ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۽ شاعرن اديبن، سگھڙن، فنڪارن ۽ سماج سڌارڪن جي شرڪت ـ
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو طرفان نامياري سماج سڌارڪ ۽ سگا جي سابق چيئرمين
۽ سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن جي سهڪار سان مورو لڳ مناهين ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ
دودو ڀنڀرو ۾ تاريخ 21 جنوري 2017 ڇنڇر شام آچر رات سياري جي سرد موسم ۾ سنڌ جي
روايتي مچ ڪچهري ٿي گذري ـ
جنوري مهيني جي سرد سيءَ ۾ مورو شهر کان شام 4 وڳي قافلو سگا ساٿين جو روانو
ٿيو جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ڪئي ۽ ساڻس گڏ اديب، شاعر، سگهڙ، راڳي
۽ سماجي ورڪرن، صحافين جو وڏو انگ هو. مورو کان اتر طرف نوان جتوئي روڊ سان تاريخي
ڳوٺ مناهين ڀرسان دودو ڀنڀرو جي ٻاهران سرنهن جا ڦولار، انبن جو باغ، کجين جا وڻ،
ڪڻڪ جي فصل واري ساوڪ سچ پچ ته موسم جي لحاظ کان حسين منظر لڳي رهيو هو. هر طرف
سنڌ جي زرعي ۽ خوشحاليءَ جو منظر چٽيل هو جيڪو روح کي فرحت ڏئي رهيو هو ـ
ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۾ ولي محمد روشن پنهنجي پٽن غلام شبير ڀنڀرو، ممتاز علي ڀنڀرو،
عزيزن، رشتيدارن خان محمد ڀنڀرو، مرتضيٰ ڀنڀرو، سگا ورڪر قربان ڀنڀرو ۽ ٻين سميت
مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ نيڻ وڇايو ويٺو هو ته ايتري ۾ اسان سڀ سگا مورو شاخ جا
سڀئي عهديدار ۽ ميمبر حفيظ الرحمان شيخ، نظر حسين ميمڻ، وزير فرهاد، امان الله
مورائي، قاضي شفيع محمد، سرفراز ميمڻ، ڊاڪٽر عدنان اسلم عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي
اختر لغاري، جاويد ڪانڌڙو، فقير دين محمد ڪلهوڙو، وحيد مستوئي سميت سندس اوطاق ۾ 5
بجي پهتاسين، سندس اوطاق سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، روايتي خوبصورت لانڍي جيڪا ڏسڻ
وٽان آهي، لانڍي سامهون خوبصورت پارڪ سائي ڇٻر، ان مٿان رنگين بلبن جي جهرمر دل کي
موهي رهئي هئي مچ ڪچهري وارو پنڊال خوبصورت ڊيڪوريشن، رنگين روشنين سان سينگاريل
هو. اسٽيج تي سگا مورو طرفان مچ ڪچهري وارو ثقافتي بينر لڳل هو. ڀٽائي جو شعر لکيل
هو ـ
ســــــــــــــــر نسريا پاند، اتـــــــــــــــــــــــر لڳا آءُ پرين
مون توڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون ـ
معزز مهمانن جي آهستي آهستي آمد ٿيندي رهي، ڳوٺ دودو ڀنڀرو جي آس پاس تاريخي ۽
ثقافتي ڳوٺن مناهين، ڳوٺ هوت خان بهراڻي، نوان جتوئي، ٺوڙها، پراڻا جتوئي،
ڏيپارجا، ملڪ، ڪانڌڙا ڪالوني، مورو شهر کان اديب، شاعر، سگهڙ، فنڪار، آرٽسٽ،
تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ، سياسي، سماجي ورڪر ادريس جتوئي، حق نواز ميمڻ، حبيب
خاصخيلي، آصف راهوجو، اياز لنجار، اسلم ڪوريجو، شهبيگ بهراڻي، سيد منظور علي شاھ
منظور، سگهڙ قادر بخش بهراڻي ۽ سگا جا ساٿي مختلف برانچن ڦل، نوشهروفيروز،
محرابپور، ڪنب، خيرپور، ٺاروشاھ، ڪاڇو، دادو، سيوهڻ، قاضي احمد، ڪلوئي ۽ ٻين شهرن
کان پهتا ـ
انتظار جو گهڙيون تڏهن ختم ٿيون جڏهن سگا مرڪزي قيادت چيئرمين رفيق احمد
جعفري، وائس چيئرمين پيرل خان کوسو، سيڪريٽري جنرل منظور اڄڻ، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل
شمس ساريو، سيڪريٽري ماليات اسماعيل پنهور، سيڪريٽري ڪلچر شهاب الدين شاهاڻي،
عبدالطيف ڪرٽيو، نور محمد سيال سي اي سي ميمبر سگا سميت لانڍيءَ اوطاق ۾ پهتا ـ
سڀ کان اول ولي محمد روشن طرفان معزز سڀني ميمبرن کي رات واري ماني کارائي
وئي، جنهن ۾ سرنهن جو ساڳ، پلي، بههَ، جوئر ٻاجهريءَ جي ماني، مطلب ته سندس
دسترخوا ڪُشادو ۽ دعوت ڪنهن معتبر شاديءَ کان گهٽ نه هئي ـ
مچ ڪچهري جي ڪاروائي سگا صدر مورو ٺيڪ اٺين وڳي شروعات ڪئي، صدارت چيئرمين سگا
رفيق احمد جعفري حوالي ڪئي. تلاوت ڪلام پاڪ جي نائب صدر سگا شاخ نظر حسين ميمڻ
سعادت حاصل ڪئي، برانچ مورو جنرل سيڪريٽري حفيظ الرحمان شيخ آيل مهمانن جي آڌر
ڀاءُ ڪئي، جڏهن ته معزز مهمانن کي سگا برانچ مورو ساٿين طرفان اجرڪ جا تحفا اوڍايا
ويا. ان بعد مچ ڪچهري جي مهمانواز ولي محمد روشن کي سڏ ڪيو ويو، جنهن آيل سگا
مرڪزي قيادت جو شڪريوادا ڪندي چيو ته اڄوڪي هن مچ ڪچهري پنڊال ۾ ويٺل سڀني سڄڻن جا
مون مٿان ٿورا. سگا برانچ مورو منهنجي پنهنجي شاخ آهي. مورو منهنجي پهرين سڃاڻپ
آهي. اوهان مونکي مان ۽ عزت بخشي آهي. اسان ۽ اوهان سڀ سنڌ ۽ سگا جا وارث آهيون.
سگا گذريل پنجيتاليھ سالن کان تمام ڊگهو سماجي سفر ڪيو آهي ۽ اهو ڏاڍو ڏکيو اڙانگو
۽ تڪليف وارو دور رهيو آهي. جڏهن وسيلا نه هوندا هئا، مارشل لا واري دور ۾ سگا
ساٿين کي وڏيون تڪليفون آيون. سنڌ سان عشق ۽ جنون وارو جذبو سڄي زندگي رهندو آيو
آهي. هن وقت آدمشماريءَ جي ڳڻپ وارو مرحلو اچي رهيو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اپيل آهي
ته هو ٻولي واري خاني ۾ پاڻ سنڌي لکرائين ته جيئن اسان اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون ـ
نامياري تعليمي ماهر ۽ ساڃاھ وند ادريس جتوئي کي پڻ تقرير ڪرڻ لاءِ گهرايو
ويو، جنهن چيو ته سنڌ جون ٻهراڙيون ثقافتي رنگن سان ڀريل آهن. هي ڳوٺ دودو ڀنڀرو تاريخي ۽ ثقافتي ڳوٺ
آهي. سگا مورو جي صدر اسلم عباسيءُ ٻين کي جس آهي جن هي مچ ڪچهري پروگرام ٻهراڙيءَ
۾ منعقد ڪيو آهي. سگا سٿ ۾ هن علائقي جا ماڻهون اسد الله کيڙو، مظهر الدين ميمڻ،
عبدالرحمان سيال، سائين بخش عباسي ۽ ولي محمد روشن جون خدمتون وسارڻ جهڙيون نه
آهن. اڄوڪي مچ ڪچهري نئون اتساھ بخشيندي. هن علائقي جا ڪيترائي ٻيا به سماج سڌارڪ
آهن، جن پنهنجي علائقن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيو آهي، جن ۾ ڳوٺ
هوت خان بهرائي شامل آهي. امداد بلوچ بهراڻي ۽ غلام نبي بهراڻي جون خدمتون آهن.
ولي محمد روشن سڄي زندگي سگا کي ارپي آهي. جيڪو هڪ رول ماڊل آهي، هن چيو ته سنڌ جي
سماجي ترقي ۾ سگا جو اهم ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي، هن چيو ته سگا مرڪزي قيادت کي
هن علائقي ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪريون ٿا. سگا جي سماجي خدمتن وارو فلسفو ۽ پيغام سنڌ
جي ٻهراڙين ۾ عام ڪيو وڃي، مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري سنڌ جي البيلي عاشق ۽
حيدري شمشير الحيدري جوڀاءَ آهي، جيڪا فخر لائق ڳالھ آهي. شمشير سنڌ جو اڻموٽ
ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سگا سميت سنڌ جي سڀني ساڃاھ
وندن کي مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ـ
ان بعد مچ ڪچهري جي شروعات هن علائقي جي مشهور سازندي الغوزي نواز غلام نبي
سولنگي ڪئي جنهن الغوزي تي سنڌ جي روايتي سرن جون مختلف ڌنون پيش ڪري محفل کي
گرمائي ڇڏيو. نوجوان فنڪار ۽ راڳي رئوف مگسي سرن کي ڇيڙيو شيخ اياز ۽ استاد
بخاريءَ جا ڪلام پيش ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو. جڏهن ته حنيف چانڊيو پڻ پنهنجي سريلي
آواز سان محفل کي جهومائي ڇڏيو ـ
مچ ڪچهري دوران شاعرن هر هڪ ائڊووڪيٽ امداد سولنگي ۽ عظيم سنڌي پنهنجي شاعريءَ
جو نئون ڪلام پيش ڪري داد حاصل ڪيو. جنهن بعد سنڌ جي سريلي راڳي ۽ اڀرندڙ نوجوان
فنڪار شاهنواز سولنگي ڀٽائي سرڪار جي وائي، استاد بخاري جا گيت شمشير الحديري جو
ڪلام پيش ڪيو،
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو، ڄڻ ته سنڌو جي ٻي ڪناري ويو.
هڪڙو شمشير هو زماني ۾، ســـو به دنيا مــان اڄ گـــذاري ويو،
سگا صدر اسلم عباسي جو مرتب ڪيل مورو بابت ڪتاب مورو تاريخ ۽ ثقافت سوکڙي طور
معزز مهمانن کي ولي محمد روشن هٿان تحفي طور پيش ڪيو ويو. جڏهن ته نامياري،
تاريخدان ڊاڪٽر محمدلائق زرداري جا تاريخي ڪتاب پڻ وزير فرهاد هٿان معزز مهمانن کي
پيش ڪيا ويا، آخر ۾ فقير عبدالغني صوفياڻي ڪلام پيش ڪري محفل کي رونق بخشي ڇڏي ـ
آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي سگا چيئرمين سنڌ رفيق احمد جعفري چيو ته سگا مورو
شاخ کي جس آهي جنهن اڄ مچ ڪچهري پروگرام ڪيو آهي ۽ اسانکي پڻ محبت ڏئي سگا ساٿين
ولي محمد روشن جي ڳوٺ ۾ ڪوٺ ڏئي گهرايو ويو آهي. سگا جا ساٿي سنڌ اندر بي لوث
سماجي خدمتون ڏئي رهيا آهن. مورو شاخ جي ساٿين ڪارڪردگي تي فخر آهي.
سگا هميشه سنڌ جي اهم سماجي ۽ قومي مسئلن تي پڻ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي، هن
چيو ته اڳيان جلد اهم آدمشماري ڳڻپ وارو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ
سڀني مستقل آباد ماڻهن سنڌ ڌرتي سان پنهنجو ناتو جوڙيندڙن گهرن ۾ ٻوليون ڳالهائيندڙن
بلوچي، بروهي، سرائڪي، ڍاٽڪي، گجراتي، مارواڙي، اردو، پنجابي ۽ ٻين ٻولين بدران صرف
سنڌي لکرائين ڇاڪاڻ ته ملڪ اندر ترقياتي رٿائون، روزگار وسيلا، ڪوٽا سسٽم، تعليمي ۽
صحت واريون سهولتون هر صوبي کي آدمشماري بنياد تي ملنديون آهن ـ
سگا سنڌ جي ساڃاھ ۽ شعور جو نالو آهي. اميد آهي ته اڄوڪي مچ ڪچهري مان اوهان
سڀ سنڌ واسي نئون پيغام کڻي ويندا ۽ سماجي ڪمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، اهڙي طرح سگا
مورو طرفان منعقد ڪيل مچ ڪچهري رات دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ سگا سڄي سنڌ مان
عهديدارن، ميمبرن، اديبن، شاعرن، سگهڙن، فنڪارن، تعليمي ماهرن، علمي ادبي، سياسي
سماجي، تنظيمن سان لاڳاپيل، قومي ڪارڪنن هن مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿي ۽ قومي ٻڌي جو ثبوت
پڻ ڏنو ـ