾ مضمونن، مقالن ۽ ڪالم نگاريءَ ۾ هڪ منفرد حيثيت ٺاهي آهي. سندس
پهريون مضمون ”باگو خان“ جي نالي سان منظور سومرو جي ترتيب ڏنل نئين سنڌ پبليڪيشن
جي ڪتاب ”سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو“ 1972ع ۾ ڇپيو. پاڻ ماهوار سوجهري رسالي ۾ سنڌ جي
ثقافت تي ”ڳالهيون ڳنوارن جون“ عنوان تي 1974ع کان 1975ع تائين لکندو رهيو آهي.
”سنڌي سماج“، ”ميرن جي دور تي هڪ نظر“ ۽
”ڪلهوڙن جي دور تي هڪ نظر“ مضمون 2007ع ۾
سلسليوار ڏيئو رسالي ۾ ڇپيا آھن. 1984ع ۾ مشتاق جو تاريخي ۽ تحقيقي نوعيت جو هڪ
منفرد مضمون ”رني ڪوٽ“ سہ ماهي مهراڻ جي ”رني ڪوٽ نمبر“ ۾ ڇپيو. لطيفيات تي سندس
معلوماتي مضمون ”ٿڌي واري ٿر جي ۽ لطيف سرڪار“ (2017ع) جي عوامي آواز سنڊي ميگزين
۾ ڇپيو. اھڙيءَ طرح مشتاق مختلف موضوعن تي ھن وقت تائين سوين مضمون ۽ مقالا لکي
چڪو آهي. مشتاق باگاڻيءَ جا مضمون وڏو عرصو ادبي رسالي سوجهرو، برسات اخبار، سنڌ
نيوز، عوامي آواز سنڊي مئگزين ۽ ڪاوش اخبار ۾ هفتيوار ”ڳالهيون ڳنوارن جون“ عنوان
سان ڇپيا، جنهن ۾ سندس ٻهراڙيءَ واري عوامي ٻوليءَ کيس اعليٰ ادبي حلقن ۾ روشناس
ڪرايو. مشتاق جا مضمون، مقالا ۽ ڪالم تحقيقي ۽ تاريخي نوعيت جا آهن جن ۾ جاگرافي،
لٿالاجي، اينٿرا پالاجي، انڊس ڊيلٽا، آرڪيالاجي، هسٽري، باٽني، زولاجي، ڪوهستان،
ڪاڇي، رڻ، جبلن ۽ پهاڙن جي وجود اچڻ، ثقافتي، سماجي جائزن مشاهدن ۽ اکين ڏٺي احوال
جي معلومات جي خزاني سان سرشار آھن. ھن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن ۾ اجھاڻل آس
(ڪھاڻيون) 1973ع، ھو جي ٻول ٻريا (شاعري) 1982ع، ھو جي پھڻ پٻ جا (نثر) 1982ع،
لڙھندڙ ونجھ اٻھريون لھرون (شاعري) 1982ع، لاڙ جا ڏينهن لاڙ جون راتيون (ٺٽي ضلعي
جو سماجي جائزو) 1983ع، مورو شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ جي سماجي تاريخ (تحقيق)
2021ع، ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو (شاعري) 2021ع ۽ ننگر ٺٽي جو سماج (مطالعو ۽ مشاهدو)
2024ع شامل آهن. جڏھن تہ ترتيب ڏنل ايندڙ ڪتابن ۾ ويا گذاري ڏينهڙا، آتم ڪٿا (اٺ
قسطون ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيل)، منظوم ڊرامہ (ٻہ منظوم ڊرامہ)، کراچی تجھے سلام،
اوڙاهہ ڏانھن (ڪھاڻيون)، ڪوس گھر (ناول)، سنڌ جي ڪلچر جو اڀياس، سندھو تھذيب دا
سفر (تاريخي ۽ سماجي اڀياس) ۽ ٻين مختلف موضوعن تي اڄ بہ ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آھن.
بحيثيت
ڪھاڻيڪار :
مشتاق
باگاڻي سنڌي ادب جو اهو ليکڪ آهي، جنهن شاعري، ڪهاڻيون، مضمون نويسي ۽ ٻين ڪيترين
ئي صنفن تي لکيو آهي. سندس پهرين ڪهاڻي ”نڌڻڪا“ اروڙ پبليڪيشن جي ڪتاب ”سنڌي قومي
ڪهاڻيون“ ۾ ڇپي. سندس ٻي ڪهاڻي ”ڪاجا پيم ڪاڻ“ گرامي پبليڪيشن دولتپور پاران ان جي
ڪتابي سلسلي ”سنڌين جي تباهيءَ جا ڪارڻ“ ۾ ڇپي، جنهن ۾ ھن ٻوليءَ جي حسناڪين سان
گڏ فني لحاظ کان پڻ خوب نڀايو آهي. سندس ھڪ ٻي ڪهاڻي ”گوندرن گهاياس“ پڻ هڪ
احساساتي ڪهاڻي آھي، جيڪا باک ڪتابي سلسلي جي پهرين ڪتاب ۾ ڇپي.
افسانہ
نويسيءَ ۾ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”اجهاڻل آس“ 1973ع ۾ اروڙ پبليڪيشن موري پاران
شايع ٿيو. مشتاق جي ھنن ڪهاڻين ۾ قومي ۽ طبقاتي حوالي سان ٿيندڙ ڏاڍ، جبر ۽ انياءَ
جا چٽا عڪس ۽ انهن سان مهاڏي اٽڪائڻ جا گر، ڌرتيءَ سان پيار ۽ محبت جا انوکا عڪس ۽
نقش چٽيل آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار عام ماڻهو آھن، جن ۾ سادہ ماڻهو، بدمعاش ۽
امير طبقو بہ آهي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا، گھمندي ڦرندي نظر ايندڙ
آهن. ھنن ڪهاڻين ۾ سندس ٻولي ٻهراڙيءَ ۾ ڳالهائيندڙ نج سنڌي، سادي ۽ مقامي آهي. ھن
ڪنهن بہ قسم جي فلسفي کان پاڻ کي آزاد رکندي، ڪهاڻين ۾ صرف حقيقت پسنديءَ تي زور
ڏنو آهي. هن مجموعي ۾ جيڪي ڪهاڻيون ڏنل آهن، تن ۾ ”ٿيندو نيٺ صبوح“، ”جيڪر ڪريان
ريھ“، ”پينگهو“، ”نڌڻڪا“، ”سدا اڀريا سنڌ ۾“، ”اڱڻ مٿي اوپرا“، ”جسي جاڙ پرائيو“،
”وساريان نہ ٿا وسرن“، ”ڏکيا ڏيھ ڌڻي“، ”واهيرن جا واهرو“، ”چاچو جعفر“، ”ڪٽارو“،
”ڪوس“ ۽ ”ڏورڻ منجھان ڏس“ شامل آهن. ڪھاڻي ”ڪٽارو“ ۽ ”ڪوس“ ۾ سنڌ جي اٻوجھ ماڻهن ۾
سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ان دور ۾ ٿيل واقعن کي نهايت اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. مشتاق
پنھنجي ڪھاڻين ۾ اڪثر سنڌ جي سماجي مسئلن، قومي جذبي جي اپٽار، مختلف تضادن، مسئلن
۽ مونجهارن کي پيش ڪيو آهي. هن مجموعي ۾ بک، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ کي پڻ موضوع
بڻايو ويو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ شوڪت حسين شورو لکي ٿو تہ:
”مشتاق
باگاڻي جي ڪهاڻين جو بنيادي موضوع سنڌي قوم پرستي ۽ قومي جدوجهد آهي. هن پنهنجي
ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ستايل ڌرتي ۽ نٻل نستن سنڌي ماڻهن سان اٿاه پيار جو اظهار ڪيو
آهي. باگاڻي جي ٻولي، جملا ننڍا ننڍا، مڪمل ۽ هنئين ۾ چڀي ويندڙ آهن. هن جي ٻولي
ڌرتيءَ جي ٻولي آهي، جنهن ۾ شهري ملاوٽ ڪانهي. هن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئون موڙ ڏنو
آهي.“
مشتاق جي
ڪھاڻين جو ھڪ ٻيو مجموعو ”اوڙاه ڏانهن“ پڻ ڇپائي هيٺ آهي.
هوجي پهڻ
پٻ جا
مشتاق
باگاڻي جا سنڌي نثري ادب ۾ ھڪ منفرد ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪجھ ڪتاب ادبي يادگيرين تي
مشتمل آهن جن مان "ھو جي پھڻ پٻ" ڪتاب ھڪ آھي، جيڪو 1982ع ۾ مارئي
اڪيڊمي سڪرنڊ پاران شايع ٿيو. ڪتاب جو مهاڳ پاڻ لکيو اٿس. مشتاق پنهنجي هن ڪتاب ۾
ادبي يادگيرين، نامور ادبي شخصيتن وغيرہ جو ذڪر ڪيو آهي. ھن پنهنجي نوڪريءَ دوران
1970ع کان 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي ادبي حلقن ۾ جيڪو، وهيو واپريو پئي، جهڙوڪ:
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ سڀيتا سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ادبي گڏجاڻين ۽
ثقافتي ۽ سماجي پروگرامن، هلال پاڪستان جي ان دور جي ادبي خدمتن، سوجهري رسالي جي
لکڻين ۽ هفتيوار برسات جي ادبي ڪم ۽ ڪردار کي خوبصورت ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي. مشتاق
باگاڻي ھن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي نامور شاعرن اديبن سان ڪيل ڪچھرين، مختلف يادگيرين ۽
ڪراچيءَ جي ان وقت جي ادبي دؤر جي ان ڏهاڪي جي هڪ خوبصورت ادبي تاريخ ڏني آهي. ھي
ڪتاب 112 صفحن تي مشتمل آهي.
لاڙ جا
ڏينهن لاڙ جون راتيون:
مشتاق
باگاڻي جو ھي ڪتاب ”لاڙ جا ڏينھن لاڙ جون راتيون“ 1983ع ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ
پاران شايع ٿيو. ڪتاب ۾ مشتاق باگاڻيءَ ٺٽي ضلعي جو سماجي جائزو، ننگر سان نينهن،
لاڙ جي لوڪ ڪٿائن، شڪار ۽ ٻين ڪيترن ئي پاسن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ھن ھڪ دور جي
تاريخ قلمبند ڪئي آھي، جنھن ۾ ان خطي جون سماجي، جاگرافيائي ۽ طبعي حالتون بيان
ڪيون آھن. ڪتاب ۾ ھن شاندار ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آھي. سندس طرز تحرير جو مثال ھن
ريت آھي:
”ھتي
منھنجون اڪثر راتيون اوجاڳن ۾ گذريون آھن. ساري رات گھايل رتونبي وانگر من تڙپندو
آھي. لڳندو آھي. منھنجو روح بہ روھاڳي پکيءَ وانگر ھڪ ڏينھن اڏري ماري ھي پڊ ڇڏي
ويندو. پوءِ جڏھن سياري جون اداس چانڊوڻيون راتيون اينديون تہ منھنجو روح بہ ھتي
جي ڪنھن ڪينجھر يا سونھريءَ ۾ چيڄ ڪرڻ لاءِ ضرور ڀيرو ڀڃندو. ھتي جا حسين نظارا،
پاڻيارا ۽ جابلو پڊ، کاريون ۽ ناريون منھنجي روح جو چيڄ آھن. ھا ڪڏھن ھتي جون
اُماسي راتيون، رتونبي شامون ۽ نيرڳي ڀنڀراڪا منھنجي روح جو چوڻو بہ کسي وٺندا آھن
ڪجھ ڏينھن لاءِ ھيٺانھان پڊ ڇورا ڇنا ٿي پوندا آھن ۽ مٿي جبلن تي نري ول ۾ خوشبوءِ
اڃا تيز ٿي ويندي آھي. سايون ڳاڱيون ۽ مگھا، گولاڙا ۽ گگريون ڏسندي ڏسندي وھيءَ
چڙھڻ لڳندا آھن“
کراچي تجهي
سلام (مطالعہ و مشاهدہ)
مشتاق
باگاڻي جو هي ڪتاب ڪراچيءَ جي يادگيرين، اکين ڏٺي احوال، مشاهدي ۽ هسٽاريڪل فيڪٽس
تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ھن ڪراچيءَ جي آبهوا، انڊس ڊيلٽا، تاريخي پسمنظرن، مورڙو ۽
ڪراچي، انگريزن جي آمد، دور انتظامي امور، جاگيرداري سسٽم، آبپاشي نظام، تجارت،
واٽر سپلائي، ريلوي ڪراچيءَ سان رشتو، ننڍپڻ جي يادن، علم و ادب، سماجي تغير پذيري
۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هي ڪتاب اردو زبان ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ پاڻ
تاريخي معلومات پڻ ڏني آهي.
مورو شهر ۽
ان جي پسگردائيءَ جي سماجي تاريخ (2021ع)
مشتاق
باگاڻي جو هي ڪتاب مورو ايجوڪيشنل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي پاران ڇپيو. ھي ڪتاب موري،
گچيري پراڻي، شاهپورجهانيان، دولتپور ۽ ٻين آس پاس جي ڳوٺن جي سماجي تاريخ، ڳوٺاڻي
زندگي، مشاهدي، يادگيرين ۽ اڳوڻي سنڌي سماج تي مبني آهي. ڪتاب ۾ محمد آباد ۽
ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۽ ٻين سياسي مرڪزن جو تاريخي تناظر ۾ ذڪر آهي. موري شهر جي
اوائلي دور، پس منظر، ان دور جي علمي ادبي شخصيتن ۽ شهر ۾ رهندڙ ڪلهوڙا، شيخ،
سادات، ميمڻ، قاضي، سومرا، سرهيا، ٻرڙا ۽ ٻين برادرين ۽ راڄن جو معلوماتي ذڪر آهي.
گچيري ۽ لغاري بجراڻين جي ڳوٺ جي تاريخ، درياه، ڪچي جي علائقي، سگهڙن ۽ ملوڪ
ماڻهن، اوطاقن ۽ اوتارن تي ڪچهرين، شڪار، جهانيان جي ميلي ۽ پس گردائيءَ، ڳوٺن ۽
راڄن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ تهذيب جو ذڪر ڪيو آهي. ھن ڪتاب م گھڻي ڀاڱي مشتاق
کان غلطيون رھجي ويون آھن. ڪتاب ۾ تاريخي زاويو اختيار ڪيو ويو آھي. ڪتاب ۾ موري
جي سماجي، سياسي توڙي ادبي تحريڪن جو تزڪرو نہ آھي، نہ ئي موري جي سماجي ۽ ثقافتي
قدرن ۽ روايتن کي عيان ڪيو ويو آھي. ڪيترن ئي ڳوٺن جي سماجي ۽ ثقافتي تاريخ لکيل
نہ آھي. موري ۽ آس پاس جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، مذھبي، سياسي، سماجي توڙي ثقافتي
شخصيتن جي خدمتن جو بہ ذڪر نہ آھي.
مشتاق
باگاڻي ھن ڪتاب ۾ شين جي ڇنڊ ڇاڻ توڙي علمي منطق اختيار نہ ڪيو آھي، نہ ئي سندس
ٻولي تاريخي عبارتن واري آھي. سندس ٻولي ڪٿي بياني، ڪٿي تاثراتي، ڪٿي آتم ڪٿائي ۽
ڪٿي خاڪا نويسيءَ واري آھي. ڪتاب ۾ ترتيب، پيشڪش ۽ مشاھدن جا بہ نقص رھيل آھن. ص
23 تي لکي ٿو تہ ”راشد مورائي جي سندس ساري شاعري درديلي شاعري سنڌي ادب جو حصو
آھي.“ ڇا راشد مورائي جي سموري شاعري درد جي ھڪڙي پھلو تي آھي…؟ راشد مورائي جي
شاعري جا انيڪ پھلو ۽ موضوع آھن. ص 75 تي مولوي محمد عثمان بابت لکي ٿو تہ ”ھن
مدسہ عثمانيہ قائم ڪيو.“ ھن مدسي جو نالو مدسہ عثمانيہ نہ بلڪہ مدسہ رحمانيہ آھي.
ساڳي صفحي تي محمد مٺل ڪمالاڻي جو جنم سال 1841 لکي ٿو، جڏھن تہ ”ساھتي جا استاد“
جھڙي مستند ڪتاب م سندس جنم سال 1942ع آھي. ص 84 تي نامور اديب ۽ ناول نويس ”خليق
مورائي“ بابت لکي ٿو تہ ”پنجويھہ کن مذھبي ڪتاب لکيائين.“ سمورن ڪتابن کي مذھبي
قرار ڏيڻ مشتاق جو غير منطقي انداز آھي. ص 86 تي ”اختر مورائي“ جي باري م لکي ٿو
تہ ”پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو.“ مشتاق جي ھن جملي ۾ ھڪ تہ واضع
ناھي تہ اختر مورائي شاخ جو سيڪريٽري ھو يا مرڪز جو. جيڪڏھن شاخ جو سيڪريٽري رھيو،
تہ شاخ جو عھدو سيڪريٽري آھي، جڏھن تہ
جنرل سيڪريٽري جو عھدو مرڪز تي ھوندو آھي. ص 87 تي قاضي عبدالوھاب جي ڄمڻ جو ھنڌ
ڌيرڻ ۽ جنم سال 1906ع لکيو اٿس. جڏھن تہ ڪتاب ”ساھتي جا استاد“ ۾ سندس جنم سڌوجا ۽
جنم سال پھرين جنوري 1902ع لکيل آھي. ٻئي ھنڌ گچيري پراڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ
”گچيرو پراڻو تاريخي شھر آھي، گچيرو موري جو ھمعصر آھي.“ مورو شھر گچيري جو ھمعصر
ناھي. تاريخ جا ڪتاب گچيري کي قبل مسيح شھرن مان لکن ٿا، جڏھن تہ مورو روايتن
مطابق 5,6 صديون پراڻو شھر آھي. گچيري بابت اڳتي لکي ٿو تہ ”گچيري ۾ ھڪ سراءِ
ھوندي ھئي، جنھن ۾ ٻارھن ڪمرا اڏيل ھوندا ھئا، ان سان گڏ کوھ ھوندو ھو، اھو کوھ اڄ
بہ سلامت آهي.“ مسافر خاني کي ٻارھن نہ بلڪہ ٻہ ڪمرا ھئا، جيڪي سلامت آھن. جڏھن تہ
اھو کوھ پنجاھ سال اڳ ختم ٿي چڪو آهي، ان جو ڪوبہ نشان موجود نہ آهي. اھڙي طرح ڪتاب ۾ مشاھداتي غلطيون بہ موجود آهن. ڪتاب
۾ پيشڪش جي لحاظ کان بہ ترتيب وار ذڪر ناھي، نہ ئي بيان ڪيل واقعي يا شخصيت بابت
تذڪري مان خبر پوي ٿي تہ ھي دور يا ڪھڙي ڏھاڪي جو ذڪر آهي. مشتاق باگاڻي جا مضمون
فن جي لحاظ کان اعليٰ شاهڪار آهن، انهن جي ٻولي ۽ طرز بيان سندن جان آهي، جيڪا
فطري اختيار ڪيل آھي. مشتاق پنھنجي مضمونن سان سنڌ جي انھن خطن جو سير ڪرائي ٿو،
جيڪي عام شھري ماڻھن جي نظرن کان دور آھن. ھن پنھنجي مضمونن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ۽
مقامي اصطلاح، پھاڪا ۽ محاورا ڪم آڻي سنڌي ادب ۽ لغت ۾ اضافو ڪيو آهي.
بحيثيت
شاعر :
سنڌي ادب ۾
ڪلاسيڪل صنف بيت ۽ وائيءَ ۾ مشتاق باگاڻي جي ھڪ جدا انفراديت آھي. ھن بيت توڙي
وائي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سواد ڏيڻ سان گڏ نون لفظن کي تخليق ڪرڻ، روايتي تجنيس
جي طريقن سان گڏوگڏ تجنيس جا مختلف طريقا، ھم آوازي لفظ بہ استعمال ڪيا آهن. سندس
شعري مجموعي "ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو" جي مهاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو تہ:
"سنڌ جي
ڪچي، لاڙ، ٿر، ڪوھستان ۽ سامونڊي علائقي جا جيترا لفظ ۽ جاگرافيءَ جو ذڪر مشتاق
باگاڻي ھن ڪتاب ۾ ڪيو آهي اوترو ورلي ڪنھن سنڌ جي شاعر ڪيو آھي. بيت وائيءَ ۾
انوکا لفظ ۽ قافيا ڪتب آندا ويا آهن. ان کان علاوه ڳاھ ڳاھن جا بيت، سانگ جا بيت وغيره بہ سندس
خوبصورت ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ خاص اهميت جي حامل آهن."
ھيٺ سندس
ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
ٿڙندي
ٿاٻڙجندي، ڀونڊا ڏنئي ڀون،
ڪھڙي منھن
سان تون، جھوليءَ ويندين ماءُ جي.
پيھو ڙي پن
تي، کرانڊو کائي،
موت الائي،
ڪڏھن ايندس اوچتو.
مون ور
اجھو اچڻو، امڙ سڳيون پاء،
اُڀو جنڊي
جاءِ ، ڪالھونڪر ڪانگ لنوي.
امڙ سيرون
ڏنيم لڱن پاڻي لائيان،
مٿو پوءِ
ويڙھيم، مون ور اجھو اچڻو.
مشتاق جي
شاعريءَ ۾ لوڪ ڪلاسيڪي رنگ عوامي ٻوليءَ جي نزاڪت، خيال جي گھرائي، موضوعن ۽
احساسن جو تاثر، نج ٻھراڙيءَ جو ماحول ۽ زندگيءَ جي مسئلن جي اُپٽار اثرائتي نموني
پيش ڪيل آھي. ھن وٽ ڪلاسيڪي وائي جو فني ۽ فڪري انداز ھن طرح ملي ٿو.
نڪي پنڌ
پڳو،
نڪي لڌو
گس،
ڍرڪي سج
پيو.
پنھنجن
پيرن پنڌ سان،
وڏو ڪيو
وس،
ڍرڪي سج
پيو.
ھينئڙي کي
تہ ھلڻ جو،
چوکو ھيو
چس،
ڍرڪي سج
پيو.
پاڻ مٿي
پنڌڙا،
جيئڙا توکي
جس،
ڍرڪي سج
پيو.
اجھو ھوت
وڃي پيو،
ڏونگر ڏنس
ڏس،
ڍرڪي سج
پيو.
ننگر ٺٽي
جو سماج (مطالعو ۽ مشاهدو) 2023ع
ھي ڪتاب پڻ
مشتاق باگاڻي جي مطالعي ۽ مشاهدي جو هڪ لاثاني ڪتاب آهي، جنهن ۾ ھن ننگر ٺٽي جي
سماج ۾ سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا جي حوالي سان جيڪو مطالعو، مشاھدو ڪيو آهي. اتان جي
آس پاس جي علائقن، ٻهراڙين، ڪوهستاني علائقن، جانورن، وڻن ٻوٽن، گاھن، معدنيات، درياه ۽ ڪچي جي خاصيتن، ميداني
علائقن، بئراجن، واھن، آڳاٽين وسندين، رڻ، انڊس ڊيلٽا، ڪريڪ سسٽم ۽ ڍانڍي مختلف
مقامي علائقن ۽ ڳوٺن ۾ ڳالھائجندڙ ٻولين ۽
لھجن سان گڏ ٺٽي جي اوائلي سماج، سماجي تبديليءَ ۽ موجودہ ٺٽي شهر جي نقشي ۽ اتان جي
سونھن جو تاريخي پسمنظر تاريخ جي اھم ڪتابن جي تز حوالن جي روشنيءَ ۾ سيبتي نموني
واضع ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي ڀاڱي ٻئي ۾ مشتاق لاڙ جي فطري سونهن، سجاول جي سڄڻن،
مڪليءَ، ٺٽي جي شيرازين، باغائي، امير خاني سادات، ميمڻ، مسڻ، جاکرن جي راڄن،
مهاڻن، گدرن، پليجن وغيرہ جي ثقافتي سرگرمين، ڪچهرين جي دورن، شخصيتن ۽ ٻين ڪيترن
ئي پاسن تي لکيو آهي. مشتاق هن ڪتاب ۾ ٺٽي جي تاريخي اهميت، جاگرافيءَ، ڪلچر،
واقعات، يادگيرين کي مشاهداتي طور قلم بند ڪيو آهي. ھن ڪتاب ۾ تاريخي ڪتابن جا
حوالا، لغت جو ذخيرو، نئين معلومات ۽ ننگر ٺٽي جي ماڻھن جي ھڪ دؤر جي ثقافت،
تھذيب، رھڻي ڪھڻي، جاگرافي درج آھي. مشتاق باگاڻي جي ھن ڪتاب جي پر مغز تفصيلي
مطالعي مان تصديق ٿئي ٿي تہ ھي تصنيف ننگر ٺٽي جي سماج جي اھم ڪڙي آهي. ھن ڪتاب ۾
مشتاق جي فني اڻت، وسيع ۽ گھرو مطالعو، ڳوڙھو مشاھدو، سلاست، ٻوليءَ جي حسناڪي ۽
رواني، ڳالھ ڪرڻ جو فن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون اسان جي آڏو فاضل مصنف جي ڪاوشن
۽ جستجو جي نتيجي ۾ آيون آھن. هي ڪتاب 265
صفحن تي مشتمل آهي جيڪو مورو ايجوڪيشنل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي پاران 2023ع ۾ ڇپايو
ويو آهي.
مجموعي طرح
ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي گھڻ پاسائين شخصيت وارو ليکڪ آھي. ھو ھڪ ئي وقت ادب ۾ نثر توڙي
نظم جي مختلف پاسن تي دسترس رکندڙ مضبوط ليکڪ آھي. مشتاق جي نثر توڙي نظم ۾ سنڌي
ٻوليءَ جو بي بها خزانو آھي. ھن شخص سنڌ جي تھذيب، ثقافت، تاريخ ۽ انساني عظمت کي
اُجاگر، نشانبر ۽ نمايان ڪرڻ لاءِ خدمتون ڏنيون آھن. ھن لغت جھڙو محنت طلب ڪم ۽
تحقيقي مقالن جي عرق ريزي بہ ڏٺي آھي. مشتاق کي جيڪڏھن اصل ۾ ڏسڻو ھجي تہ کيس سندس
لکڻين ۽ تصنيفات ۾ ڳولجي. ھو عام رواجي زندگيءَ ۾ سادو، سٻاجهو، محنتي، پورھئي کي
پسند ڪندڙ علمي، ادبي ميلن ۽ پروگرامن، ماڻھن جي ھجومن کان پاڻ کي پري رکي ھن آڌي
رات جو اٿي تخليقي ڪم ڪرڻ کي اھميت ڏني آهي. ھو سنڌ جي مصنوعي اديبن وانگر نہ بلڪہ
حقيقت پسند ليکڪ آھي. ھن شخص ڪڏھن بہ پاڻ پڏائڻ، اجائي تعريف ۽ غير ضروري بحثن ۽
ڪچھرين کان پاڻ کي پري رکي ٻوليءَ ۽ ادب جي اھم موضوعن تي سوچي ۽ لوچي سنڌي ادب کي
گھڻو ڪجھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ھو زماني جي لاھن چاڙھن، دوستن ۽ دشمنن جي نادانين
۽ اڻ سھپ وارن روين، منافقين، علم دوستن جي محبتن ۽ حجتن ۾ مسلسل جدوجھد سان
لاڳيتو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي آبياري جو ڪم ڪندو رھيو آھي. سندس اھڙي جفاڪشي تي کيس
ملڪ جي وڏي اعزاز تمغہ امتياز 2024ع سان نوازيو ويو آهي. اميد آهي تہ مشتاق جا
ايندڙ ڪتاب اڳ وانگر سنڌي ادب، تحقيق توڙي تاريخ جو اھم اضافو ثابت ٿيندا. مشتاق
جھڙن وڻجارن لاءِ اياز چيو ھو تہ،
ھيرا تہ
ڏسو، ڪنڪر نہ ھڻو، ايندو نہ وري ھي وڻجارو،
ڪجھ ڏات
ڏسو پوءِ بات ڪريو، ھي شور اجايو آ پيارا.