Saturday, December 16, 2017

سماج سڌارڪ ۽ هر دلعزيز شخصيت ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي ـ اسلم عباسي

سنڌ جو تاريخي شهر نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھ ڪلهوڙو جوڙايو. ڪلهوڙن جي صاحبي کانپوءِ ٽالپرن ۽ انگريزن هن شهر مٿان حڪومت ڪئي. حيدرآباد شهر ڏانهن ڀر وارن علائقن ۽ شهرن جي ماڻهن جي تعليم ۽ روزگار سانگي لڏپلاڻ ٿي جن ۾ ٺٽو، بدين، ٿر، سن، سيوهڻ، دادو، پاٽ، هالا ۽ ٻيا آس پاس ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شهر اچي وڃن ٿا ۽ ڪيترائي خاندان مشهور آهن جن پڙهي لکي نانءَ ۽ نيڪي ڪمائي، علم شعور جي روشني ڦهلائي، سماج ۽ معاشري ۾ نيڪ ڪم ڪيا، انساني خدمت ۽ ڀلائي خاطر خيراتي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو، غريب، مسڪين، پورهيتن ۽ مزدورن جي اولاد واسطي خيراتي اسڪول، اسپتالون، ڌرم شالا، مسافر خانه جوڙايا، مدرسه اسڪول قائم ڪيا ۽ گڏوگڏ سنڌ جي ساڃاھ پڻ پيدا ڪئي. ملڪ توڙي پرڏيھ جي پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن چند خاندانن ۾ سيوهڻ کان لڏي آيل ۽ حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ ۾ قاضي عباسي خاندان پڻ هڪ آهي. عباسي خاندان حيدرآباد شهر جي سياسي سماجي حيثيت رکندڙ جن ۾ قاضي محمد اڪبر، قاضي عبدالمجيد جن سياست ۽  پريس ادارا جوڙائڻ ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ پيدا ڪئي ۽ پنهنجي بزرگن جي روايتن کي قائم رکندي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرا رهيا، جڏهن ته تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن ۽ نياڻين کي علم ڏيارڻ ۾ آپا شمس عباسي پڻ وڏو نالو آهي.

ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي

ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي جا وڏڙا به سيوهڻ کان لڏي اچي گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائون. سندس والد جو نالو قاضي ڪريم بخش عباسي هو. ڊاڪٽر صاحب جو جنم 25 ڊسمبر 1952ع ڌاري جڏهن اسلامي مهيني مطابق ڏهين محرم الحرام تي ٿيو، جنهن ڪري والدين سندس نالو شفقت حسين رکيو. سچ پچ ته سندس سحرانگيز شخصيت تي نالي جو وڏو اثر آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڀني سان محبت، سڀاءُ، برابري، همدردي رکندڙ ۽ شفقت ڪندڙ آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي تعليم پرائڻ ۽ تربيت ڪرڻ ۾ سندس وڏي ڀاءُ سڪندر اعظم عباسي جو اهم ڪردار آهي. پاڻ پرائمري تعليم گاڏي کاتي ۾ پرائي، ميٽرڪ پڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جڏنهن ته انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. مسلم ڪاليج انهن ڏينهن ۾ شاگرد سياست جو سڄي سنڌ ۾ مرڪز هو. پاڻ شاگرد سياست ۾ سرگرم عمل هئا. اتي پڙهڻ دوران حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن کان شاگرد ايندا هئا جن سان سندس نيهن جو ناتو ۽ تعلق پڻ جڙيو. سن 1973ع ڌاري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ ايم بي بي ايس ڊگري پڙهڻ لاءِ داخلا ٿيس، ڪجھ عرصي کان پوءِ کيس ريسٽيڪيٽ ڪري سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي موڪليو ويو. ان دوران ايس ايم سي ۾ شاگرد اڳواڻ ٿي اڀري آيو ۽ اتي ٻين غنڊا گردي ڪندڙ جمعت جي شاگردن سان جهيڙن جهڙا واقعا پيش ايندا رهيا ۽ هڪ دفعي ڊاڪٽر صاحب تي انهن خوني حملو پڻ ڪيو ۽ پاڻ معجزاني طور بچي ويو. پاڻ ڪراچي ۽ ٻين شهرن کان آيل پڙهندڙ سڀني سنڌين کي متحد منظم ڪري سنڌي ميڊيڪوز جو بنياد وڌائين، پاڻ ان جو پهريون صدر ٿيو. اتي شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل بلاڪ قائم ڪرايائين ۽ شاھ لطيف هاسٽل منظور ڪرائي ۽ ٻهراڙين کان ايندڙ ذهين، قابل، محنتي نوجوان شاگردن لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيائين، 1976ع ڌاري کيس ريسٽيڪيٽ ڪري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو جبري موڪليو ويو. 1977ع ڌاري ڀٽي جي تختي اونڌي ٿيڻ سبب احتجاجي تحريڪ هلي ۽ ڊاڪٽر شفقت ان ۾ سرگرم ۾ عمل هو، افسوس جو ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت انهي دور جون ٺهرايل هاسٽلون ختم ڪري ڇڏيون، نه رڳو ايترو پر جڏهن سنڌ ميڊيڪل ڪاليج وري يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿيو ته سنڌ جي ٻين سڀني شهرن ۾ رهندڙن مقامي سنڌ واسين جون داخلائون ڪراچي جي سڀني يونيورسٽين جنهن ۾ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي سميت اڄ ڏينهن تائين داخلائون ختم ڪري ڇڏيون. سنڌ مٿان موجوده حڪمراني ڪندڙ سرڪار گذريل ڏهن سالن کان موجوده ان اهم مسئلي کي اقتدار برقرار رکڻ لاءِ هميشه دفن ڪري ڇڏيو، جيڪو نسلن جو نقصان آهي. ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي هن اهم مسئلي ڏانهن سنڌ سرڪار جي عوامي نمائندن جو ڌيان ڇڪرايو پر سڀ چپ ۽ خاموش آهن.

ڊاڪٽر صاحب ديس جو درد رکندڙ انسان ۽ موهن جي مٽيءَ جو مان رکندڙ پنهنجي شخصيت ۽ ذات ۾ هڪ غيرتمند، همت وارو، نه جهڪڻ وارو نه وڪامجڻ وارو مهان ماڻهو آهي. سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي لاها چاڙها، ڏک ڏولاوا، تڪليفون به آيون پر پاڻ ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪيائون جنهن لاءِ کيس ارمان ۽ افسوس ٿيو هجي.

سنڌ سرڪار جي صحت کاتي ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي پاڻ فائز رهيو آهي. ڪيميڪل ايگزمنر سروسز هاسپيٽل ڪراچي، ڊپٽي سيڪريٽري صاحب صحت کاتي ۾ ايڊشنل سنڌ، ارباب رحيم جي وڏو وزارت دوران ڊاڪٽر صاحب صحت کاتي ۾ ايڊشينل سيڪريٽري رهيو، تڏهن ايم ڪيو ايم جي وزير صحت سان سندس رشوت گهرڻ، ڪرپشن ڪرڻ، ٻه نمبر دوائون خريد ڪرڻ، سنڌ جي سڀني ڊي ايڇ اوز کان ماهوار منٿلي وٺڻ ۽ ڪراچيءَ  مان مقامي مختلف ضلعن جي ڊاڪٽرن کي دربدر ڪرڻ جهڙن مسئلن تي سخت اختلافات ٿي پيا ۽ وڏو جهيڙو ٿي پيو، ڊاڪٽر صاحب رشوت، ڪرپشن خلاف ۽ ناجائز ڪمن خلاف پنهنجو اصولي موقف رکيو ۽ وزير صحت جو ڪو به غير قانوني ڪم نه ڪيو، جنهن تان سندس وزير صحت سان جهيڙو ٿيو ۽ معاملو گورنر سنڌ عشرت العباد ۽ پرويز مشرف تائين پهتو. نبيرو نه ٿيو. آخرڪار وزير اعلي سنڌ ارباب غلام رحيم، ڊاڪٽر شفقت حسين کي چيو ته اوهان جو موقف اصولن تي ٻڌل آهي پر اوهانجي انهي رويي سبب منهنجي وزير اعلي وارو منصب خطري ۾ آهي ڇاڪاڻ ته وزير صحت اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم جو طاقتور ماڻهو آهي. اوهان مهرباني ڪري ڪجھ نوڪري دوران نرم رويو اختيار ڪيو. ڊاڪٽر شفقت غلط ڪمن جي پاسداري ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. جنهن سبب سنڌ سرڪار جبري طور کيس ٻن سالن جي موڪل تي گهر اماڻي ڇڏيو. ڊاڪٽر شفقت  عباسي پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان وچن ورجاءِ ڀٽائي جي انهن سٽن جو مان رکيو. ائين نه مارن ريت جو سيڻ مٽائين سون تي. نوڪري دوران غلط ۽ ناجائز حڪم نه مڃڻ سبب سندس بهادري ۽ دليري جا ڪيئي قصا آهن. جن تي تفصيلي لکي سگهجي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ آهي، حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪرڻ اصولن تي سوديبازي نه ڪرڻ، مظلوم جي مدد ڪرڻ، بيمار ۽ لاچار جي پر گهور لهڻ، انسانيت جي مدد ۽ خدمت ڪرڻ سندس خمير ۾ شامل آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ وقت جي حڪمرانن، حاڪمن اڳيان ڪڏهن ڪين جهڪيو. عوامي چونڊيل نمائندن قومي، صوبائي اسيمبلي، بيورو ڪرپٽ، آفيسرن کي هميشه کرو سچ منهن تي چئي ڏيڻ جي روايت اڄ به سندس ذات ۾ موجود آهي. سندس چواڻيءَ مطابق ته معاشري ۾ جيستائين بري عمل کي برو چوڻ جي سگھ پيدا نه ڪبي ۽ چڱي ڪم کي چڱو چوڻ جي صلاحيت پيدا نه ٿيندي تيستائين تبديلي جو اچڻ ناممڪن آهي.

ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي پاڻ ملڪ اندر مڙنئي صوبن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير ۾ رهندڙ عباسي برادري جي سماجي ڪمن ڪارين، فلا ۽ بحبود واسطي ڪم ڪندڙ آل پاڪستان انجمن اتحاد عباسيان جو صدر پڻ آهي ۽ صوبن اندر برادري جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي ڏک سک ۾ ڪم اچڻ سندن تعليم، صحت ۽ روزگار وٺرائڻ لاءِ هر وقت ڪوششون ڪندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڄي ملڪ اندر تنظيم سازي ڪري ۽ متحد ۽ منظم ڪيو آهي جيڪو سندس ذاتي ڪوشش جو نتيجو آهي هن وقت سنڌ جي اندر ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاھ، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت سڀني ضلعن ۽ تعلقن ۾ انجمن اتحاد عباسيان جا عهديدار ۽ ورڪر سرگرم عمل آهن جڏهن ته صوبي بلوچستان، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير ۾ پڻ انجمن اتحاد عباسيان جو تنظيمي ڍانچو جوڙيو آهي. ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي پنهنجي ذاتي دلچسپي ۽ ڪردار جي ڪري سڀني ماڻهن ۾ محبت، خلوص ۽ پيار جو درس ڏنو آهي. سندس زندگي جو جيئڻ انسانيت جي خدمت آهي ۽ پاڻ هميشه اهو درس ڏيندا رهيا آهن ته انسان پنهنجي اخلاقي قدرن ذريعي ئي انسانيت جي صحيح خدمت ڪري سگهي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت گهڻ پاسائي آهي ۽ سندس زندگيءَ جا کوڙ سارا پاسا آهن. جيڪي سچ پچ ته قابل ذڪر آهن. سنڌ جي تاريخ ثقافت سان بيحد دلچسپي ۽ لڳاءُ رکندڙ وطن پرست ۽ سنڌ دوست هجڻ سان گڏوگڏ انسانيت جو درس ڏيندڙ ۽ خدمت ڪندڙ سماج سڌارڪ شخصيت جو مالڪ آهي. پاڻ ڪراچيءَ کان ڪشمور، ٿر ڪاڇي لاڙ اتر جي تاريخي آثارن، قديمي ماڳ مڪانن کي ويجهو ٿي ڏٺو آهي. جيڪي سنڌ جي تهذيب جو اهڃاڻ آهن. ڪيترائي علمي، ادبي، تاريخي سيمينار ۽ ميڙاڪا پڻ منقعد ڪرايا آهن. 1996ع ڌاري ڪراچي آواري ٽاور هوٽل ۾ انٽرنيشنل ڪلهوڙا ڪانفرنس کان ويندي، حيدرآباد، سکر، دادو ۽ ڪاڇي جي ميانوال تحريڪ سرواڻ ميان نصير محمد تائين ڪوشان رهيو آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي فارسي شعبي جي ٿيندڙ تاريخي سيمينار کان ويندي سنڌ يونيورسٽي مان ڪلهوڙا دور حڪومت تي ڊاڪٽريٽ واري ٿيسسز ڪتاب ڇپرائڻ تائين مالي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ جهڙا عمل ڪڏهن به وساري نه ٿا سگهجن. پاڻ علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ سندس ڪردار قابل تعريف آهي. ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل جي سماجي سرگرمين کان ويندي ڪتاب، رسالا ڇپرائڻ ۾ خاموش خدمتگار رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس سحرانگيز شخصيت جا ڪيترائي پرستار آهن، سندس دوستي، محبت واري لڙهيءَ ۾ پوئي هر مڪتب فڪر وارو اهل دانش کيس انتهائي پيار ۽ پاٻوھ ۽ قدر جي نگاھ سان ڏسندو آهي. پنهنجي ضمير ۽ اصولن تي زندگي گهارڻ واري شخصيت هجڻ سبب سنڌ جا اڻ ڳڻيا ماڻهون سندس احترام ۽ عزت ڪن ٿا. ڊاڪٽر صاحب سان اهڙي علمي، ادبي، تاريخي، ثقافتي سرگرمين واري سفر ۾ ساٿي هجڻ سبب منهنجي ڪيترن ئي اڻ ڄاڻ شخصيتن سان پاڻ ملاقاتون ۽ شناسايون ڪرايون. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ جن غير معمولي شخصيتن مان گهڻو متاثر ٿيو آهيان انهن ۾ ڊاڪٽر صاحب سر فهرست آهي، سندس گهر توڙي اوطاق تي هر وقت دوستن، يارن، ساٿين ۽ برادري جي ماڻهن جا ميلا متل هوندا آهن، جيڪي سندس شخصيت مان شفقت وٺي واپس پنهنجي ماڳ موٽندا آهن.

سال 2010ع ۾ سنڌ اندر آيل ٻوڏ سنڌ جا ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا ان دوران ڊاڪٽر صاحب ضلعي خيرپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ۽ مالي مدد پهچايو ۽ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان کان پوءِ سکر ۽ شڪارپور پهچي پنهنجي نياڻيءَ سميت ٻوڏ متاثرين ۾ راشن، سامان ورهايو ۽ مالي مدد ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي رهائش ۽ مالي مدد ڪئي. ڪشمير ۾ لزلي اچڻ سبب هزارين جانيون نقصان ٿيون، ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ ۾ امدادي ڪيمپ لڳائي ۽ ساماڻ کڻائي مدد ڪرڻ لاءِ ڪشمير جي متاثرين تائين پهتو، سندس ايمانداري ۽ سچائي جي ساک ايتري ته بلند آهي جو استاد بخاريءَ جي هنن سٽن جيان:

جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،

جو جيءُ جياري اهو جيئندو رهندو،

مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي.

جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.

ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي هڪ عملي انسان آهي. هن جي ذاتي ڪوششن سان ڪيترائي ماڻهون نوڪريءَ ۽ روزگار حاصل ڪيو آهي. جن جي گهرن ۾ خوشحالي آئي آهي. جيڪي کيس دل سان دعائون ڪندا رهن ٿا. سندس زندگيءَ جي ڪوشش ڪاوشن ۽ اڻٿڪ محنت، بي لوث خدمت کي ڏسي تنوير عباسي جو شعر سندن نانءُ ڪجي ٿو.

ٻرياسون ته ٻه پل، پر اجهامڻ کان اڳ ۾، هزارين چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين.

 

Sunday, December 10, 2017

مورو سگا طرفان ڪتابي ميلو ٽي ڏهاڙا علمي ادبي ثقافتي سرگرميون جاري رهيون ـ رپورٽ ـ اسلم عباسي


سنڌ ۾ جڳن کان ميلن جي روايت رهي آهي. اهڙي قسم جي ميلي ملاکڙن ۽ ثقافتي سرگرمين راڳ رنگ جون محفلون ۽ ميڙاڪا ٿيندا رهيا آهن ۽ ڪجھ عرصي کان انهن روايتن کي وڌيڪ سگهارو بنائڻ لاءِ علمي ۽ ادبي ميلن جو لاڙو ۽ رجهان وڌي رهيو آهي. جنهن ۾ آرٽ ڪائونسل، پريس ڪلب ڪراچي، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، حيدرآباد ڪلب، خانه بدوش ڪيفي حيدرآباد ۾ اهڙن ميلن مختلف سنڌي ادب جي عظيم شخصيت جا ڏهاڙا پڻ ملهايا ويا. جنهن ۾ شيخ اياز ميلو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائندي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان 6 ڊسمبر 2017ع اربع ڏينهن کان 8 ڊسمبر جمعي شام تائين پريس ڪلب مورو ۾ شاندار ڪتابي ميلو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ جي تعاون سان ٿي گذريو، سگا مورو طرفان هر سال لڳندڙ ڪتابي ميلو ٽيون ڀيرو منقعد ڪيو ويو. ڪتابي ميلي ۾ موري تعلقي ۽ آس پاس جي علائقن شاهپورجهانيان، دولتپور، دادو، مٺياڻي، نوشهروفيروز کان اهل قلم ۽ ڏات ڌڻين جي وڏي انگ جي شرڪت رهي، گڏوگڏ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ والدين پڻ هن ڪتابي ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ خاص طرح ٻاراڻي ادب کان ويندي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سياست، سماجيات، سائنسي ۽ مذهبي ڄاڻ ڏيندڙن ڪتابن کي بيحد پسند ڪري خريد ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان وري انگريزي ادب، ڊڪشنريون، گرامر جي ڄاڻ، ڪيريئر گائيڊ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ وارن ڪتابن جي خريداري ۾ مشغول رهيا.

سگا مورو طرفان ڪتابي ميلي ۾ شاگرد ڪتاب خريد ڪندي.

سگا مورو طرفان ڪتابي ميلي دوران ٽئي ڏينهن لڳاتار علمي، ادبي تعليمي ۽ ثقافتي سرگرميون پڻ جاري رکيون ويون، جن ۾ عالمن، اديبن، استادن، قلمڪارن، شاعرن ۽ سول سوسائيٽي ميمبرن جي نمائندگي پڻ رهي. ڪتابي ميلي جي پهرين اربع ڏينهن ٺيڪ چئين وڳي افتتاحي رسم ٿي گذري. سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، مرڪزي  سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي، پروفيسر محمد سليمان سيال پرنسپال مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو، سگا صدر اسلم عباسي، عظيم سنڌي ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪيو. ان سان گڏوگڏ سگا ساٿين وزير فرهاد، زاهد ڏيپر، قاضي شفيح محمد، سرفراز ميمڻ، اسد سولنگي پڻ معزز مهمانن سان گڏجي ڪتابي اسٽال جو دورو ڪيو.

افتتاحي رسم بعد مورو پريس ڪلب اندر هال ۾ سگا شاخ مورو طرفان هڪ علمي، ادبي تقريب سائين محمد ابراهيم جويو جي ياد ۾ تعزيتي پروگرام ٿي گذريو. صدارت سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ لينگويج اٿارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص سگا جنرل سيڪريٽري منظور اڄڻ، شهاب الدين شاهاڻي ۽ ڪامريڊ هاشم کوسو هئا.

تعزيتي ميڙاڪي تقريب جي شروعات ۾ سڀ کان اول سگا موري جي ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي اسد سولنگي کي گهرايو ويو، جنهن آيل سڀني معزز مهمانن کي ڀليڪار ڪندي ۽ محمد ابراهيم جويي جي زندگيءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڻ هڪ عظيم انسان ۽ برصغير جي اهم شخصيت ۽ صديءَ جي هڪ مڪمل تاريخ رهيو آهي. هن فلسفي، ڏاهپ ذريعي سنڌي ادب ۽ سنڌي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي آهي ۽ انگريزي ادب مان ڪيترائي ڪتاب ترجما ڪيا ۽ اسان تائين پهچايا ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيترائي ڪتاب لکيا. جيڪو سنڌ جي آئيندي نسل تي سندس احسان آهي. جويي صاحب سان اسان جو ذاتي تعلق پڻ هو. سنڌ صدين تائين کيس ياد ڪندي. ان بعد پروفيسر شمشاد احمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سوين سالن بعد محمد ابراهيم جويي جهڙا انسان پيدا ڪندي رهندي آهي. هو هڪ خاموش خدمتگار هو ۽ وڏي سوچ ۽ فڪر رکندڙ سگهاري شخصيت هئي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو ۽ نيڪي آهي. سنڌ جو حقيقي عاشق هو. پاڻ وڏو فلسفي ۽ ڏاهپ رکندڙ ڪمال جي شخصيت هو. سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي زنده رکندڙن منجهان هڪ هو. ان بعد دولتپور واسي  پروفيسر ارشاد احمد اوٺو ڪيتريون ئي ساروڻيون ٻڌايون. هن چيو ته هڪ دفعي ڪنهن ڪم سانگي هڪ دوست کي وٺي سائين جويي صاحب ڏانهن ويس، سندس محبت، شفقت اڄ ڏينهن تائين وسري نه ٿي پاڻ ڇپر ۽ ڇانو هو. هر هڪ ملڻ واري ايندڙ ويندڙ ماڻهو کي ڀاءُ ڪري ڪوٺيندو هو. سندس وٽ ذات پات رنگ نسل جو ڪوبه فرق  نه هو. برابريت واري هميشه رواداري رکندو هو.

تعزيتي ميڙاڪي کي مخاطب ٿيندي ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي چيو ته سائين ابراهيم جويي جو سنڌ مٿان احسان آهي ۽ ان سان گڏوگڏ خاڪي جويو ۽ تاج جويو به سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. سائين سان منهنجي واقفيت خاڪيءَ جويي ڪرائي، محمد ابراهيم جويو ڪتابن ۾ هميشه زنده رهندو. پاڻ حڪمت عمليون جوڙڻ جو ماهر هو. سنڌ وطن ۽ عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ بيحد فڪرمند رهندو هو. وطن جو سچو ۽ حلالي پٽ هو. پاڻ هڪ تاريخ ساز شخصيت هو.

ان کان پوءِ عظيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته سگا مورو کي جس آهي جنهن اڄوڪو ڪتابي ميلو منقعد ڪرڻ سان گڏوگڏ هي علمي، ادبي تعزيتي ميڙاڪو پڻ ڪوٺايو آهي. جيڪو سچ پچ ته ساراھ جوڳو ڪم آهي. جويي صاحب جا اسان سنڌي قوم مٿان احسان آهن، هن چيو ته آءُ هڪ دفعي سائين سان مليس ۽ کيس ٻڌايم ته موري شهر جو آهيان ته هڪدم خوش ٿي وراڻيائين ته مورو واسي ڪراچيءَ جي پهرين مسلمان ميئر قاضي خدا بخش جو مون مٿان ٿورو آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ مونکي اسڪالرشپ ڏنائين. جويو صاحب تمام وڏو املھ ماڻهو هو. اهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سندس قلمي ۽ ادبي پورهيو تمام گهڻو آهي. هن ڪيترائي ادارا جوڙايا پاڻ هڪ خاموش خدمتگار هو. وڏو ذهين ۽ داناءَ انسان هو، هن سنڌ بچايو کنڊ بچايو جهڙا فڪر ڏنا.

تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مهمان خاص سگا مرڪزي سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو جو جنم ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو، پاڻ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هو ۽ سندس شروعاتي زندگي ڏکن ۾ گذري پر پاڻ علم پرائي ۽ اعلي منزل تي پهتو، نه رڳو ايترو پر پاڻ هڪ انسان هو ۽ تمام وڏي شخصيت هو. سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري وطن پرست، سنڌ دوست ۽ قومپرست هو. هميشه سنڌ جي ماڻهن لاءِ زندگي وقف ڪئي ۽ سنڌي ادب ۾ خدمت ڪري وڏو مقام ماڻيو اٿس، ڪامريڊ هاشم کوسي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ محمد ابراهيم جويو جو وڏو مقام آهي پاڻ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي خاطر تمام گهڻو ڪم ڪيو. وڏو اعلي ذهن جو مالڪ هو، سنڌ کي هن وقت به محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي. اڄ جي سنڌ اوهان اسان پڙهيل لکيل ۽ شعور رکندڙ وطن پرست ماڻهن کان گُهر ٿي ڪري ته سندس لوئي ۽ لڃ جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون.

سگا مرڪزي سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي مڪمل تاريخ آهي. سگا مورو اڄوڪو هي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺائي اهم ۽ تاريخي ڪم ڪيو آهي. اڄوڪي تعزيتي تقريب ڪتابي ميلي جي موقعي تي منقعد ڪئي وئي آهي. جويو صاحب جي زندگي سڄي ڄمار علم ادب ڪتابن ۾ گذري، فلسفي ۽ ڏاهپ جو دڳ ڏسيندڙ هميشه علم جي روشني ڏيندو رهيو ۽ اسان نوجوانن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اڄوڪو ڪتابي ميلو منعقد ڪري ۽ جويي صاحب کي ياد ڪرڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ هڪ سٺي روايت آهي، جنهن لاءِ سگا مورو ۽ جاکوڙي ساٿي اسلم عباسي جس لهڻي. جيڪو گذريل ٽن سالن کان مسلسل ڪتابي ميلا لڳرائي ۽ ٽئي ڏينهن علمي ادبي ثقافتي ميڙاڪا، محفلون ۽ مشاعرا ڪرائيندو رهي ٿو. سگا مورو سڀني ساٿين کي جس آهي.

سگا ڪتابي ميلي جي پهرين ڏينهن واري محمد ابراهيم جويي واري تعزيتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي تاج جويو چيو ته سائين محمد ابراهيم جويو هڪ يتيم ۽ بي سهارا ٻار هو ۽ ڏکن ۾ پليو. سائين جي ايم سيد سان ويجهڙائپ ڪري تعليم حاصل ڪيائين. برصغير جي اهم سياسي اڳواڻن سان کيس ملڻ جو موقعو مليو. سنڌي ادب ۾ سندس ڪتاب، ڪهاڻيون ۽ شاعري به آهي. انگريزي ادب مان ترجما ڪري ڪيترائي ڪتاب ڏنائين.

سنڌ جي اندر ڪيترائي ادارا پڻ جوڙائڻ ۾ سندس وڏو اهم ڪردار رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج، زرعي يونيورسٽي ۽ ٻيا ڪيترائي تعليمي ادارا، درسگاهون جوڙائڻ، رٿائون ڏيڻ، ايڪٽ پاس ڪرائڻ، بجيٽ منظور ڪرائڻ ۽ ٺهرائڻ وارا بي مثال ڪم ڪيائين. سنڌ مٿان سندس احسان آهي. پاڻ هميشه غير تڪراري شخصيت رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد کان ويندي رسول بخش پليجو ۽ کاٻي ڌر جون سڀئي سياسي شخصيتون کيس مان مرتبو عزت ۽ احترام ڏينديون هيون. هن زندگيءَ جي حقيقي مقصد کي سمجهي ورتو. سگا مورو کي جس آهي جنهن اڄ هي تعزيتي تقريب جو اهتمام ڪيو آهي.

ڪتابي ميلي جي ٻئي ڏينهن تي علمي ۽ تعليمي ليڪچر پروگرام عنوان (رول آف ڊجيٽل لرننگ) ٿي گذريو. جنهن ۾ جديد ڪمپيوٽر ۽ انفرميشن ٽيڪنالوجي واري تعليمي اهميت بابت سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ليڪچر ڏنو. هن تقريب جي صدارت سگا مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص سگا مرڪزي عهديدار نور محمد سومرو ۽ رفيق احمد سرهيو هئا. ڪمپيئرنگ ڪندي نوجوان تعليمي ماهر سر قاضي شفيح محمد سڀني معزز مهمانن کي اسٽيج تي ويهاريو ۽ سگا صدر اسلم عباسي کي مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ سڏ ڪيو. جنهن آيل مهمانن ۽ ليڪچر ۾ ويٺل سڀني استادن، اديبن، شاگردن ۽ سول سوسائيٽي ميمبرن کي ڀليڪار ڪندي ۽ ليڪچرڪار جو تعارف پڻ ڪرايو. ان بعد ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ليڪچر ڏيندي چيو ته هن وقت اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان کي ڪيترائي ايندڙ وقت ۾ چئلينجز آهن. ڪمپيوٽر، انفرميشن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالوجي ۽ جديد علم ذريعي اهم ۽ تاريخي تبديليون اچڻيون آهن. ايندڙ وقت ۾ بايو ٽيڪنالوجي ۽ ڪمپيوٽر ۽ ڊجيٽل ايجادن ذريعي انسان تمام گهڻي تيز رفتاريءَ سان منزلون ماڻيندو. تصوراتي ۽ حيرت انگيز تبديليون اينديون. ڊجيٽل اوزارن ذريعي هن وقت خاص طرح ميڊيڪل سائنس ۾ وڏي ترقي ٿي رهي آهي. بيمارين بابت ڄاڻ پلاسٽڪ سرجري، پيوند ڪاري، انساني عضون جي ٽراسنپلانيٽيشن اهي سڀ مستقبل قريب ۾ ايجادون ٿڻيون آهن. بنا ڊرائيور ڪارون، گاڏيون هلنديون، انهن ۾ جديد آلات، سينسر نصب ٿيل هوندا، اکين ۽ ڪنن کان معزور ڏسي ۽ ٻڌي سگهندا. هن چيو ته ڊجيٽل سائنسي ترقيءَ سبب  ميڊيڪل جي علاج جي سهولتن سبب انساني عمر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جايون، جڳهيون، بلڊنگون، روڊ، رستا ٿري ڊي ٽيڪنالوجي اچڻ سبب جلد ز جلد ٺهي سگهندا. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ ۽ سنڌ واسين نوجوانن کي ٽيڪنالوجي مهارت ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اسان مقابلو ڪري سگهون. هي دور مضبوط معامشيات ۽ اڪانامي بهتر ڪرڻ ۽ ان ۾ اڳڀرو ٿيڻ واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ مقابلو اهي ئي ڪري سگهندا جيڪي معاشي طرح سگهارا ۽ ٽيڪنالوجي ۾ مهارت رکندڙ هوندا. آخر ۾ سگا اڳواڻ رفيق احمد سرهيو ڳالهائيندي چيو ته اڄوڪو تعليمي ليڪچر تمام ڪارائتو آهي ۽ سنڌ جي نوجوانن کي ڊجيٽل تعليم ۾ اڳتي اچڻو پوندو ۽ ڀرپور صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن سگا مورو ساٿين کي ڪتابي ميلي ڪرائڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.

صدارتي خطاب ڪندي سگا وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي چيو ته سگا مورو ماضيءَ جي روايتن کي برقرار رکندي هي ڪتابي ميلو منقعد ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ هي ليڪچر پروگرام پڻ منعقد ڪرايو آهي سچ پچ اڄوڪو پروگرام تمام شاندار ۽ ڄاڻ ڏيندڙ آهي. ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي تي اسانکي فخر آهي. پاڻ هڪ ڊاڪٽر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي سماج ۽ نوجوانن لاءِ هڪ يونيورسٽي وارو ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو. جنهن لاءِ کيس جس آهي. سگا سنڌ اندر روشن تارا اسڪول هلائي رهي آهي. اسان سگا روشن تارا اسڪول مئنجمينٽ کي سفارش ٿا ڪريون ته سڄي سنڌ اندر سگا روشن تارا اسڪولن ۾ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي جا هي ڄاڻ وارا اهم موضوعن تي ليڪچر منقعد ڪرائي ته جئين نوجوان ڄاڻ حاصل ڪن، جيڪي مستقبل جا معمار آهن.

ڪتابي ميلي جي ٽئين ۽ آخري جمعي ڏينهن صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين صرف عورتن، اسڪولي شاگردياڻين ۽ نياڻين لاءِ مخصوص وقت مقرر ڪيل هو. ان دوران ڪيترن ئي اسڪولن جي شاگردياڻين، فيميل ٽيچرس ۽ عورتن پڻ ڪتابي ميلي جو دورو ڪري ۽ مختلف موضوعن بابت ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ سگا مورو کي جس پڻ ڏنو.

جڏهن ته ان ئي آخري ڏينهن شام جو سگا مورو طرفان محفل مشاعرو ٿي گذريو، جنهن جي صدارت نوجوان شاعر، اديب، ليکڪ ۽ ايڊووڪيٽ امداد سولنگي ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص صدر پريس ڪلب مورو نواب اصغر ڪورائي هو ۽ سگهڙ شاعر علي گل ڀٽي هئا ۽ معزز مهمانن ۾ پروفيسر محمد خان ڏاهري، پروفيسر شمشاد احمد سومرو پڻ شريڪ ٿيا. ڪمپيئرنگ جا فرائض سر قاضي شفيح محمد سگا ساٿي سرانجام ڏنا.

سگا مورو جوائنٽ سيڪريٽري وزير فرهاد آيل سڀني مهمانن جي مان ۾ آجياڻي تقرير ڪندي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته سگا مورو جي موجوده باڊي کي هن وقت اڍائي سال گذري چڪا آهن ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي. خاص طرح تعليم، صحت، ثقافتي سرگرمين ۾ پاڻ مڃرايو آهي. هي ڪتاب ميلو مسلسل ٽن سالن کان ٿي رهيو آهي. هر سال ميلي دوران مختلف علمي، ادبي ثقافتي تقريبون پڻ ٿينديون رهن ٿيون. اڄ محفل مشاعرو آهي. هن موقعي تي پهتل اديبن، شاعرن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا. ان بعد شعر پڙهڻ لاءِ سڀ کان اول سنڌي ادبي سنگت دادو کان آيل شاعر عاشق دادوي کي گهرايو ويو، جنهن پنهنجي نئين نڪور شاعري ۽ ترنم سان گيت پڻ ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو. ان بعد هر هڪ معشق محسن ابڙو، غلام مصطفي عقاب ڇڄڙو، محبتي ملاح، مختيار شاھ، خادم بالادي، وزير فرهاد ، مجاز حيدر، اشرف سولنگي ۽ ٻين پڻ مشاعري شريڪ ٿي پنهنجا شعر ٻڌائي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

پروفيسر شمشاد احمد سومرو چيو ته اڄ جي محفل ۾ شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪري محفل کي رونق بخشي آهي ۽ اهو جس آهي سگا موري جي سڀني ساٿين کي هي ڪتابي ميلا ۽ علمي ادبي ثقافتي پروگرام زندگيءَ کي اتساھ بخشين ٿا. ان بعد پروفيسر محمد خان ڏاهري پڻ خطاب ڪندي چيو ته اڄ مشاعري ۾ ويهي شاعرن جو ڪلام ٻڌي روح کي فرحت ملي آهي. شاعر قومن جا سفير هوندا آهن. سگا ساٿي جس لهڻن.

ان بعد مشاعري جي مهمان خاص سگهڙ شاعر علي گل ڀٽي محفل ۾ خوب شاعري ٻڌائي ۽ سگهڙائپ جو فن پڻ پيش ڪيو. جنهن کان پوءِ مهمان خاص پريس ڪلب مورو صدر نواب اصغر ڪورائي چيو ته شاعر اديب سماج جا مهان ماڻهو هوندا آهن. جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف قلم کڻي لکندا رهن ٿا کين جس آهي.

آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي امداد سولنگي چيو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيشن سڄي سنڌ ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سنڌ اندر هڪ سماجي انقلاب آندو آهي. سگا کي دنيا ليول تي پرکڻو پوندو. ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ جي ذهين ۽ قابل ماڻهن سنڌي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سگا جو بنياد رکيو ۽ سماجي شعور پيدا ڪيو. مورو سگا شاخ ان جو تسلسل آهي. ساٿين کي جس آهي.

شاعري اندر جي احساسن ۽ جذبن جي ترجماني آهي. اڄ سنڌ جي اندر ڪيترائي نوجوان بهترين شاعري ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ ڀٽائي کانپوءِ شيخ اياز پيدا ٿيو، جيڪو پنهنجي دور جو بهترين شاعر رهيو آهي. ان بعد امداد سولنگي پنهنجي نئين نڪور شاعري ٻڌائي ۽ محفل کان داد حاصل ڪيو. آخر ۾ راڳي عابد سولنگي ڪلام ٻڌائي سامعين کي جهومائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح سگا مورو طرفان ڪتابي ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

Monday, September 18, 2017

تاريخي ماڳ “ميان نور محمد ڪلهوڙي” جا قبا ـ اسلم عباسي


سمن جي خوشحال سلطنت 16 صدي ۾ غلامي ۾ جڪڙجي وئي 17 صدي ڌاري ڪلهوڙا خاندان سنڌ جي آزاد حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ تاريخ جي پردي تي ظاهر ٿيو. ڪلهوڙا خاندان پيري فقيري ۽ مريدي سبب هڪ قوت ٿي اُڀريو ۽ مغلن جي خلاف ويڙهاند ڪئي. هن خاندان جي ٽن مک رهنمائن ميان آدم شاھ ڪلهوڙي، ميان شاھل محمد ڪلهوڙي ۽ ميان دين محمد ڪلهوڙي کي مغل سامراج شهيد ڪرايو. سنڌ مغل سامراج “دهلي راڄ” ماتحت هئي. ميان وال تحريڪ جي سرواڻ ميان نصير محمد ڪلهوڙي هن تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺرايو. ان بعد 1701ع ڌاري سنڌ جون واڳون ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مليون. جنهن خدا آباد کي تخت گاھ بڻايو. ان بعد 1719ع ڌاري سندس فرزند ميان نور محمد ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو.

ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو مدبر ۽ داناءُ حڪمران ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي حڪمت عملي سان سنڌ کي آهستي آهستي مغلن جي تسلط مان آزاد ڪرايو. ان وقت دهلي، ايران ۽ قابل ڪنڌار طاقتور ملڪ هئا ۽ سنڌ مٿان انهن جو راڄ قائم هو. اهو ئي سبب آهي جو انهن ملڪن جا حڪمران ڍل آبيانو وصول ڪندا هئا ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ مٿان حملي آور پڻ ٿيندا هئا ۽ سنڌ مٿان حڪمراني ڪرڻ لاءِ پروانا جاري ڪندا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي خارجه ۽ ادروني پاليسي اهڙي اختيار ڪئي جنهن ذريعي سبي، ڍاڍر، بکر، سيوستان جا علائقه حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٺٽي کي پڻ حاصل ڪيو ۽ ٻاهرين قوتن سان پڻ جنگيون ڪيون. جڏهن ته ساڳئي وقت اندروني معاملن کي پڻ عقلمندي سان منهن ڏيندو رهيو. جنهن ۾ شڪارپور جي دائود پوٽن، قلات جي حاڪم عبدالله بروهي سان جنگ پڻ شامل آهي. ٻن صدين بعد سڄو سنڌ جو ملڪ وري متحد ٿي مقامي ڪلهوڙا حاڪمن جي حڪومت ۾ آيو. جيڪا وڏي حاصلات ۽ ڪاميابي رهي.    

سنڌ جي نامور تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب “ڪلهوڙا دور حڪومت” ۾ لکيو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي دور حڪومت ۾ سنڌ اندر ڪيترائي آبپاشي جا واھ کوٽرايا ۽ زمين کي آبادي لائق بڻايو. هن سنڌ کي خوشحال بنايو، اهو ئي سبب آهي جو ايران جي بادشاھ نادر شاھ ڍل ۽ آبيانو وصول ڪرڻ لاءِ 1740ع ڌاري سنڌ مٿان حملو ڪيو ۽ سنڌ جي دولت، ڪتب خانه لٽي ڦري کڻي ويو. جڏهن نادر شاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي اهو فيصلو ڪيو ته نادر شاهه سان جنگ ڪرڻ سنڌ کي باھ ڏيڻ برابر هوندو ۽ ان سان لڙائي ڪرڻ مطلب پاڻ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ آهي تڏهن ميان صاحب دانائي ۽ حڪمت عملي سان فيصلو ڪيو ته نادر کي هلائي هلائي ۽ ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائجي ۽ اناج جا ذخيرا پڻ لڪائي ڇڏيا، نتيجو اهو نڪتو ته نادر شاهه ميان نور محمد کي ڳوليندو رهيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ڊوڙايائينس. ميان صاحب ٿر منهن ڪيو ۽ عمرڪوٽ وڃي نڪتو مگر نادر به پيڇو نه ڇڏيو ۽ ميان صاحب جي پويان هلندي عمرڪوٽ وڃي پهتو. ميان صاحب ۽ نادر شاهه جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٿي انهيءَ وچ ۾ نادر ميان نور محمد ڪلهوڙي کان پڇيو ته “ ٻڌو اٿم ته تو وٽ لال آهن” ميان صاحب چيو ته “مون وٽ ٻه لال آهن هڪ اٽو ۽ ٻيو گيھ، جنهن وٽ اهي ٻه شيون هونديون آهن انهن وٽ ڪابه کوٽ نه هوندي آهي.” نادر شاهه ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پوءِ نادر جي حملي دوران جنگ ۾ جيڪو نقصان ٿيڻ کپندو هو اهو نه ٿيو بلڪه تمام گهٽ نقصان ٿيو. ڇاڪاڻ ته نادر شاهه تمام گهڻو طاقتور بادشاهه هو ۽ پوءِ سنڌ مٿان خراج مقرر ڪيائين. گڏو گڏ ميان صاحب جي فرزندن کي پڻ ڍل نه ڏيڻ عيوض پاڻ سان گڏ ايران وٺي ويو.

پروفيسر گل حسن لغاري ڪتاب واليءَ سنڌ ۾ پنهنجي مقالي اندر بيان ڪيو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جو لکيل ڪتاب منشورالوصيت و دستور الحڪومت جيڪو هڪ وصيت نامو آهي ان جهڙو عظيم شاهڪار ڪتاب هن دور ۾ ملڻ مشڪل آهي ۽ هي ڪتاب شفاف آئيني وانگر آهي جنهن ۾ ميان صاحب جي مذهبي عقيدت، سياسي فڪر ۽ سڄي زندگي جي تجربن کي حقيقي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو ڪلهوڙا دور جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو هي وصيت نامو مختصر ۽ جامع آهي. جنهن مان ميان صاحب جي مزاج، طبعت ۽ رويي جي خبر پوي ٿي ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ سندس ٺاهيل بنيادي اصول پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن. نصيحت ۽ اخلاف سڌاري جي ڳالهين کي نهايت واضح ۽ چٽي نموني سان پيش ڪيو ويو آهي.

ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جي حاڪمن ۾ گهڻن واقعن سبب منفرد حيثيت رکي ٿو، هندستان کان ويندي، اصفحان ۽ قنڌار تائين ويندي غير معمولي واقعا پيش آيا، جن جو گهرو اثر سنڌ مٿان ۽ ڪلهوڙن حاڪمن تي آيو. سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ ڪلهوڙا دور جا آثار قديمه، تعميراتي يادگار، مسجدون ۽ ڪوٽ قلعه سنڌ جي تهذيب جو اهڃاڻ آهن. ڪلهوڙا دور جو فن تعمير هڪ شاهڪار نادر نمونو آهي، هن دور ۾ فن تعمير جو وڏو حصو مقبري سازي ۽ مسجد سازي ۾ ڏسجي ٿو، هن دور ۾ ٿيل تعميرات سنڌ جي اڳين تعميرات جو تسلسل آهي. جنهن جو نمونو مڪلي ٺٽي ۾ موجود هو. ڪلهوڙا دور جي فن تعمير ۽ تاريخي آثارن ۾ پٿر جو استعمال گهٽ ٿيو ۽ ڪاشي جو استعمال وڌيڪ ٿيو.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنڌ مٿان 16 سال حڪمراني ڪئي ۽ تاريخ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل سنڌ کي متحد ۽ منظم ڪيو ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن کي محفوظ ڪندي آزاد وطن جو تصور ڏنو، سندس دور حڪومت ۾ ڪيترائي تاريخ ساز ڪم ٿيا جن ۾ تعميرات ٿيل يادگار پڻ تاريخي حيثيت رکن ٿا، هن ئي دور ۾ سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن جي مقبرن، مسجدن، ڪوٽ قلعن ۽ آثارن جي تعمير ٿي. جن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا.

·        مقبرو ميان آدم شاهه ڪلهوڙو: ميان آدم شاهه ڪلهوڙو پهريو شخص هو، جنهن مغلن خلاف جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار کيس ملتان ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. سندس وصيت مطابق سندس ميت سکر آڻي هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جنهن کي آدم شاهه جي ٽڪري ڪري چيو وڃي ٿو.

·        مقبرو ميان الياس محمد ڪلهوڙو: جيڪو محمد دائود جو پٽ ۽ ميان آدم شاهه جو پوٽو هو، سندس مقبرو ڏوڪري تعلقي لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي.

·        مقبرو ميان شاهل محمد ڪلهوڙو: هي مقبرو لاڙڪاڻي کان قمبر ويندڙ روڊ گهاڙ واھ سان موجود آهي، جنهن مغلن خلاف ويڙهاند ڪئي. هي مقبرو وڏي ٿلهي تي تعمير ٿيل آهي، ان ۾ ڪاشي به استعمال ڪئي وئي آهي.

·        مقبرو ميان نصير محمد ڪلهوڙو: هي مقبرو دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاهه جي تعلقي ۾ آهي جيڪو ڪاڇي ۾ ڳاڙهي لڳ واقع آهي. هي تعميرات پٿر سان ڪئي وئي آهي ۽ ممڪن آهي هي مقبرو محمد يار محمد ڪلهوڙو جي دور حڪومت ۾ ٺهيو هجي. هن مقبري سان گڏوگڏ تاريخي قبرستان موجود آهي. جنهن ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي ميان وال تحريڪ جا پوئلڳ، جنگي جرنيل، فقير ۽ ٻيا مدفن آهن. ڪيترن ئي قبرن مٿان ننڍا ننڍا مقبرا جوڙايل آهن جيڪي مڪلي جي قبرستان جيان ڏيک ڏين ٿا.

·        مقبرو ميان دين محمد ڪلهوڙو: هي مقبرو پڻ ڳاڙهي ۾ موجود آهي. جيڪو عام سادو مقبرن جيان آهي، ميان دين محمد کي پڻ مغلن جي بغاوت خلاف قيد ڪري ملتان ۾ وٺي ويا، جتي کيس 1700ع ۾ ڦاسي ڏني وئي.

·        مقبرو ميان يار محمد ڪلهوڙو: ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان وٺي ميان نصير محمد ڪلهوڙي تائين مغلن خلاف ٿيندڙ جدوجهد ۽ ڪلهوڙا خاندان جي مسلسل ٽن پيڙهين کان قربانين ۽ شهادتن کان پوءِ سال 1701ع ڌاري ميان يار محمد ڪلهوڙو اقتدار حاصل ڪيو ۽ 18 سال حڪومت ڪرڻ بعد سال 1719ع ۾ وفات ڪئي. سندس تخت گاھ دادو جي ڀرسان خدا آباد جو شهر هو. سندس مقبرو تعميراتي لحاظ سان نهايت اهميت رکندو هو. جيڪو هم چورس پيڙھ ۾ ڏاڍو ويڪرو آهي. ڪاشي جي رنگين سرن سان اڏاوت ٿيل اٿس. باقي ٽن پاسن تي قبي ۾ مٿي ونگن تي ڪشاديون دريون ٺهيل آهن. جيڪي مقبري اندر روشني ۽ هوا ڏين ٿيون. هن مقبري جي تعميرات ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪرائي.

·        مقبرو ميان غلام شاهه ڪلهوڙو: سنڌ کي آزاد وطن واري حيثيت ڏياريندڙ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جو مقبرو حيدرآباد ڪلهوڙا ڪالوني ۾ واقع آهي. ڪلهوڙا حاڪمن جي مقبرن ۾ هي مقبرو وڌيڪ شاندار، مضبوط ۽ اڏاوت جو هڪ شاهڪار آهي. مزار سنگ مرر جي ٺهيل آهي. ڪاشي جا سهڻا ۽ خوبصورت نمونا استعمال ڪيا ويا آهن. تازو انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ڪلچر کاتي حڪومت سنڌ جي تعاون سان مقبري جي خوبصورتي بحال ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. جنهن جو سهرو عبدالحميد آخوند ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو ڏي وڃي ٿو.

·        مقبرو ميان غلام نبي ڪلهوڙو: هي مقبرو پڻ حيدرآباد ۾ واقع آهي، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کان سڏ پنڌ تي ڏکڻ طرف موجود آهي. اندازو آهي ته هي مقبرو سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي جي دور ۾ تعمير ٿيو.

·        مقبرو ميان سرفراز ڪلهوڙو: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ سندس فرزند ميان سرفراز سنڌ جو حاڪم ٿيو. کيس حيدرآباد پڪي قلعي ۾ 1777ع ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس مقبرو دادن شاهه پاڙي کان مارڪيٽ ويندڙ رستي تي واقع آهي.

·        مقبرو شاهه بهارو: شاهه بهارو ڪلهوڙا دور جي حاڪم ميان نور محمد جي وقت ۾ سپھ سالار ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي. هن جو منارو ڏاڍو ناياب ۽ دلفريب آهي ۽ ڪاشي سان سينگاريل آهي. هن ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون. سندس مقبرو زبون حال ۾ آهي.

·        مقبرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي: ڪلهوڙا دور کي سنڌي ادب جو سونهري دور پڻ ليکيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ئي دور ۾ سنڌي ٻولي جو عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه ڄائو ۽ 1751ع ڌاري وفات ڪيائين. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀٽائي سرڪار سان تمام گهڻي عقيدت مندي هئي ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس روزو جوڙايو. جيڪو سرڪار جي توجھ سبب هن وقت تائين عاليشان ۽ شاندار ڏيک ڏئي رهيو آهي.

ان کان علاوه ڪلهوڙا دور ۾ فن تعمير ۽ يادگارن ۾ ڳاڙهيءَ جي جامع مسجد، خدا آباد جي جامع مسجد جيڪي ضلعي دادو ۾ موجود آهن جڏهن ته هالاڻي جي جامع مسجد جيڪا ضلعي نوشهروفيروز جي شهر هالاڻي ۾ موجود آهي، جيڪا ڪلهوڙا دور جي نامور عملدار محراب خان جتوئي جي تعمير ڪرايل آهي.

ڪلهوڙن حاڪمن پنهنجي حڪمراني دوران ڪيترائي قلقا ۽ ڪوٽ تعمير ڪرايا، جن ۾ قلعو لاڙڪاڻو جنهن جا هاڻ نشان وڃي بچيا آهن. ڪوهستان جو قلعو، عمرڪوٽ جو قلعو، پڪو قلعو حيدرآباد ۽ ڪچو قلعو حيدرآباد ۽ حيدرآباد شهر جو پڻ بنياد رکيائون. جنهن نيرون ڪوٽ پڻ چيو ويندو آهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙا دور حڪومت جو نامور، داناءُ ۽ مدبر حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جنهن سنڌ مٿان (1719-1753) 35 سال حڪمراني ڪئي ان جو تاريخي مقبرو ضلعي شهيد بينظير آباد (نوابشاهه) جي تعلقي قاضي احمد، شاھپورجهانيان لڳ النور شگر مل کان اوڀر طرف چند ڪلوميٽرن تي واقع آهي جيڪو ڪلهوڙن جي صاحبي ۾ ڳاڙهي ۽ خدا آباد کان پوءِ ٽيون نمبر سرڪاري حيثيت ماڙيندڙ تخت محمد آباد نالي سان هو، جيڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي گادي واري حيثيت رکندڙ هو. اهو تاريخي ماڳ “محمد آباد” هن وقت ديھ ميان نور محمد ۾ “ميان جا قبا” جي نالي سان مشهور آهي. هتي ميان صاحب جو شاندار مقبرو، سندس گهرواري مائي گلان جو تجر، جامع مسجد، ڪلهوڙا دور جي جنگي جنرلن، وفادار ساٿين جا تاريخي مقبرا ۽ وڏو هڪ قبرستان موجود آهي جيڪو 64 ايڪڙن تي مشتمل آهي هن تاريخي قبرستان ۾ ڪلهوڙن حاڪمن جا مريد عقيدتمند ۽  آسپاس جي رهندڙ قبيلن ذاتين، برادرين ۽ ڀر وارا رهواسي پنهنجي عزيزن مٽن مائٽن کي هن قبرستان ۾ دفن ڪندا آهن. هن درگاھ تي هر سال تاريخ اٺين ذوالحج تي عرس شريف (ميلو) ٿيندو آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ زائرين شرڪت ڪندا آهن.

سنڌ جو هي تاريخي ماڳ تخت محمد آباد نالي سان ٺهرايو ويو. جيڪو هن وقت ميان جا قبا جي نالي سان مشهور آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تاريخي مقبرو سندس فرزند ميان غلام شاھ ڪلهوڙي 1763ع ڌاري جوڙايو. ڇاڪاڻ ته ميان غلام شاھ سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي ماڳ مڪانن ٺهرائڻ ۾ بيحد دلچسپي رکندو هو هن ڪيترائي پنهنجي دور حڪومت ۾ تاريخ ساز ڪم ڪيا ۽ فن تعمير جو نادر نمونو پيش ڪيو. سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جو روضو پڻ ڪلهوڙا حاڪم ميان غلام شاھ تعمير ڪرايو هو. ماهر ارڪيالاجي نياز رسول ڄاڻايو آهي ته هي مقبرو ٽڪنڊي ديوار اندر آهي ۽ اوڀر پاسي واري ديوار ۾ داخلي دروازو اٿس. ديوار اٽڪل 8 فٽ بلند آهي ۽ سندس ٻنهي پاسن کان جنهن ۾ اندرين ۽ ٻاهرين پاسن تي نقش نگار آهن. هي مقبرو پڻ اونچي پليٽ فارم تي اڏيل آهي جنهن جي ڊيگھ 80 فٽ ۽ ويڪر 70 فٽ آهي ۽ اهو ٽڪنڊي ديوار جي اولھ پاسي آهي مقبري جو تر پٿر جو جڙيل آهي ديوارون سرن جون ٺاهيون ويون آهن. سمورو مقبرو 48 فٽ ڊگهو 45 فٽ ويڪرو ۽ 57 فٽ اونچو آهي. گنبذ جي کڻائي وٽ هڪ چوطرف گيلري اٿس ۽ چار 8 ڪنڊا ڪنگرا ڇت مٿان اٿس ۽ اندران پڻ سمورو 8 ڪنڊو آهي. گنبذ 8 ڪنڊي محرابن تي مشتمل آهن مقبري جي ٻنهي پاسن کان 2 ننڍا مقبرا پڻ موجود آهن اهي مقبرا ننڍن گنبذن سبب عورتن کي دفنائڻ لاءِ آهن مقبري جي هيٺين پاسي چار ٻيا به مقبرا آهن جن جا گنبذ پڻ ننڍا آهن هن وقت تائين اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي هنن مقبرن ۾ ڪير دفنايل آهي. ان کان علاوه مقبري جي ٻاهران ڪجھ ٻيون به قبرون آهن جن ۾ ڪجھ گچ سان پلستر ٿيل آهن ۽ ڪجھ پڪين سرن جون آهن. مقبري اندر ميان نور محمد جي قبر کان سواءِ هڪ شهزادي ميان علي مراد جي تربت پڻ آهي. ان کان علاوه رانڪ ميان خداداد خان جيڪو ميان نور محمد جو ٽيون نمبر پٽ هو اهو به هن ئي قبرستان ۾ دفن آهي. جڏهن ته ميان فضل علي، ڀائي خان، ميان قبول محمد، جلال خان ۽ صحبت خان ڏنگراج جيڪي ڪلهوڙن جي درٻار جا امير هئا. ان سان گڏوگڏ قائم خان ڪورائي جو مقبرو پڪين سرن سان اٺ پاسائن اڏيل آهي. جيڪو بند مقبرو آهي. ان کان علاوه ڳهڻو خان ڪليري، آڍو خان ۽ ٻڍو خان جن مٿان مقبرو اڏيل آهي ۽ ٻنهي جون قبرون گڏ آهن. هن تاريخي ماڳ ۾ مراد فقير سنديلو سندس خاندان جا ٻيا فرد پڻ مدفن آهن. ان کان علاوه کهاوڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ محمد حسن کهاوڙ ۽ بختيار خان کهاوڙ پڻ  هن تاريخي ماڳ ۾ دفن آهن. هن ميان جي مقبري جا مجاور اڄ ڏينهن تائين جتوئي قبيلي سان لاڳاپيل آهن. جن جا چند گهر هن وقت ميان جي مقبري ٻاهران موجود آهن.

نامياري ماهر ارڪيالاجي اشتياق انصاري ڪتاب “ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ جو شاهجهان” ۾ پنهنجي تحقيقي مقالي “ ڪوٽ گلان” ۾ لکيو آهي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گهرواري مائي گلان جي قبر پڻ هن ئي قبرستان ۾ دفن آهي. جنهن جو تجر ٺهيل آهي. مائي گلان جو تجر ميان نور محمد جي مقبري ٻاهران اتر اولهه ڪنڊ تي 300 فٽن تي واقع آهي. تجر جي ڊيگھ 16 فٽ ۽ ويڪر 20 فٽ ۽ اوچائي 13 فٽ کن ٿيندي. تجر کي اوڀر پاسي محرابي در ٺهيل آهي ۽ سندس اتر ۽ ڏکڻ ۾ پڻ محرابي دريون آهن. تجر جي ڀتن جي ٿولھ ٽي فٽ آهي، مزار جي بناوٽ ۾ سنهيون خوبصورت سرون استعمال ڪيل آهن. جن تي پليستر مٿان چُن جو رنگ ڏنل آهي، تجر مٿان چئن ڪنڊن تي ۽ تجر جي ڇت جي وچئين ڪنڊ تي به ٻه نيليون بيهاريل آهن. تجر جو ڀتيون اندران توڙي ٻاهران (Pannals) ۾ ورهايل آهن جن تي رنگن سان سهڻا گل ۽ گلدان نقش ٿيل آهن. ان گلڪاري ۾ ڳاڙهو رنگ گهڻو استعمال ٿيل آهي. تجر جي اندر وچ تي فرش کان ڏيڍ فٽ کن مٿي بيگم مائي گلان جي اڪيلي قبر آهي. اها سادي قبر ڏيڍ فٽ ويڪري ۽ ساڍا پنج فٽ ڊگهي ٿيندي جنهن تي لسو پليستر ٿيل آهي. جڏهن ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري ٻاهران اتر پاسي هڪ تاريخي جامع مسجد جا ڊٿل آثار موجود آهن. جيڪا ڀڄي ڀُري ختم ٿي چُڪي آهي. ان سان گڏوگڏ مقبري جي لڳ ڏکڻ پاسي واري ديوار پڻ زبون حالي سبب ڪري پئي آهي.جنهن ڪري خدشو آهي ته ان مقبري تي ماحولياتي اثرات پڻ وڌيڪ ٿي رهيا آهن. ۽ مقبرو آهستي آهستي پنهنجي طبعي عمر وڃائي رهيو آهي.  

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص وزير ۽ صلاحڪار مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم شاهه، صدر لڪي واري جي اولاد مان هو. پاڻ اعلي پائي جو دانشور ۽ ملڪي معاملن جو ماهر هو. ان ڪري ميان صاحب وٽ سندس وڏي عزت هئي. سرڪاري دفتر ۽ ٻاهرين ملڪن سان خطو ڪتابت ڪرڻ جو شعبو سندس حوالي هو. پاڻ ڪيترن ئي فوجي صلاحيتن جو مالڪ هو. کيس مير متارو جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. سندس قبر دولتپور شهر ۾ مين روڊ تي واقع آهي.

هي سنڌ جو تاريخي ماڳ تخت محمد آباد “ميا جا قبا” هاڻ ويران ۽ برباد ٿي چڪو آهي ڪلر ٿي ويل قبرون ثقافت کاتي جي بي حسي بي توجهيءَ سبب بي حالي جو هي شاھڪار مقبرو پنهنجي سونهن ۽ اوج وڃائي رهيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيا تاريخي مقبرا ميسارجي رهيا آهن سنڌ سرڪار جي ڪلچر کاتي ۽ انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي عدم دلچسپي سبب هتي ڪا به سار سنڀال نه ٿي رهي آهي، ملڪ اندر وفاقي سرڪار طرفان ارڙهين ترميم کان پوءِ آرڪيالوجي کاتو سنڌ صوبي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ تاريخي آثارن، ماڳ مڪانن جي مرمت، سار سنڀال (Renovation and Rehabilitation) ۽ ماڳن کي ساڳي حالت ۾ برقرار رکڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت ڪلچر کاتي حوالي ٿيل آهي پر افسوس جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترائي ثقافتي ۽ تاريخي سيمينار ڪوٺائي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري رهيا آهن ۽ ميان جي مقبري واسطي انهن وٽ ڪا به رٿا بندي ۽ ترجيح نه آهي. اسان سنڌ سرڪار جي صوبائي وزير ثقافت، سيڪريٽري ۽ تاريخي ماڳ مڪان کي سنڀالڻ ۽ مرمت ڪرائڻ واري کاتي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي جناب حميد آخوند کي اپيل ٿا ڪيون ته هن تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ کي بچايو وڃي ۽ ان جي سونهن ۽ ساڳي شڪل برقرار رکڻ لاءِ جلد کان جلد بجيٽ منظور ڪري ميان جي مقبري کي بچايو وڃي. ان سان گڏوگڏ هن تاريخي ماڳ تي ايندڙن، گهمندڙن سياحن، عقيدتمندن، مريدن ۽ عام ماڻهن جي سهولتن واسطي پڻ قدم کنيا وڃن ڇا ڪاڻ ته هتي سم ۽ ڪلر سبب کارو پاڻي ۽ بجلي جو نه هجڻ سبب تمام گهڻي تڪليف پيش اچي رهي آهي. هن تاريخي ماڳ ميان جا قبا کي بچائڻ لاءِ سال 1987ع ڌاري پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، عظيم سنڌي، ملڪ اسرار احمد اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ۽ ٻين مخير حضرات جي گڏيل ڪوششن سان سيمينار ٿي گذريو، جنهن جي صدارت مانواري مظهرالحق صديقي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪرڻ فرمائي، هن موقعي تي ڪيترن ئي ملڪ جي نامور تاريخدانن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا.جيڪي پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ۽ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري طرفان ڪتاب “واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو” ڇپجي پڌرو ٿيو.   

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو شاخ طرفان سيپٽمبر 2015ع ڌاري هن تاريخي ماڳ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبن کي بچائڻ واسطي “سنڌ جا تاريخي ماڳ بچايو ڪانفرنس” پڻ ٿي گذري جنهن جي صدارت ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي ڪئي ۽ مهمان خاص مشهور تاريخدان پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري هئا. جنهن ۾ سگا ساٿين، تاريخدانن، اديبن، عالمن ۽ ماهر آثار قديمه جن شرڪت ڪئي ۽ هن تاريخي ماڳ کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي. پر هن وقت تائين ڪوبه ڌيان نه ڏنو ويو آهي. جس آهي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن قاضي احمد شاخ کي جن سگا مرڪز سان گڏجي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي اندر سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن کي بچائڻ لاءِ هي ميڙاڪو ڪوٺايو آهي ۽ اميد آهي ته سگا مرڪز سنڌ جي ۽ هن علائقي جي تاريخي ماڳن کي بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ٻين مختلف ڊونر ايجنسيز کي اپيل ڪندا ۽ پنهنجو  ڪردار ادا ڪندا.

حوالا:

1.       تاريخ ڪلهوڙا (ڀاڳو پهريو ۽ ٻيون) :غلام رسول مهر

2.       ڪلهوڙا دور حڪومت : ڊاڪٽر غلام محمد لاکو

3.       واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو: پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري

4.       سنڌ جو شاهجهان ميان غلام شاھ ڪلهوڙو: اسلم عباسي

5.       تحت گاهه خدا آباد: نظير احمد ڀنڊ

Saturday, January 21, 2017

مورو سگا طرفان مناهين لڳ مچ ڪچهري ـ رپورٽ ـ اسلم عباسي

ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۽ شاعرن اديبن، سگھڙن، فنڪارن ۽ سماج سڌارڪن جي شرڪت ـ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان نامياري سماج سڌارڪ ۽ سگا جي سابق چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن جي سهڪار سان مورو لڳ مناهين ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۾ تاريخ 21 جنوري 2017 ڇنڇر شام آچر رات سياري جي سرد موسم ۾ سنڌ جي روايتي مچ ڪچهري ٿي گذري ـ

جنوري مهيني جي سرد سيءَ ۾ مورو شهر کان شام 4 وڳي قافلو سگا ساٿين جو روانو ٿيو جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ڪئي ۽ ساڻس گڏ اديب، شاعر، سگهڙ، راڳي ۽ سماجي ورڪرن، صحافين جو وڏو انگ هو. مورو کان اتر طرف نوان جتوئي روڊ سان تاريخي ڳوٺ مناهين ڀرسان دودو ڀنڀرو جي ٻاهران سرنهن جا ڦولار، انبن جو باغ، کجين جا وڻ، ڪڻڪ جي فصل واري ساوڪ سچ پچ ته موسم جي لحاظ کان حسين منظر لڳي رهيو هو. هر طرف سنڌ جي زرعي ۽ خوشحاليءَ جو منظر چٽيل هو جيڪو روح کي فرحت ڏئي رهيو هو ـ

ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۾ ولي محمد روشن پنهنجي پٽن غلام شبير ڀنڀرو، ممتاز علي ڀنڀرو، عزيزن، رشتيدارن خان محمد ڀنڀرو، مرتضيٰ ڀنڀرو، سگا ورڪر قربان ڀنڀرو ۽ ٻين سميت مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ نيڻ وڇايو ويٺو هو ته ايتري ۾ اسان سڀ سگا مورو شاخ جا سڀئي عهديدار ۽ ميمبر حفيظ الرحمان شيخ، نظر حسين ميمڻ، وزير فرهاد، امان الله مورائي، قاضي شفيع محمد، سرفراز ميمڻ، ڊاڪٽر عدنان اسلم عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي اختر لغاري، جاويد ڪانڌڙو، فقير دين محمد ڪلهوڙو، وحيد مستوئي سميت سندس اوطاق ۾ 5 بجي پهتاسين، سندس اوطاق سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، روايتي خوبصورت لانڍي جيڪا ڏسڻ وٽان آهي، لانڍي سامهون خوبصورت پارڪ سائي ڇٻر، ان مٿان رنگين بلبن جي جهرمر دل کي موهي رهئي هئي مچ ڪچهري وارو پنڊال خوبصورت ڊيڪوريشن، رنگين روشنين سان سينگاريل هو. اسٽيج تي سگا مورو طرفان مچ ڪچهري وارو ثقافتي بينر لڳل هو. ڀٽائي جو شعر لکيل هو ـ

ســــــــــــــــر نسريا پاند، اتـــــــــــــــــــــــر لڳا آءُ پرين

مون توڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون ـ

معزز مهمانن جي آهستي آهستي آمد ٿيندي رهي، ڳوٺ دودو ڀنڀرو جي آس پاس تاريخي ۽ ثقافتي ڳوٺن مناهين، ڳوٺ هوت خان بهراڻي، نوان جتوئي، ٺوڙها، پراڻا جتوئي، ڏيپارجا، ملڪ، ڪانڌڙا ڪالوني، مورو شهر کان اديب، شاعر، سگهڙ، فنڪار، آرٽسٽ، تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ، سياسي، سماجي ورڪر ادريس جتوئي، حق نواز ميمڻ، حبيب خاصخيلي، آصف راهوجو، اياز لنجار، اسلم ڪوريجو، شهبيگ بهراڻي، سيد منظور علي شاھ منظور، سگهڙ قادر بخش بهراڻي ۽ سگا جا ساٿي مختلف برانچن ڦل، نوشهروفيروز، محرابپور، ڪنب، خيرپور، ٺاروشاھ، ڪاڇو، دادو، سيوهڻ، قاضي احمد، ڪلوئي ۽ ٻين شهرن کان پهتا ـ

انتظار جو گهڙيون تڏهن ختم ٿيون جڏهن سگا مرڪزي قيادت چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائس چيئرمين پيرل خان کوسو، سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل شمس ساريو، سيڪريٽري ماليات اسماعيل پنهور، سيڪريٽري ڪلچر شهاب الدين شاهاڻي، عبدالطيف ڪرٽيو، نور محمد سيال سي اي سي ميمبر سگا سميت لانڍيءَ اوطاق ۾ پهتا ـ

سڀ کان اول ولي محمد روشن طرفان معزز سڀني ميمبرن کي رات واري ماني کارائي وئي، جنهن ۾ سرنهن جو ساڳ، پلي، بههَ، جوئر ٻاجهريءَ جي ماني، مطلب ته سندس دسترخوا ڪُشادو ۽ دعوت ڪنهن معتبر شاديءَ کان گهٽ نه هئي ـ

مچ ڪچهري جي ڪاروائي سگا صدر مورو ٺيڪ اٺين وڳي شروعات ڪئي، صدارت چيئرمين سگا رفيق احمد جعفري حوالي ڪئي. تلاوت ڪلام پاڪ جي نائب صدر سگا شاخ نظر حسين ميمڻ سعادت حاصل ڪئي، برانچ مورو جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ آيل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪئي، جڏهن ته معزز مهمانن کي سگا برانچ مورو ساٿين طرفان اجرڪ جا تحفا اوڍايا ويا. ان بعد مچ ڪچهري جي مهمانواز ولي محمد روشن کي سڏ ڪيو ويو، جنهن آيل سگا مرڪزي قيادت جو شڪريوادا ڪندي چيو ته اڄوڪي هن مچ ڪچهري پنڊال ۾ ويٺل سڀني سڄڻن جا مون مٿان ٿورا. سگا برانچ مورو منهنجي پنهنجي شاخ آهي. مورو منهنجي پهرين سڃاڻپ آهي. اوهان مونکي مان ۽ عزت بخشي آهي. اسان ۽ اوهان سڀ سنڌ ۽ سگا جا وارث آهيون. سگا گذريل پنجيتاليھ سالن کان تمام ڊگهو سماجي سفر ڪيو آهي ۽ اهو ڏاڍو ڏکيو اڙانگو ۽ تڪليف وارو دور رهيو آهي. جڏهن وسيلا نه هوندا هئا، مارشل لا واري دور ۾ سگا ساٿين کي وڏيون تڪليفون آيون. سنڌ سان عشق ۽ جنون وارو جذبو سڄي زندگي رهندو آيو آهي. هن وقت آدمشماريءَ جي ڳڻپ وارو مرحلو اچي رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اپيل آهي ته هو ٻولي واري خاني ۾ پاڻ سنڌي لکرائين ته جيئن اسان اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون ـ

نامياري تعليمي ماهر ۽ ساڃاھ وند ادريس جتوئي کي پڻ تقرير ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو، جنهن چيو ته سنڌ جون ٻهراڙيون ثقافتي رنگن سان ڀريل  آهن. هي ڳوٺ دودو ڀنڀرو تاريخي ۽ ثقافتي ڳوٺ آهي. سگا مورو جي صدر اسلم عباسيءُ ٻين کي جس آهي جن هي مچ ڪچهري پروگرام ٻهراڙيءَ ۾ منعقد ڪيو آهي. سگا سٿ ۾ هن علائقي جا ماڻهون اسد الله کيڙو، مظهر الدين ميمڻ، عبدالرحمان سيال، سائين بخش عباسي ۽ ولي محمد روشن جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن. اڄوڪي مچ ڪچهري نئون اتساھ بخشيندي. هن علائقي جا ڪيترائي ٻيا به سماج سڌارڪ آهن، جن پنهنجي علائقن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيو آهي، جن ۾ ڳوٺ هوت خان بهرائي شامل آهي. امداد بلوچ بهراڻي ۽ غلام نبي بهراڻي جون خدمتون آهن. ولي محمد روشن سڄي زندگي سگا کي ارپي آهي. جيڪو هڪ رول ماڊل آهي، هن چيو ته سنڌ جي سماجي ترقي ۾ سگا جو اهم ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي، هن چيو ته سگا مرڪزي قيادت کي هن علائقي ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا. سگا جي سماجي خدمتن وارو فلسفو ۽ پيغام سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عام ڪيو وڃي، مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري سنڌ جي البيلي عاشق ۽ حيدري شمشير الحيدري جوڀاءَ آهي، جيڪا فخر لائق ڳالھ آهي. شمشير سنڌ جو اڻموٽ ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سگا سميت سنڌ جي سڀني ساڃاھ وندن کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ـ

ان بعد مچ ڪچهري جي شروعات هن علائقي جي مشهور سازندي الغوزي نواز غلام نبي سولنگي ڪئي جنهن الغوزي تي سنڌ جي روايتي سرن جون مختلف ڌنون پيش ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو. نوجوان فنڪار ۽ راڳي رئوف مگسي سرن کي ڇيڙيو شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جا ڪلام پيش ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو. جڏهن ته حنيف چانڊيو پڻ پنهنجي سريلي آواز سان محفل کي جهومائي ڇڏيو ـ

مچ ڪچهري دوران شاعرن هر هڪ ائڊووڪيٽ امداد سولنگي ۽ عظيم سنڌي پنهنجي شاعريءَ جو نئون ڪلام پيش ڪري داد حاصل ڪيو. جنهن بعد سنڌ جي سريلي راڳي ۽ اڀرندڙ نوجوان فنڪار شاهنواز سولنگي ڀٽائي سرڪار جي وائي، استاد بخاري جا گيت شمشير الحديري جو ڪلام پيش ڪيو،

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو، ڄڻ ته سنڌو جي ٻي ڪناري ويو.

هڪڙو شمشير هو زماني ۾، ســـو به دنيا مــان اڄ گـــذاري ويو،

سگا صدر اسلم عباسي جو مرتب ڪيل مورو بابت ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت سوکڙي طور معزز مهمانن کي ولي محمد روشن هٿان تحفي طور پيش ڪيو ويو. جڏهن ته نامياري، تاريخدان ڊاڪٽر محمدلائق زرداري جا تاريخي ڪتاب پڻ وزير فرهاد هٿان معزز مهمانن کي پيش ڪيا ويا، آخر ۾ فقير عبدالغني صوفياڻي ڪلام پيش ڪري محفل کي رونق بخشي ڇڏي ـ

آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي سگا چيئرمين سنڌ رفيق احمد جعفري چيو ته سگا مورو شاخ کي جس آهي جنهن اڄ مچ ڪچهري پروگرام ڪيو آهي ۽ اسانکي پڻ محبت ڏئي سگا ساٿين ولي محمد روشن جي ڳوٺ ۾ ڪوٺ ڏئي گهرايو ويو آهي. سگا جا ساٿي سنڌ اندر بي لوث سماجي خدمتون ڏئي رهيا آهن. مورو شاخ جي ساٿين ڪارڪردگي تي فخر آهي.

سگا هميشه سنڌ جي اهم سماجي ۽ قومي مسئلن تي پڻ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي، هن چيو ته اڳيان جلد اهم آدمشماري ڳڻپ وارو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سڀني مستقل آباد ماڻهن سنڌ ڌرتي سان پنهنجو ناتو جوڙيندڙن گهرن ۾ ٻوليون ڳالهائيندڙن بلوچي، بروهي، سرائڪي، ڍاٽڪي، گجراتي، مارواڙي، اردو، پنجابي ۽ ٻين ٻولين بدران صرف سنڌي لکرائين ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر ترقياتي رٿائون، روزگار وسيلا، ڪوٽا سسٽم، تعليمي ۽ صحت واريون سهولتون هر صوبي کي آدمشماري بنياد تي ملنديون آهن ـ

سگا سنڌ جي ساڃاھ ۽ شعور جو نالو آهي. اميد آهي ته اڄوڪي مچ ڪچهري مان اوهان سڀ سنڌ واسي نئون پيغام کڻي ويندا ۽ سماجي ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اهڙي طرح سگا مورو طرفان منعقد ڪيل مچ ڪچهري رات دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ سگا سڄي سنڌ مان عهديدارن، ميمبرن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، تعليمي ماهرن، علمي ادبي، سياسي سماجي، تنظيمن سان لاڳاپيل، قومي ڪارڪنن هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿي ۽ قومي ٻڌي جو ثبوت پڻ ڏنو ـ