اليڪشن کان ٽي ڏينهن پهريان ”لٽ مار پارٽي“
جي سربراھ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي خبر آهي ته هتي تعليم جو ٻيڙو، صحت
جو ٻيڙو، روڊ رستن جو ٻيڙو، پر هر اداري جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي، لاقانونيت، ڪرپشن،
بک بدحالي، مهانگائي، بدامني، ماڻهن جو رت پي ڇڏيو آهي، ڪنهن جي به عزت محفوظ ناهي
پوءِ به مون کي فخر آهي توهان کي به هجي ڇو ته توهان بهادر قوم آهيو، توهان سچي
قوم آهيو، توهان صابرين قوم آهيو، توهان باشعور قوم آهيو، جلسي مان نعرو بلند ٿيو
”جيئي لٽ مار پارٽي“ ”سدا جيئي“ جذباتي انداز ۾ خطاب کي اڳتي وڌائيندي لٽ مار
پارٽي جو سربراھ چيو ته تنهن هوندي به مان اوهان مان مايوس ناهيان، جيئن توهان
سدائين اسان جي پارٽي کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي کٽرائيندا آيا آهيو، مون کي اميد آهي ته هن اليڪشن ۾ به
مخالفن کي شڪست ڏئي پنهنجو تواريخي فيصلو ڏيندا جيئن هميشه ڏيندا آيا آهيون، ٻيهر
نعرو بلند ٿيو، کٽينداسين کٽينداسين هي الڪيشن کٽينداسين، اڃان به خطاب کي اڳتي
وڌائيندي هن چيو ته مان اوهان کي خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان، ته اسان جي مخالفن جي
ڳالهين جي چڪر ۾ نه اچجو، جيڪي چوندا وتن ٿا ته اسان جي لاءِ ته هن ملڪ جي اسان
ڀينگ ڪئي آهي، اسان صفا ڀينگ ڪٿي ڪئي آهي؟ ۽ اڃا گهڻو ڪجھ رهيل آهي. ٽن ڏينهن
کانپوءِ اليڪشن ۾ ”لٽ مار پارٽي“ سڄي ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي وئي ـ