Sunday, November 6, 2016

سگا مورو طرفان سگا ساٿي پروفيسر مظهر الدين ميمڻ جي ياد ۾ مفت چمڙي ڪيمپ جو اکين ڏٺو احوال ـ رپورٽ ـ اسلم عباسي

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان تاريخ 6 نومبر 2016ع آچر ڏينهن صبح 9 وڳي تعلقه سول اسپتال مورو ۾ سگا ساٿي ۽ مرڪزي روح روان پروفيسر مظهر الدين ميمڻ مرحوم جي ياد ۾ هڪ ڏينهن واري مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ ٿي گذري . ڪيمپ مرحوم مظهر الدين ميمڻ جي لائق فرزندن ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ ماهر اسڪن ڊزيز ۽ سندس ڀا ءُ جيڪو پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ سنڌ حڪومت ڪراچيءَ ۾ آفيسر آهي. جن جي ذاتي دلچسپي ۽ تعاون سان ڪراچي مان چمڙي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم دوائون کڻي رات جو ساڍي يارنهن وڳي مورو پهتا، سگا ساٿين نظر حسين ميمڻ ۽ ٻين سندن استقبال ڪيو ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ تي اچڻ لاءِ کين مبارڪباد ڏني ـ

رات جي آرامي ٿيڻ بعد صبح سوير اٺين وڳي سگا نائب صدر نظر حسين ميمڻ ۽ حاجي ڀليڏنو ميمڻ ويلفيئر ٽرسٽ مورو جي سرگرم ساٿي امان الله مورائي کين ناشتو ڪرائڻ بعد سول اسپتال مورو وٺي آيا، ٻئي طرف تعلقه سول اسپتال مورو جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالڪريم ڏاهري بهترين تعاون ڪندي اسپتال احاطي ۾ ڪيمپ جا انتظام مڪمل ڪرايا، جيڪي سگا صدر اسلم عباسي ۽ ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ فرائض انجام ڏنا. سول اسپتال مورو ۾ صبح جو سوير سگا صدر اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد، پريس سيڪريٽري وسيم الرحمان شيخ، خزانچي سرفراز علي ميمڻ ساٿين ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ، اسڪائوٽ گروپ مظفر گلاباڻي، زاهد ڏيپر، قاضي شفيع محمد طرفان اسڪول جا استاد پڻ  مفت چمڙي ڪيمپ ۾ رضاڪارانه خدمتون ڏيڻ لاءِ پهتا، جڏهن ته سگا ڪراچي شاخ جو سابق جنرل سيڪريٽري اياز محمد ميمڻ “راڻو” خاص مرڪزي چيئرمين سگا جي هدايتن تي ڪيمپ ۾ پهتو. جاکوڙي صحافي فقير دين محمد ڪلهوڙو، ميڊيا رپورٽنگ لاءِ جاني مورائي، رياض عالماڻي ايڇ ٽي وي آواز ٽي وي ، ڌرتي جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ پڻ پهتا ـ

سگا طرفان هن مفت چمڙي ڪيمپ جو افتتاح ۽ پروگرام جي صدارت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشهروفيروز ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته هن موقعي تي ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سگا صدر اسلم عباسي، نائب صدر نظر حسين ميمڻ، جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ، سرفراز علي ميمڻ، امان الله مورائي، امام الدين سولنگي، وسيم رحمان شيخ ۽ ٻيا سگا ساٿي پڻ موجود هئا. جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر مورو عدنان رشيد پڻ ڪيمپ جو دورو ڪيو. هيلٿ ڊيپارٽمينٽ نوشهرو فيروز جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو افتتاح ڪندي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سگا مورو سماجي خدمتن ۾ پاڻ مڃايو آهي. اڄوڪي هي مفت چمڙي ڪيمپ مان سوين مريض فائدو حاصل ڪندا ۽ هن قسم جون مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ سگا پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. هن مورو سگا صدر اسلم عباسي هيلٿ ڪاميٽي چيئرمين نظر حسين ميمڻ کي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ آئنده به تعاون ڪرڻ  جو مڪمل يقين ڏياريو. ان بعد پاڻ سگا ساٿين سان گڏجي سول اسپتال احاطي اندر ڪيمپ دوران چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرن طرفان مريضن کي طبي معائنو ڪندي ڏٺو ويو ۽ دوائن جي اسٽور جو  پڻ دورو ڪيو. عورتن، ٻارڙن ۽ مردن مريضن جي وڏي انگ ۾ شرڪت رهي. شهر مورو ۽ ان جي آس پاس پسگردائي ڳوٺن سونهري فارم، شاهپور، دولتپور، دادو مورو پل، ملڪ، ڏيپارجا، ڪانڌڙا ڪالوني، نوان جتوئي، مٺياڻي، سڌوجا، ڦل، مناهي ۽ آس پاس جي رهواسين جي وڏي انگ ۾ شرڪت رهي. سگا شاخ ڦل جو وفد پروفيسر بخش علي چانڊيو، اڪرم ڦل، خالد ميمڻ ۽ چانڊيو صاحب جي اڳواڻي ۾ پهتو ۽ ڪيمپ جو دورو ڪيو ـ

ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سندس ٽيم اٺن ڊاڪٽرن تي مشتمل هئي، اندازي موجب ٻه هزار مريضن کي تپاسيو ويو ۽ مفت بهترين دوائون پڻ ڏنيون ويون. سگا طرفان لڳايل مفت چمڙي ڪيمپ ۾ مورو شهر جي معززين سگا ساٿين، سماج سڌارڪن ۽ سول سوسائٽي نمائندن هر هڪ نثاراحمد ميمڻ، لال خان، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، سيد محسن علي شاھ، ڪائونسلر ملڪ شبير، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال، پروفيسر افتخار ٻگهيو، راڻو غلام مصطفي، ڄام ذوالفقار، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، فهد رضا ايڊووڪيٽ، تصور ميمڻ، امام الدين سولنگي، ولي محمد ميمڻ، اڪبر ميمڻ، محمد عاقل، آصف نظر ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي معززين جي آمد ۽ شرڪت رهي. هي ڪيمپ صبح 9 وڳي کان 3 وڳي تائين جاري رهي آخر ۾ ٻاهران آيل ڊاڪٽرن، سگا ساٿين، اسڪائوٽ گروپ، ورڪرن ۽ ڪيمپ ۾ حصو وٺندڙ ۽ خدمتون ڏيندڙن جي مان ۾ منجهند جي ماني جو اهتمام ڊاڪٽر مظهر علي ڪلهوڙو ڊسٽرڪ هيلٿ آفيسر طرفان سندس رهائشگاھ تي رٿيل هو. جتي سڀني مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڊاڪٽر صاحب سڀني جو آڌر ڀاءُ ڪيو، اهڙي طرح شام چئين وڳي ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ۽ سندس ٽيم واپس ڪراچي رواني ٿي وئي ـ

Saturday, August 6, 2016

غزل، نظم، بيت، ٽيڙو ـ ھدايت ڏيپر


طــــويـــل غـــــزل“

زنــــدگــــيءَ کــــي مـــتان مـــــات ڏئـــــي زنــــدگـــــي،

زنــــدگــــيءَ جـــي ڪـــري مــــوت پـــيو چـــوڪــسي.

درد مــنــهــنــجــا گـــهـــڙي پـــل پــيــا ســک ســمـهي،

تــنــهــنــجـــــون يـــادون بــڻـيــون بــســتـرو بــخـمـلي.

بــــــــاهه پـــــــاڻــــــــي ٻـــکــيـــا مـــــون ڏٺــــو پـــــــاڻ ۾،

روح پـنهنـجــــا گــــــڏي ڪَـــيَـــنَ خـــتــم دشـــمــــــني.

هُـــــــــوَ زلـــيـــــخـــــــا لڳي عـشــق جـــــــي انـــــــــڌ ۾،

پــــر عـمــل درعـمــل پـنـهـنـجـــــو هـــو يــــوســـــفـــي.

بــــــاهه جــــي پــيـچــــرن تـــــي هـــــــلـــــن گـــــل پـــــيا،

آ اهـــــا عــــشــــق جـــــي حــــســـن جــــــي تـــشــنــــگي.

لــوڪ جـــا ڪَــنَ ڪـٿــي بـــنـد ٿـــا ٿـــي ســـگـــهـــن،

ٻــــــول جــيـــڪــــي اٿـــئـــــي ٻــــولـــڻــــو ســـانـــوري.

چـــــاهــــتــــن کــــــي پـــريــــن تـــــوريــــو ڀــــل ســـــدا،

نـــــيـــــڻ پـــنــهنــــجــــا بــــڻـــــايــــا اٿــــم ســـــاهــــمـــي.

تـــــون جـــدا ڪــو نه مون کي ڪري ڏس سـگهين،

يــــــاد رت وانــــگـــيــــان مـــنهنجي تـو ۾ گهــــمــــي.

نــــيــــڻ منــهنـــجــــي اُڏي پـيـــــار جـــي ويـــا طـــرف،

روڪ جـــــي ٽــــوڪ جــــي اڄ ڀڃين ڪــــوڙڪـــي.

شــــهـــر تنــهنــجـــو بــــــدن مـــون مــســافر اکــيــون،

شــــهـــر جـــي ســونـهــن ۾ ڏي رهــــڻ پــل گـــهـڙي.

عـــــشــــــــق جـــــــــــا درد هــــــــاڻا لـــــٽــــا روئـــــنـــــدي،

ڏس ته ڌوئـــــــي پــــيــــو حـــســن بـــڻــجــــي کــــٽـــي.

تـــــون جــــي آڳـــــر مٿي منهن کليل هئين سُــــتـي،

بـــــاوضـــــو پــــيــا جـــهـــڪــــي چـــنـــــڊ ۽ چـانــدنــــي.

يــــــادگــــيــــرون ائــــيـــن مــــاس کــــائـــيــن پــــيــــون،

جـــــهـــــار ڄــــــــــڻ پـــــــــوک تي ڪـا اچـــي آ لــــٿـــــي.

پـــيـــچــــرا پــــــارٿــــــــا تــــــوبــــــنـــا ســـــــڀ ڪــــــــڍن،

ســـــــال ٿــــيــــا تــــــن مـــــٿــــان تـــون آهــين گُهـــمي.

ســــــــور مــنــهــنــجـــا ســڀــئـــي لـــوڻ پـــاڻــــي ٿـــــيا،

تـــــــو جــــــي مــــرڪي ڏٺـــو مـــون ڏي اکيون کڻي.

ڪـــــو به ســـــونـــــامـــــي ڊاهــــي سـگهي ڪو نه ٿو،

عـــــشـــق مـنـهـنـجـــي سنــــدي ڀـــــت مــٺــا اوڏڪـــي.

پــــيــــار جــــي ڪــنــهــن ســڳــي سان اچي روح جا،

اڄ اڊڙيــــــل بـــخـــيــــا ڪـــــــــو وڃــــــي يــر سسبي.

جــــيـــڪـــــڏهــــن پـــيــــارجــــي تو پلٽ ڪئي پرين،

درد پــــو پــــاڻ ئــــــي پــــيــــا ڪــــنــــدا خــــودڪــشي.

ســـــونــــهـــن پــنــهــنــجــــــا ڳــــنــــدي وار آهــن ڇڏيا،

ڏس ته رخ مـــــا ســـــنـــــدس بـــــــاک آهـــــــي ڦُـــٽـــي.

نــــنـــــڊ جـــــا پــــيـــر ٿــــو مـــــان کــڻان وئي ڪڏي؟

ذهــــــــــــن کـــــــــي جــــــــاڳ جــــا يــــار ڀـــــالا هــڻـــي.

يـــــــاد مــــڇــــــرن جــئــــــان روح کـــــــي ٿـــــي پـٽي،

درد مــــلــيـــــــــريـــــا جــــئــان ويـــــــو ســـڄــــڻ آ وڌي.

تـــــونـــــگـــــاهــــن ســـنــــدي مـــهـــڪ کــــــي کـوليو،

خـــوشـــــبـــو خــوشـــــبــــو ديــــس جــــــي هـــر ڳــــلي.

درد آ داغ نــــــــاهـــــــــي مــــــــٽـــــــي جــــــــــو مــــــٺــــا،

جـــــــو وڃـــــــــي جــــــــلـــــد پــاڻــــــي ۾ هــي ڌوپجي.

ڄـــــــڻ ته ڄـــــرٻـــيــلـــي ٿـــــم تــــو بـــنــــان بــســترو،

تـــــــون ئـــــي راحـــت مٺا تون ئي منهنجي خوشي.

هُـــــوَ ســسئـــي وانــگـيــان ووڙي ٿي منهنجي لئه،

ڪــــــــو نــــه لـــيـــلان جـــئـــــان هـــارتــــي مــــوهـــبي.

مـنـهـنـجـــو ســــاروبـــدن تـنـهـنـجــا هـــٿ طـلـبـي ٿو،

اچ وڄــــاء جـــــــســـم مـنـهـنـجـــــي سـنـدي يـا نسري.

مــــان پـــريـــن جــــي بـــــدن جـــو گــهـمــان ڳوٺ ٿو،

چـــــنــــڊ تـــــارا مــــــون ســـــان ڪــــن پـــيــا دشـمـنـي.

روز ڇـــيـــڻـــــن بــــهـــانـــــي ٿـــــي تـــوکــــي ڏســـــي،

عــــشــــق جـــــي مـــــاريــــل هُــــوَ چـــري ڇـــوڪـــري.

ســــــاهـــه جــــا تـــــاڪ جــــــي بـــنـــد ٿـــيـــن پــوپـرين،

پـنـهـنـجــــي نـيـڻـــن مـجـهـــان ٻــــي ڏجــان زنــدگـي.

گــــهنـــــڊ تـــــو آ وڄــــايــــو سـنـــدي ســـونــهــن جـــو،

رام ٽــيــڪـــيــــو مـــٿــــو ۽ جــــهـــڪـــــي مـــورتــــي.

يــــــــاد جـــــا ڪــيــئـــي ڪـــــوڪــا چــڀـيـــا هـــانءَ ۾،

ذهـــن جـــي ســرزمـيـن وئـــي ســـڄـــي گـهــائـجــــي.

جـــيـــن جـــان پــيـــار تـنـهـنـجــو ٿـــو مـــون ۾ رهي،

ٻــــورُ يـــان پـــن نــه آ جـــو وڃــــي جـــهــــٽ ڇـــڻـــــي.

ســــاهــه جـــا چــــپ ســـڪـــل ٿـــر جـــئـــان پـيـالـڳـن،

عــــــشــــق جــــــو آســـــمــــــان جــــــو ويــــو آ رُســــــي.

وحــــشـــتــــن جــــــا ســــويــــن رنـــگ ٿـا هت ڏسون،

پـــيـــار جـــي مـــرڪ کــــي نـــانــــگ ويــــو آ ڪکي.

ڇـــــيـــر ســــڏڪــــا ڪــــيــــا گـهـــنـگـهــــرو تــــڙپــــيـا،

پــيــٽ لــئه رقــــص ۾ هــــئــــي مـــگــــن نــــاچــــڻـــي.

ســـــــوڳ جــــــا هــــــن تـــــڏا اڄ بــــه دلـــيـــن مـــٿـــان،

تـــــــوڙي جـــــو ڀـــــونءِ تــان ســــڀ تــــڏا ويـا کـڄي.

اڄ ٽــــهــــوڪـــــن ســـنــــدا گـــيــــت ويــــا بـــنـــد ٿـــي،

مــــــورجـــــي ســــــوڳ ۾ ڊيـــــل روئـــنـــدي رهـــــــي.

ڪـــونــه ڪــــوئـــي ڪــنــائـــي ٿــــو هـــاڻـــي هـــتـــي،

ڀــــٽ ڌڻـــــي جـــو تــنــبــــورو ۽ ٻــــــولـــــي رُنــــــــــي.

تـــو نــه سمـجـهيـا اکـيـــن جـــــا صــحـيـفـا ڪــــڏهــــن،

تــــون ڇــــا ڇــــاڻــيــن فـــڪـــر؟ تــون نـه آن فـلسفي.

مـــنصــفـــن پـنـهـنـجـــي مـنـهــن تـــي رکـــي ٻـــــاٽ آ،

ســـــرد لاشــــــــا کــنــيـــو بـــــــاک روئـــنـــدي رهــــــــي.

ڪــيــتــرا گــــــــل پـــــيـــا روز ســـــــــڙنــــــدي مــــــرن،

شـــهـــــر ۾ مــــــوت جـــا مــنــهـــن پــيــا هــــن کُـــلـــي.

مـــهــذبــن مــــاڻــهـــــن عــصــمــتــــون هـــن لــٽــيـــون،

دانـــهـــــن پـــــوتـــــيءَ سنــدي ڪنهن به ناهي ٻـــــڌي.

ڀـــنـــــگـــيــــــاڻـــــي جــــــي پـــــويان ڊڪي شهـــر ٿــــو،

ڪـــيــن ڪــنــهــــن ڏي ڏســـي ســنــڌ جــــي مـــارئــي.

مــان تــــه مـــزدور هـــــــان ٿــــو ڪـــيـــان پـــورهـــيـــو،

ســــــوچ جــــــو پــيــــــٽ ٿــــي هــــا ڀــــري شـــــاعــــري.

تـنـهـنـجــــي ظــلـمــن سـنــدو مــان چــٽـو هـان ثبوت،

ٻـــي ڏيــکـــاريـــان تــوکــي ڪــهڙي مـــــان آ رســـــي

ڊاڪـــٽــر جـــون اکيون جـــسـم ٿيون چــيــڪ ڪـن،

روح حـــــــي پـــــاڙ تـــــائــيــن نــه ڪــــا اک پــــــڳـــــي.

چــــنــــد پـــيئـســـن ڪــــري توکي جنهن خوش ڪيو،

تـــــــون ڇــــــا ڇـــــاڻـــيــن ڇـــسا مـفــلــســي بـيـوســي.

عــــيـــد هــــــــولــــــــي ڏيــــــــــاري ســـڀـــئـــــي روح ۾،

ســـــنــڌ جـــــي هــــــيءَ مـــٽــــي آ امـــــن شـــــانــــــتـــي.

ڪُـــــــــنُ چــــوڻ کـــان اڳـي مون ۾ تون تو ۾ مان،

پـــــاڻ ئــــــي ڄـــــــاڻـــــون ٿــــا ظــــاهــــري بــــاطـــنــــي.

ديــــــــس مـنـهـنـجـــــو اڀـيـچـنــــد آ مـنـهـنـجـــــي لــــئه،

عـــشــق مــنــهــنجــــو ســچـــو سـوچ ٿـــم ســـرمــــدي.

مـــــــون جـــــلائـــــي شـــمــــع دوســتـــن گُــــلُ ڪـــئي،

واءَ آٿــــــــت ڏنـــــــي ٻـــــــــي شــــمـــــع ٻـــــــاربــــــــــــي.

وقــــــت جـــــــي هــــــٿ هـــــٿان دؤر ٿــــــو مـــــارجـــي،

ٻـــــــڌ تـــــــواريــــــخ آ چـــيـــخ ڪــيــــــــڏي ڪـــــئـــــــي.

اومــــــهـــيــــن جـــــــا دڙا تـــــون گـــــواهــــــي ڏجــــــان،

ســنــــــڌ جـــــي آبـــــرو ڪـــنــهــن هــــٿـــان آ لُـــــٽـــــــي،

آســـــمــــــان انـــــقـــــــلابــــــــــي جـــهـــنــــڊو آ کـــنـــيـــو

هــــــــــر عــــنـــــايـــــــت بــڻــيـــو ڀـــــونء جـــــو آدمـــــي

خــــــالـــــي الـــفـــــاظ نـــــاهـــــن چـــيــــا مــــــون اهــــي،

تــــــن ۾ تــــــواريـــــــخ آ هــــــڪ ســــچـــي مون لکي.

ســـــاڌ ٻــيــــلـــــو رنــــــــو ۽ اٿــــيــــــو جــــــوش مــــــان،

اوتــــــمــــــر جـــــا ٻــيــــلا تـــــــون پــــريــشـــــان نــه ٿي.

جـــهـــــــور آهــــي ڪــٿي؟ ڏس وڙهـــي پــيــو اڃــــا،

وقــــــــت جــــــي ڏاڍ کــــان جــــنــگ ويــنــــدو کــٽــــي.

مـــــــــورڙو آ اٿـــيـــو نــنـــــڊ جـــــــــي کــــيــــپ مــــــان

مـــــانــگـــــرن ۾ پــئـــــــــــــي ڀـــــــــــاڄ آهــــــــــــي وڏي

ڏاڍ جـــــــي لاٽ ڪــــــــاريءَ مـــٿـــــان هــــــــن ســــــــدا،

وار پــئــــــي ٿــــي ڪــري ســـونـهـن جــي روشــنـــي.

ٽــــــاري ٽـــــاريءَ ســنــــــــدو هــــــا پـــــلــئه اڄ ڪــــبو،

هــــي وچــــن ٿـــــو ڪــري ديـــــس جــــو هـــر پــکـــي.

چــــنــــڊ ســــــــج ۽ ســـــتـارا نــه پــنــهــنــجـــــا اَٿَــــــــــوَ،

پـــــــاڻ کـــــــــي پــنــهـــنــجـــــي ڪـــرڻـــي آ روشـــنــي.

هُـــــــوءَ جــــو ڀـــــٽ مـــتـان گــهــر ســنــدس لــوڙهــو،

ڪــيـــن وڪـــيـــو جــهــڪــيــو پــئــي وڙهــيو آدمي.

جــنــهــن مــهــل فــيــصــلــو ٿــي لـــکــيــو جــج پــئي،

ڪـــاغــــذن تـــڙپــيـــوڪـــئــــي قــــلــم خــــودڪــشــي.

تـــــرڪ مــــان ڇـــــوڪـــيــــان يـــــار گـــوتـــم جــئـــان،

قـــــرض آ مـــــــــون مــٿــان هـــي حــيــاتـــي ســـڄــــي.

آفــــــــرڪـــــــا ايــٿــــوپــــــيــا ۽ ٿــــــــر شــــــــام ڀـــــــــي،

درد تــــــن جــــــو ائــيــــــن مـنـهـنـجــــــي ڄــڻ زنــدگي.

داغ انــــــســـــانــيـــــت جــــــي مــٿـــــان هــــــــن ســــــدا،

هــــــــــــــو نـــــــــفـــــاقـــــــــي مـــــلا پـــنـــــڊت ۽ پادري.

مــــــــوت جـــــي هـــــڪ بـٽــڻ تـــي ســڄي پرٿــــــوي،

اڄ جــــــــو انــــســان ٿــــيــــــو ڪــيـــڏو آ ظـــولــمـــي.

اڄ جــــا ماڻـــهــــــو ڀـــلــــي ڪــيــن مون کي پڙهــن،

پـــــــر صـــــديـــون پڙهبي مـنـهـنـجي پئي شـاعـــري.

 

 

نــــظـــــم

“خــــــــدا ســــان ٺــــڳــــي“

خـــــــدا ســــــان ٺــــڳــــي ڏس عـــــبـــــادت ڌنــــــــڌو آ،

ڀـــلـــــي پـــــارجــــــــي ڀــــــــي ســـــعـــــادت ڌنــــــــــڌو آ.

ســــــڄــــي ســـور ڌرتـــي ســـڄــي قـــوم ســـڏڪـــــا،

اکـــــيـــــن ۾حــــــيــــاتـــــــي گـــــــذارڻ جــــــا الــــڪــــا.

هُــــنَــــــنَ کـــــــي آ پــنــهــنــجــي مـفـادن جـي ڳـڻتـي،

گـــــلابـــن جـــــي ڳـــــاٽـــن ۾بــــــارودي ڪـــــڙڪـــــا،

هــــتــــان جــــــي ڄنڊا پــــــــٽ ســــيـــاســــت ڌنــــــڌو آ.

عـــــيـــاشـــــي ۾ اخـــــلاقـــــي حــــدون اورانــگــيـــــل

وڏي تـــسبــيـــح هــــــــٿ ۾اڇــــــي پـــــوتـــي پــاتـــل،

ســـــــڄــــو ڏيــــهه ڌوهــــن جــــومــــرڪـــز بــــڻــايــــل،

لــڳـــل آهـــــي مـنـهـن تـــــي شــرافـــت جـــو لــيـبــل.

مـــــڪــــاري هـــــــي چــــهــــرا شـرافـــــــت ڌنــــــــڌو آ

هــــنــــن جـــــي تــــه ڪـــــوڙي عــــزت خـــاڪ ٿيـندي

امــــن ســـــاري ســنــــڌڙي جــــڏهــــن يــــاربـــڻــــبـــــي،

ســـڃـــــاڻــــو وڏيـــــــــــــرا ۽ ســــــــــــردار دشـــــــــمــــــن،

وڙهـــــائــــي ڇــــــڏيـــــائـــــون ســـڄــي قـوم پنهنجي.

قـــــبـــيـــلائــــــــــي ســــــــاري عـــــــــداوت ڌنـــــــــــڌو آ.

ٿــــي مـايــــوس ويــاهـــــن حــــيـــاتـــي جـــــا جـــــذبـــــا،

اکــيـن ۾هــــا جـــــــن کـــــي مـــــواتـــــي جــــا جـــــذبـــا،

ڏســــــــي رهـــــبـــــرن جـــــــي انــــائـــــن جـــا جــهــيـــڙا

روئــــــن ســـنـــڌ مـــــاتـا جـــــي ڇـــــاتــــي جـــا جــــذبـــا

وڃـــــــــي قــــــــــــوم ڪـــــــاڏي قـــــيـــــادت ڌنـــــــڌو آ.

اهـــي لــولا لـــنـــگــــڙا شـــجـــاعـــت کــــان خـــالــــــي،

مـــــکــــيــــن وات ڀــــــريــــل ٺـــــري جــــا مــــوالـــــــي،

اهـــــــي ٺـــــــولـــــي ٺــــوڳــــي ســڃــاڻــي ڇـڏيو سڀ،

ڪــــتــن جـــا مـــــروئــــن جـــــا وڏا شــــوق شـــالـــــي،

ســـڀــئـــي ڳــــالـــهيـــون ڪوڙيون ڪرامت ڌنــڌو آ.

وڃـــــائــــي ڇــــڏيــــائـــــون قـــلــم جــــي بـــه حرمـــــت،

ٻــــه ٽــــي نـــــوٽ عيــوض ســـچــائــي جي عـظـمـــت

ســــچــــــا چـــنـــد مـــاڻــهــــــو هـــــــزارن ۾ هـــــونــــــدا

ڏنــــــــي جـــــــن ســچـــائــي جــــي خـــاطـــر شـــهـــادت

گـــــهـــڻــــن جــــــــو ادب ۽ صـــــحـــافــــــت ڌنــــــــڌو آ.

مـــــــري ويـــــا کـــــپــــي ويــــا هــتــي کــوڙ ســـاســي،

وڃـــــائـــــي حـــيــــاتـــيـــون عــــــدالـــت جـــــا آ ســــــي.

گـــهـــمـــــي ٿـــــــو هــــــو آزاد رهـــــــــزن ۽ قــــــاتـــــل،

بـــنــان ڏوهه مــاڻــهـــو چـــڙهـــي ويـا ڪــي ڦـــاســــي.

هــــتــــي يــــــروڪــــــالــــــــت عـــــــدالـــــت ڌنـــــــــڌو آ.

اســـــــــان جـــــــي مـــــٿـــــي تــــي عـنـايــت ڌنــــــــڌو آ.

۽ لاشـــن تــــي ڪـــــرســــيـــون شــهــادت ڌنـــــــــڌو آ.

اکـــيـــن ڳــــوڙهــــا واڳــــون صــــــداقــــت ڌنــــــــڌو آ.

مــــــــحــــــبــــــــت ڌنـــــــــــــــڌو آعــــــــــداوت ڌنــــــــڌو آ.

ٻــــــــڌايـــــان ڇــــــا کــــــولــــي “هــــدايــــت“ ڌنـــــــــڌو آ.

 

نـــــظـــــم

”هـــــر نــــيـــڻ ڀـــنـــل آهـــــي“

هــر نـــيــڻ ڀــنل آهـــي، هــــر جــيءُ جــهــريــــل آهــي.

ڏِسُ بـــــاهــه ٻــــريــل آهــــي، هــــرســـاهه سڙيـل آهـي.

ڏِسُ شــــام ڏکـــايـــل ڀـــي، رت نــيــڻ وهــايــل ڀـي،

آڪـــاش ســڄــو ســـڏڪـــا، ۽ بـــــاک ڏکــايــــــل ڀـي.

ســنــســـار ٻــــــڌا آهـن، قــاتـل جا هُــو ڪــڙڪـا ڀـي.

پــستـول جــا ســڏڪـا ڀــي، مـقـتول جـا ٽـهڪا ڀـي.

هـــر ڦـڻـنـگ مـجـهـان آهـي هـڪ ڦـول ڦٽي نـڪـتو.

آديــــــس کــــٿــــوري ٿــيــو، بــدبـــوءِ ڀــڄـــي نـڪـتو.

ڏس لاش وفــــائــــن جو احـــســـاس جـو دم نـڪـتو،.

هــــن ديــــس جـــــلادن جـــي ۾ آس جــو دم نـڪـتو.

بــــــازن جـــــي وطــــن ۾ هــئــو، پرواز ڪبـوتر جو،

ســــڀ مـــاري مــٽــائـــــــڻ لـئه آغــــــــــاز ڪــبوتر جو.

جـــــو خــــون وهـــيـــو آهـــي بــــي ڏوهـــه گــلابن جو،

ســـــرهـــاڻ جـــــي نــيــڻــن ۾ هـــو پــيــار خـوابن جو،

هــــــو ڄــــــاڻ اجـــهـــو اڀـريو، مون ساڻ چيو سورج.

اونـــــــداهـــه مـــٽـــائــــڻ لـــئـه، هـــو پــاڻ ٿــيـو سورج.

 

“بــــــيـــــت“

وڌو ڪـــنــهـــن وڳــــوڙ؟ ڪــڻــوڪـــڻـو قـــرب ٿــيو.

چـــچـــلائــــــي چــــاهــه پـــيو، ڄڻ لٽيو ڪـنهن اروڙ.

ڀـــــاڳ ڀـــــونءِ ڀـــــلــــوڙ، ڦــــورو ســـڀ ڦـــري ويــــا.

 

ســــــتــارا ســـيج منـهــنجــــي، وهـــاڻـــو اٿـــــم چــنـڊ

ســـــورج بــڻــجــي گــهــنـــڊ، وڳـــو مـــون وجــود ۾.

 

پــســـيـــو آب جـــــــــــرا، لـــهـــــس نــــه آئــــــــي لـــــِکَ

ڏهـــــــــرن ڏونــــــگــــــرن، ڏکــــــــــن ســــنـــــــــدي ڏِکَ

وڌم وڌي وک، اوجـــــــــــهـــــڙ  ا ڪــــــــــري ويــــــــم.

 

ســــــامــــهــــون ڏســــي مـــوت. ڊيڄو سڀ ڊڄي ويــا.

جـــــــرڪـــــي پـــئــــي جـــوت. ســنــڌ جي سپاهين ۾

 

تــــــوجــــي ٺـــــاهـــيـــا پـــنـــج. مـــنـهــن مــنهنجي تــي

پـــنــجــــن مــــــان گـــنــــج، چــــٽـــا تـــو چــهــري تــــي.

 

تـنــهـنــجـــي رخ تـــان سـپـريــن، چانڊوڪي چــائــي

مـــلـــي ســــونــهــن سـنسارکــــي، ورنــهــن ورهائي.

پــيـــو ٿـــوجـــڳ پــــائـــي. سـيـنـگـار تـو سـونهن جا

 

ڀــيــلــيــم ســــارا ڀَــــــــوَ، جـــيــئــڻ ڪــــاڻ جـــــڳ ۾

ٻـــــٽـــا ٻــــــاڻ مـــــــون کـــــــي، ســـــورن هـــنيــا سَــــوَ

تــــــوڙي دوزخ تَـــوَ عـــــاشـــــــق اڳــــي کـــان اڳـــــرا

 

 

 

“بـــــيــــت“

نــه مــون وٽ ڪـوئـي طــور نه مان ڪوئي موسيٰ

نـــه عــــصــــا هـــــٿ مـنـهـنـجــي، نه هٿ منهنجا نور.

ڪـنـهـن پر لاهيان ڪيئن، ســنـــڌڙي تـنـهنجا سور.

مــايـــوس نــاهــيــان مور، پر ماڻهن ماٺ ماري ٿي.

 

وڏي وائــــــــيءَ وات، چـــــــاهـــه ســـنــــدن چـــپ تــــي.

مـــڃـــيــن نـــه مــٿـيـرن، اونــــداهـــي ڪـــڏهـــن رات.

ڏئــــــــي ريــــــج رت جــــــو، اڀـــاريــئـــون پــــرڀـــــات،

خـاڪ سـنــــــدن خـــمـيـر جي، مڃي نه ڪـــائي مات

ســــــــورج چــــنــــڊ ســـــوغــــات، آڻــي ڏيــنــدن آجـپو.

 

مــايــانـــه مـــوهـــيــا گــهــوٽ، ڳــــاڙهـا ڳڀرو سنڌ جا

پـــســـــي مــــوت نــــه مـــوٽــــيـــا، ارڏا هــــواڻـمــوٽ.

چــوٽــــن تـــي ڏئـــي چـــوٽ، مـنـزل مـــاڻـــي موٽـنـدا.

 

رت ســـنـــدو ريـــــــــج، ڏئـــــــي ويـــــا ڏيـــهــه کـــــــــي

هـــــــــر طــــــرف هُـــــوڪِــــــريـــــا، ڀـيـــڄ ســنــڌ ڀـيــڄ.

مـــــاڻـــيـــائــــون ســيــــج، ســــرهـــيــا ٿـــيــا سنسار ۾

 

نــــه جــهــڪــــيـــا نــــه وڪــيـــا، ڏاهـــرهــن ڏيــهــه جا.

ســـورهـــيـــه ســـکـــــــيـــا، وارجـــــــــڻ وطـــــــــن تـــان.

 

مــحــبـــت ســنـــدو ديــــــــــن، فـــــرقـــــا ڦـــــــري ويــــا.

پـــيـــاســــاخـــــون لـــئــــه، اٺ ئـــــــي پـــــهــــر آهـــيــن.

نـيـنـهــــن نـــه ڄــــاڻـــــن نـــابــيــن. انـــڌا رهيا اَنڌ ۾.

 

 

“ ٽــيــڙو“

اوڀـــــــــــر چـــــــمــــــــڪــــــي کـــنـــــــوڻ،

مــــــــاروئــــــــــــن ڪـــــــــــي گـــــهــــرڙا،

انــــــــــــــــــــــــدر ۾ آ اڻ تـــــــــــــــــــــــــــڻ .

 

مـــــانــــڌاڻــــــــــيءَ نـــــــــه جُــهــوجُــهــــو.

مــــاڻـــــهـــــــو ســــــــــڃ مـــــــــري ويـــــا.

تــــــــــون ڪــــــاٿـــــــي آهـــيـــن هُـــــو!؟

 

مـــــــوت جــــــهـــــــڙي ســـــــــــانــــــــــــت،

ڏيـــئـــا ســـــــڀ اجــــــهـــــامـــــــي ويــــــا،

ڪــــــــــــــــــــــــاري آهـــــــــــــــــــــــــي رات.

 

هــــــــــــوڏانــــــــهــــــن ســـــــڏي مـــــوت،

چـــــئــي زنــدگــــي ڀـــاڪـــر وجــهـــي،

وڃ نـــــــه مــــــــــــون کــــــــــان هــــــوت.

 

ڪــــــــتِـــــــــي تــــــــــوڙي چـــــــيــــــــــٽُ،

تـــــــولـــــئــه مـــنــجهه اکـــــــــين جــــــــــو،

بـــکــــــــــــــيـــــو آهــــــــــــي پــــــــيـــــــــــٽُ.

 

ســـــــــــــــاجــــــــــن مــنــهجــــــــا ڳـــــــــــل،

ســــــــــــــڪــــــــن تــــــــو چـــــپـــــن لـــئه،

تــــــــــوکــــــي نــــــه ڪــــائـــــي ڪـــــــل.

 

ڇـــــــــــم ڇـــــــــــم آڌي ڇــــــــــــــــيـــــــــر،

جـــــــــوانـــــــــي جـــــــــــــي وڻ مــــــــــان،

ڌوڻــــــــــــــــــــــي پـــــــــــــئـــــــي ٻــــــيــــر.

Saturday, May 28, 2016

عليشا جو موت ۽ ڪجهه سوال | منصور نثار ٻرڙو

سنڌ جي روايتن منجهان هڪ روايت اها به رهي آهي ته جڏهن ڪنهن گهر ۾ پٽاڻو اولاد ٿيندو هو ته کدڙا فقير انهيءَ گهر پهچي ويندا هئا ۽ سماج ۾ کدڙن (فقيرن) کي وڏي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي تمام گهڻا حساس ۽ صدورا سمجيا ويندا آهن، هُنن جو ڪنهن به در تي تڏهن ئي وڃڻ ٿيندو آهي جڏهن ان گهر ۾ پٽاڻو اولاد ٿيندو آهي، هي فقير منش ماڻهو انهيءَ تازي ڄاول ٻارڙي جي صحتيابي، ڊگهي ڄمار، خوشحالي، مان مرتبي ماڻڻ سميت کيس وني ماڻڻ جو دعائون ڏيندا آهن، مٽن مائٽن وانگر نچي ڪڏي ٻارڙي جي والدين توڙي مائٽن کي مبارڪون ڏيندي اهڙي خوشي واري موقعي تي کائن خيرات گهرندا آهن، هي دل جا اجرا ۽ اجڙيل فقير پنهنجي اندر جا سمورا درد وساري شادين مرادين جي موقعي تي خوشي جا گيت ڳائي نچي ڪڏي ڪاڄ کي چار چنڊ لڳائيندا آهن پر هاڻي اها روايت ڄڻ ماضي جو حصو بڻجندي پئي وڃي، انهي جو وڏو ڪارڻ سماج ۾ ڦهليل انارڪي آهي پر کدڙن فقيرن کي ايذائڻ، رنجائڻ ڪهڙي مردانگي آهي؟، جيڪا انسانيت ۽ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪندي هجي؟.

اڄڪلهه سماج ۾ کدڙن فقيرن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو اهو انساني قدرن جي خلاف آهي، اهڙا ڪيترائي واقعا اسان جي سامهون ايندا هوندا، جيئن ڪراچي ۾ مقامي بسن ۾ سفر ڪندي ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏسڻ وٽان ملندو آهي ته بس ۾ جڏهن ڪو کدڙو چڙهندو آهي ته انهيءَ کي ليڊيز پورشن ۾ ويهڻ لاءِ مرد چوندا آهن ۽ عورتون وري انهن کي مردن واري پورشن ۾ ويهڻ لاءِ چونديون آهن، رستي ويندي کدڙي کي ڏسي هر پاسي کان مردن جا هوڪرا شروع ٿي ويندا جنهن جي نتيجي طور پريشان ته وري به هڪ انسان ٿيندو آهي. ( جنهن ڪري ته چيو ويندو آهي ته مئل مرد کان جيئرو کدڙو ڀلو)، اهو ئي انسان (کدڙو) پيٽ پالڻ لاءِ روڊن تي پنندي نظر ايندو آهي جيڪو جواني ۾ ٻين لاءِ روح جي راحت بڻبو آهي پر سندس زندگي موت کان به بدتر بڻائي وئي آهي، ڇو ته ڀاءُ، ڀيڻ، پيءُ ماءُ هوندي به اهي انهن کان پري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيل هوندا آهن ۽ سندن اها خواهش هميشه اندر ۾ وڍ جيئان رهجي ويندي اٿن ته هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو جڏهن ڪو ساٿي من جو اوسيئڙو بڻجندو، اهو درد انهن جو مقدر هوندو آهي، جيڪو ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين جاري رهندو آهي.

“هڪ ڏينهن خبر ٿي وينداسين،

ٻئي ڏينهن قبر ٿي وينداسين،

ڪنهن پريم ڪٿا جي پيرا جي،

ڪا زير زبر ٿي وينداسين.”

شاعر ادل سولنگي جون اهي سٽون ان وقت منهنجي ذهن تي تري آيون جڏهن پشاور جي عليشا کي سرعام روڊ تي 6 گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو، عليشا جنهن کي مردن نه عورتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو پر انهي کي ٽين جنس قرار سڏيو وڃي ٿو تنهن ڪري اهو مونجهارو به ٿئي ٿو ته لکڻ ۾ کيس مذڪر يا مونث طور پيش ڪجي، جيئن عليشا پشاور ۾ پاڪستان ٽرانسجينڊر ايڪشن ڪميٽي ضلعي جي ڪوآرڊينٽير هئي/هيو. واقعي جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور جي ڀري بازار ۾ 6 گوليون هڻي عليشا کي سخت زخمي ڪيو ويو جنهن کي ساٿي کڻائي اسپتال پهتا. جتان جي مسيحائن کان پيشوارڻيون خدمتون ڄڻ ائين وسري ويون جيئن ٺمڪن تي ڪو هوش وڃائي ويٺو هجي، ميڊيا جي خبرن موجب پهريان ته اسپتال انتظاميا عليشا کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر جڏهن ساٿين سندس حياتي جي پرواهه ڪندي دٻاءُ وڌو ته عليشا کي مردن واري وارڊ ۾ رکيو ويو جنهن تي ساٿين احتجاج ڪيو ته عورتن واري وارڊ ۾ رکيو وڃي وري جڏهن زخمي عليشا کي عورتن واري وارڊ ۾ رکيو ويو ته اتي وري ٻين عورتن احتجاج ڪيو جتان وري ڊاڪٽرن عليشا کي مردن واري وارڊ ۾ آندو پر انهيءَ وچ ۾ جنسي تڪرار سبب انسانيت تڙپي رهي هئي، نيٺ عليشا کي آپريشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو پر انهي دوران وري ڊاڪٽرن کي عليشا جي حياتي کي موجود خطري بدران ساڻس گڏ آيل چڱن ڀلن صحتياب سهڻن ستابن ساٿين جي وڏي پرواهه هئي. اطلاعن موجب ڊاڪٽر اسپتال ۾ مرڻ جهڙي حالت ۾ پيل عليشا جي ساٿين کدڙن مٿان اهو دٻاءُ وجهي رهيا هئا ته مسيحن جي حوس پوري ڪريو، رقص ڪريو ۽ انهي دوران مسيحا رقص ۽ حوس جون قيمتون مقرر ڪرڻ ۾ پورا هئا ته پٺيان عليشا جي قيمتي جان ضايع ٿي وئي، کدڙن فقيرن عليشا جو مڙهه دفنائڻ لاءِ رسمون ادا ڪرڻ لاءِ مولوي کي سڏايو جنهن وري جنازي نماز کان اڳ جيڪي لفظ چيا اهي لکڻ جهڙا به ناهن، پر انهيءَ وچ ۾ اهو منظر سماج جي منهن تي چماٽ وانگر هو ته رت جو رشتو نه هئڻ باوجود ساٿي کدڙا فقير عليشا جي موت تي ماتم ڪري رهيا هئا، جنسي ظلم، سماجي انارڪيءَ ۾ عليشا جي موت تي انسانيت ڏک ۾ روئي رهي آهي، حوس جي حوارين جي روين جي نندا ڪري ٿي.

عليشا جي واقعي کي ڏسڻ کان پوءِ جتي معاشري جي روين جي خبر پئي ٿي اتي ملڪي قانوني ۽ آئين جي اثر جو پتو پڻ آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. هن معاشري ۾ رياستي ادارن ٽين جنس وارن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏئي پنهنجيون سموريون ذميواريون ڄڻ پوريون ڪري ڇڏيون آهن پر انهن جي حفاظت، روزگار، زندگي گذارڻ لاءِ گهربل سهولتون، معيار، تعليم ۽ ٻين ڪمن ۾ اهميت ڪڏهن ڏني ويندي؟، ڊرون حملن تي گڏيل قومن جي چارٽر جي ڳالهه ڪندڙ پاڪستان حڪومت پاڻ گڏيل قومن جي انساني حقن واري چارٽر تي عمل ڪڏهن ڪندي؟. سدا سهاڳڻين لاءِ ڌار جاءِ ٺاهي ڏيندڙ ادارا کدڙن لاءِ ڪڏهن شيلٽر هوم جو بندوبست ڪندا؟. عليشا جا موت کان اڳ اهي لفظ هئا ته ”اسان معاشري جو سڀ کان ڪمزور طبقو آهيون پر حڪومت اسان جي جائز حقن مان به ڪو حق نٿي ڏي.“