ھو ڪڻڪ جي
لابارن ۾ آيو ھو، ڪنھن کي خبر نه ھئي ڪير آھي؟ ڪٿان آيو آھي؟ ڇو آيو آھي.....؟
سڄو ڏينھن
وڏيري جي ھڙيءَ واري ديھ تي ڪڻڪ جو لاب ڪري شام جو ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي اوطاق تي
ورندو ھو. ھميشه خاموش رھندو ھو ڪنھن ڏي اکيون کڻي ڏسڻ جي ھمت به نه ھوندي ھئس،
ائين محسوس ٿيندو ھو ڪنھن ھن کان سڀ آواز کَسي ڇڏيا آھن، جھڙو زنده لاش ھجي...!!!
توڙي جي
اوطاق ۾ ايندڙ ويندڙن وچ ۾ ٽھڪڙو متو پيو ھوندو ھو پر ھو ڪُنڊ واري کٽ تي وھاڻي کي
ٽيڪ ڏيو خاموش ويٺو ھوندو ھو، ھن جي چھري تي اداسي جا ڪڪر ڇانيل ھوندا ھئا.
اھا خبر
صرف وڏيري ۽ ڪمدار کي ھئي ته ھو ڪير آھي ۽ ڪٿان آيو آھي،
وڏيري گلاب
خان جي اوطاق تي چور، لوفر، غريب، شريف جي اچ وڃ ھوندي ھئي.
اوطاق تي
ايندڙ ويندڙ مھمان جڏھن وڏيري يا نوڪرن کان ھن جي باري ۾ پڇندا ھيا ته کين ٻڌايو
ويندو ھو ته: مسافر آھي.
ڳوٺ جا
ماڻھو ھن کي مسافر جي نالي سان سڏڻ لڳا ھئا. ھو جڏھن ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي ديھ واري
ٻنيءَ تي ويندو ھو ته روڊ تي راند ڪندڙ ٻار ھن کي ڏسي ڀڄي ويندا ھئا.
وڏيري جي
گھران ھڪ ننڍڙو ماني کڻي ايندو ھو، جڏھن ھن اڳيان ماني رکندو ھو ته ٻار مسڪرائيندو
ھو، جڏھن سندس زندگي مان سڀ تنگ ھجن ھر ماڻھو ھن سان ڪرڀ ڪري انھن وچ ۾ ننڍي عمر
جو ھڪ ٻار جڏھن ھن ڏانھن ڏسي مسڪرائيندو ھو ته ھن اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي تہ
ٻار ھن کي ڏسي ڇو مسڪرائيندو آھي؟ موٽ ۾ ھو به مسڪرائيندو ھو.
ھن ڄاڻي
ورتو ته ٻار ڪمدار نبن جي پھرين مرحيات زال مان اڪيلو اولاد آھي، زال جي مئي کان
پوء ھن ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ پنھنجي معصوم پٽ کي وڏيري جي اوطاق بلي ڪري ڇڏيو.
چيٽ اُڪرڻ
کانپوء ڪَتيءَ جي پوکي لاء وڏيري ھن کي وونئڻن جي کِرَن ٺاھڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو
آھي، ھو سڄو ڏينھن کِرا کيڙي شام ٿيندي ئي ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي اوطاق تي ايندو آھي،
پھرين جيان خاموش ھوندو آھي. ھاڻ ڳوٺ جي ٻارن ھن کان ڀئو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي ھن کي
پري کان ايندو ڏسي ڌُوڙ جا ٻُڪ ڀري ھوا ۾ اڏرائيندي رڙيون ڪري چوندا آھن، چاچو مسافر...چاچو
مسافر..
ھاڻ ھن بابت سڄي ڳوٺ ۾
ھُل آھي ته ھو ڏوھاري آھي، ڳالھ ڪنھن ڪئي؟ ڇو ڪئي؟ ڏوھ ڪھڙو ڪيو اٿس؟ چون ٿا ته ھو
اُتر جو شيخ آھي، ھن نون سالن جي ٻار سان جنسي ڏاڍائي (زنا) ڪئي آھي.. جنسي ڏاڍائي
جو ڪيس داخل اٿس وڏيري گلاب خان ھن کي پناھ ڏني آھي، جيترا وات اوتريون ڳالھيون.
ڳوٺاڻا ڪرڀ ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳا اٿس.
ڪالھ شام
جڏھن ھو ڳوٺ جو وچون دڳ ڏئي اوطاق تي واپس اچي رھيو ھيو ته ھڪ ڳوٺاڻو ٻارن کي
ڀوائتا دڙڪا ڏيندو گھر وٺي ويو، ھو سڀن جي نظرن ۾ وحشي درندو ۽ ڪِريل انسان آھي.
جڏھن اھا
ڳالھ پکڙجي وئي ته ھو ھڪ وحشي درندو آھي ته ان ڏينھن کان ڪمدار جو پٽ به ھن کان
ڀئو کائڻ لڳو، ھن اڳيان ماني رکي ڏڪندو ڏڪندو موٽي ويندو آھي.
ھاڻ جڏھن
ھو ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي ويندو آھي ته ٻار ھن کي ڏسي گھرن ڏانھن ڀڄي ويندا آھن.
اڄ صبح
ڪمدار جو پٽ جيئن صبح جي چانھ کڻي آيو ته ھن ٻار ڏانھن ڏسي مسڪرايو ته ٻار ھن کي
ڏسي ھيسجي ويو ۽ نظرون جھڪائي ڇڏيس.
ڇا تون به
مون کي اھڙو ٿو سمجھين؟
ٻار ماٺ
ڪري پٺيرو بيھي رھيو.
مون تي
الزام آھي، مان بي ڏوھي آھيان، اڪيلي سِر دنيا وارن سان وڙھي به ته نٿو سگھان! ان
لاء خاموشي اختيار ڪئي اٿم.
چاچا مسافر
تون بي گناھ آھين ته ڇا پوء اھو داغ سڄي عمر کنيو وتندين؟
ٻار جي ھڪ
سوال ھن کي وري خاموش ڪري ڇڏيو، ھن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ٻار تڪڙين وکن سان ويندو
رھيو.
سڄو ڏينھن
ھن جي ذھن ۾ اھو سوال پڙاڏو بڻجي گونجندو رھيو!
"چاچا مسافر
تون بي گناھ آھين ته ڇا پوء اھو داغ سڄي عمر کنيو وتندين؟"
سانجھي
ويلي ھو ماني کڻي آيو ته بي پرواھ، بي خوف لڳي رھيو ھو، پر اکين ۾ ڪروڌ جي وھ جا
وٽا ڀريل ھئس.
ھن ماني
اڳيان رکندي کيس چيو ته: چاچا مسافر جيڪڏھن ماڻھون بيگناھ ھجي ته جيئري ئي ثابت
ڪري ڏيکاري، نت ان جو ڪيتو پوئينر لوڙيندا آھن.
ھُنَ تجسس
منجھان اکيون پٽي ٻار ڏانھن سواليه نظرن سان ڏٺو.
مان به تو
وانگر ڪنھن جي بي گناھي جي سزا پيو ڪاٽيان.
ھُنَ کي
ڳالھ سمجھ ڪونه آئي ٻيھر سواليه نظرن سان ٻار ڏانھن ڏٺائين.
منھنجي
ماءُ!
منھنجي
پيءُ گھر جي پويان اوپرا پيرا ڏسي منھنجي ماءُ کي ڪاري جو الزام ھڻي ماري ڇڏيو، ھو
آخر تائين ٻاڏائيندي رھي ته مان بي گناھ آھيان، پر ھن جي ڪنھن نه ٻڌي، امان بيگناھ
ھئي. امان ساک ڏيڻ لاء تيار ھئي پر منھنجي پيءُ شڪ جي بنياد تي امان جي مٿان ڪھاڙي
جا وار ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري ماري ڇڏيو، امان ته مري وئي پر اوپرن پيرن وارو اڄ ڪنھن کي
بہ ياد ناھي.
ھو ٻانھين
کي ٽيڪ ڏيو ٻڌائي رھيو ھو مسافر ان کي غور سان ٻڌي رھيو ھو.
منھنجي
ماءُ بيگناھ ماري وئي ۽ مون کي سڀ "ڪاريءَ جو ڦر" سڏيندا آھن. منھنجو
پيءُ مون سان به نفرت ٿو ڪري ۽ ٻي شادي کانپوء مون کي ماءُ جي بي گناھي جي سزا ڏئي
رھيو آھي. پر چاچا مسافر مان وڏو ٿي ثابت ڪندس ته منھنجي ماءُ بيگناھ ھئي!
ھن جي وھ
ڀريل نيڻن مان لڙڪ ڳڙي معصوم ڳلن کي پسائي رھيا ھئا.
مسافر ھن
کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پاڻ به روئيندو رھيو.
مان به
وحشي درندو آھيان!
اسان ٻه
ڀائر آھيون، منھنجي پيءُ جي مرڻ کان پوء منھنجي وڏي ڀاءُ بابا جي سڄي ملڪيت ڦٻائڻ
لاء مون تي الزام ھنيو ته مون ھن جي پٽ سان جنسي ڏاڍائي (زنا) ڪئي آھي. ھو منھنجو
وڏو ڀاءُ آھي جيڪڏھن مون کان قرب ۾ ملڪيت گھري ھا ته آءٌ کيس ڏئي ڇڏيان ھا.
ٻار ويندي
ويندي ھن کي ڪجھ چئي ھليو ويو.
مسافر کان
ماني کاڌي نه ٿي.
اھا اوڻٽيھ
جي اماس رات ھئي، ڪتا سڄي رات ڀونڪندي ڪنھن الميي جو پيغام ڏيندا رھيا.
رات جي
پونئين پَھر اوطاق جي اڳڻ ۾ پدمڙن پيرن جو آواز ٿيو، جيڪي ھلندا مسافر جي کٽ تائين
آيا. ٻار مسافر کي ننڊ مان اٿاريو ان اماس رات ۾ ھو ٻئي ڳوٺ مان گم ٿي ويا. اڄ
ڏينھن تائين انھن جو پتو ناھي پيو.