منجهند جا ٻه وڳا آهن، مئي جو مهينو آهي سج به گرم باهه جا
شعلا اڇلي رهيو آهي، اسان جي ملڪ جي وزيرن، مشيرن، ميمبرن وانگي، بجلي به قسمت سان
ٿي منهن ڏيکاري نه ته وڃي ٿيا ست خير، بل وري هزارن رپين ۾ موڪليندا، بجلي ڄڻ وڃڻ
جو نالو ئي نه وٺندي هجي ۽ اسان ڄڻ ڪي امير هجون اسان وٽ فرجون، ايسيون، پاڻي جا
موٽر هجن جن وٽ اهي سهولتون موجود آهن اهي ماڻهو بس! مهيني جا چند سئو رپيا عملي
کي ڏئي سڪون سان ويٺا آهن. اسان کي بس هڪڙو پنگو هوا جي لاءِ هڪڙو بلبڙو روشنيءَ
لاءِ ڪافي آهي. درياهه خان لاٽڻ واريءَ لانڍيءَ ۾ گوڏ گنجي پاتل پاڻ کي وڃڻو هڻي
رهيو آهي ۽ پنهنجي منهن سان سور به پٽي رهيو آهي آهي. ڪنهن سان پيو ڳالهائين ٽوهه
جا پيءُ؟ خيران سندس زال پڇيس ٿي جيڪا ٿوري وٿيرڪي هيٺ تڏي تي رلي
سبي رهي آهي ۽ بعضي بعضي پاڻ کي وڃڻو به هڻي رهي آهي. خيران ڪنهن سان ڪونه پيو
ڳالهائيان، بس پنهنجي ديس جي بدحالي ۽ پنهنجي سماج جي بي حسي ٿي روئاري، اسان جي
خوشحال ڌرتي قدرتي نعمتن سان مالا مال پوءِ به اسان بدحالي واري زندگي گذاري رهيا
آهيون. اسان جي ڌرتي نااهل ظالم حڪمرانن ۽ ڪامورن جي هٿ وس آهي جيڪي ڌرتيءَ سان گڏ
عوام جو به ستيا ناس ڪندا وتن ٿا ۽ اسان جو سماج غفلت جي گهري سمنڊ ۾ غوطا کائي
رهيو آهي ۽ خيران مونکي هڪ ٻيو به خوف هر وقت ورائي ويندو آهي ته ڪٿي اسان فلسطينن
وانگر پنهنجي ڌرتي وڃائي نه ويهون. درياهه خان پنهنجي احساسن ۽ خدشن کي يڪ ساهي
بيان ڪري ويو ـ
چئين ته سچ ٿو ٽوهه جا پيءُ چوندا آهن ته ڪنهن ماڻهوءَ
ٻڪرار کي چيو ته ادا تنهنجون ٻڪريون گدڙ کائي ويا، ٻڪرار چيس ته ادا منهنجي واڙ جا
ڪتا ڀاڙي هئا نه ته گدڙن کي ڇا مجال جو منهنجون ٻڪريون کائي وڃن. چئين ته سچ ٿو
ٽوهه جي ماءُ لکيل پڙهيل خيران ۽ درياهه خان پنهنجي ڌرتي، سماج، حڪمران، ڪامورن جي
ڪردار تي ڳالهيو پئي ته سندن ڇهن سالن جو پٽ ٽوهه گهر ۾ داخل ٿيو، ڪپڙي جي هٿرادو
بجڪيءَ ۾ سندس ڪتاب ۽ بجڪي سندس ڪلهي ۾ ۽ سنڌ جي نقشي واري ٽوپي پاتل جيئن ئي
اسڪول کان واپس گهر ۾ آيو پيءُ ماءُ جو اڪيلو سڪيلڌو پٽ ڇهن ڀائرن جي مري وڃڻ کان
پوءِ ڄائو هو جنهن جو نالو ٽوهه رکيائون ته جيئن ٽوهه ڪوڙو آهي، تيئن هي پٽ به
اسان کي ڪوڙو آهي. اسان جي سماج جي هيءَ به هڪ نفستات آهي ته سٺا نالا رکڻ وارا
ٻار ناهن بچندا انڪري اهڙي قسم جا نالا رکن ٿا جيئن ٻار بچي پون. ٽوهه اچڻ شرط ئي
پيٽ ۾ سور جي دانهون ٿو ڪري امان بابا مونکي پيٽ ۾ سور آهي وارو ڪيو خيران ۽
درياهه خان ڊوڙندا اچن ٿا اسان صدقي پنهنجي ٻچي تان ڀاڪر ۾ وٺن ٿا ٽوهه پيٽ جي سور
جون شديد دانهون ڪندو رهي ٿو، خيران وارو ڪر پٽ کي سنڀال ته مان دودي کي سڏ ڪريان
ٿو. دودو درياهه خان جو ڀائٽيو آهي جيڪو سندن گهر ڀرسان رهندو آهي. دودو او دودا
پٽ وارو ڪر ٽوهه جي طبعيت صحيح نه آهي موٽر سائيڪل ڪڍ ته شهر کڻي هلونس. درياهه
خان جي چاپئين ڌاڙهي ڳوڙهن سان آلي ٿي چڪي هئي بس اجهو آيس چاچا دودي چيو. دودو ۽
درياهه خان ٽوهه کي شهر اسپتال کڻي وڃڻ لڳا ڳوٺ جو ڪچو رستو ٻه ڪلو ميٽر پري پڪي
روڊ کان پر ايڪهين صدي 2017ع ۾ به هي ڳوٺ ٻه سئو گهرن تي مشتمل پڪي روڊ ۽ اسپتال
جهڙين نعمتن کان محروم آهي، فقط پرائمري ٽيهه سال پراڻو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان گڏيل
اسڪول جنهن جي هن وقت زبون حالت آهي، چاليهه سالن کان هڪ ئي پارٽيءَ کي سکڻن نعرن
جي سحر ۾ اکيون موٽي ووٽ ڏيندا اچن پيا ۽ اها پارٽي ڪيترا ڀيرا اقتدار جا مزا ماڻي
چڪي آهي پر پوءِ به هن ڳوٺ جو حال اهو ئي آهي جيڪو هن وقت سڄي سنڌ جو آهي.
ٽوهه کي کڻي جڏهن پڪي روڊ تي پهتا ته سامهون ٽالهيءَ جي
ڇانو ۾ پوليس موبائيل بيٺي آهي ۽ ٻه سپاهي ورديءَ سان روڊ تي بيٺا آهن، سپاهين
اشاري سان بيهڻ جو چيو پر دودي وارن جو بيهڻ جو خيال ئي ناهي ڇو ته ٽوهه مسلسل سور
جون دانهون ڪندو رهي ٿو، ائين سپاهي وڌي اچي دودي وارن کي زوري بيهارين ٿا ٻه
پوليس وارا توهان کي بيهڻ جو اشارو ٿا ڪن ته بيهو ئي نه ٿا ڇا توهان ايترا معتبر
آهيو؟ هڪ سپاهيءَ روبدار لهجي ۾ ڳالهائيو گاڏيءَ جا ڪاغذ اٿو؟ ٻئي سپاهيءَ ڪاوڙ ۾ ساڳيو
سوال ڪيو. نه ڪاغذ نه آهن دودي جواب ڏنو. ڀلا سڃاڻپ ڪارڊ اٿو؟ سپاهيءَ وري سوال
ڪيو. نه ڪارڊ به نه آهن ٻنهين جواب ڏنو. گاڏيءَ جا ڪاغذ به نه آهن سڃاڻپ ڪاربه نه
آهن، معني گاڏي چوريءَ جي آهي. انهي گاڏيءَ سان ٻيون وارداتون ڪرڻ جو ارادو اٿو
هان، سچي سچي ٻڌايو نه ته هاف فراءِ ٿي ويندئو سپاهيءَ تمام داٻي واري لهجي ۾
ڳالهايو. ايتري جو تر جو بدنام ڏوهاري دوسو ون ٽو فاءِ موٽر سائيڪل تي اچي بيٺو
ڀريل گولين جو ميگزين جو پٽو چيلهه ۾ پيل ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف سپاهين سان کلي ڀاڪر
پائي مليو ۽ صوبيدار سان به ملڻ ويو صوبيدار جيڪو پوليس موبائيل ۾ فون تي ڪنهن سان
ٽهڪ ڏئي ڳالهائي رهيو هو. جيئن ئي دوسو کي ايندي ڏٺائين موبائيل فون رکي گاڏيءَ
مان لهي گرم جوشيءَ سان دوسو سان ڀاڪر پائي مليو چانهه ٿڌي جي صلاح ڪيائينس، پر
دوسو چيو هينئر تڪڙو آهيان رئيس وڏي حاجي صاحب گهرايو آهي ڪنهن ٻئي دفعي چڱو هلون
ٿا.
دودو ۽ درياهه خان حقيقت بيان ڪري رهيا هئا ته اسان تڪڙ ۾
هئاسين ان جي ڪري گاڏيءَ جا ڪاغذ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کڻڻ وسري ويا. هو سامهون ته اسان جو
ڳوٺ آهي اشاري ڪندي چيائون. بابا مان مري ويندس مونکي پيٽ ۾ ڏاڍو سور آهي ٽوهه جون
مسلسل دانهون دودي ۽ درياهه خان جي دل ۽ دماغ تي ڄڻ ڊرون حملا هجن. ڇا مسئلو آهي
صوبيدار سپاهين کان پڇيو، وڏا نه گاڏيءَ جا ڪاغذ اٿن نه شناختي ڪارڊ اٿن اسان کي
ڏوهاري پيا لڳن سپاهين پنهنجي انداز ۾ صوبيدار ٻڌايو، هيڏي موڪليو لوفرن کي
صوبيدار چيو.
اڙي جڙيل صاحب توهان صوبيدار کي ڏسندي درياهه خان ڳالهايو،
ڇا حال آ صاحب؟ منهنجو ٻچڙو سيرئيس حالت ۾ آهي جيڪو هن وقت چري ڦري به ڪونه ٿو.
توهان اسان جي پاڙي جا آهيو پنهنجو ست پيڙهين کان کائڻ پيئڻ جو واسطو آهي توهان
اسان کي ڄاڻو سڃاڻو ٿا ٻيلي خدا جي واسطي اسان کي ڇڏيو ته ٻچڙي کي ڊاڪٽر ڏي کڻي وڃون،
مونکي هي هڪڙو ئي ته ٻچڙو آهي، درياهه خان روئڻهارڪو ٿي منٿون ڪرڻ لڳو درياهه خان
جي دل مهين جي ڌڙي وانگر ڀرڻ لڳي.
توهان صحيح ٿا چئو اسان جي به ڊيوٽي آهي اسان جي به مجبوري
آهي پيٽ پالڻو آهي ۽ مٿي به باقاعدي سان ماهوار پئسا ڏيڻ پوندا. وڌيڪ پاڻ سياڻا
آهيو مان توهان کي ڇا چوان. صوبيدار اشارن ۽ ڪناين ۾ ڳالهائي منهن ٻئي طرف ڪري
ڇڏيو درياهه خان ٻه سو روپيا ڪڍي صوبيدار کي ڏنا ۽ صوبيدار اشارن سان وڃڻ جو چين.
درياهه خان جي اندر جا احساس زخمي ٿي پيا اکين مان ڳوڙهن جو
مينهن وسي پيس، اندر جو اندر ۾ خدا سان مخاطب ٿيو يا خدا هي آهي تنهنجي اشرف
المخلوقات، هي آهن انساني قدر وقت جي نامي گرامي ڏوهاري هٿيار سان ليس ان کان ڪابه
پڇا نه آهي! اسان وٽ رشتن لاڳاپن جو قدر ئي نه آهي، اڄ جو انسان بي حسيءَ جي اونهي
کاهيءَ ۾ اکيون ٻوٽي ڪرندو ٿو وڃي ڪنهن کي ڪنهنجو ڪو احساس ئي نه آهي، هڪ زندگي
موت جي وات ۾ آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي پيٽ جي لڳل آهي. سڀني ماڻهن جون اکيون ٻوٽيل
آهن ۽ خدا؟ درياهه خان خدا سان مخاطب واري خيال ۾ هو ته ٽوهه هڪ وڏي رڙ ڪئي ابا ۽
پنهنجي ٻئي هٿ پيٽ ۾ وجهي عضوا سڌا ڪري اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.