ھن سگريٽ
جو دونهون اندر جي پيڙاء منجھان تيز رفتار ۾ ڪڍيو ۽ ڏور آڪاس ۾ نھاريندو رھيو، اڀ
تي شفق جا چپر ڇانئجي ويا ھئا، پکي پنھنجا گھر تلاش ڪري رھيا ھئا ۽ ھو سڪون! سڪون
ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان! سوچي رھيو آھي!
جڏھن کان
ھو يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ڪري آيو ھو ته ڀٽڪندو رھي ٿي، ڪنھن ماء کان وڇڙي ويل
ٻچي جھڙي تڙپ اٿس, سارو ڏينھن رولاڪيون ڪندو ھيئر ھو گھر پھتو آھي، رات پنھنجا
پَرَ ڌرتي تي پکيڙي ڇڏيا آھن. آڪاس جي چولي تي ستارا شيشن جيان چمڪي رھيا آھن، ۽
چنڊ اسٽيل جي گلاسن جي وچ ۾ پيل شيشي جي گلاس جيان ٻھڪي رھيو آھي! پر ھو اداس آھي،
بستري تي ليٽي رھيو آھي، لڇي رھيو آھي ۽ سوچي ٿو، سڪون ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش
۾ آھيان.
ساري رات
سوچ جي لوچ ۾ تڙپندي، لڇندي، ڦٿڪندي گذري وڃيس ٿي، نيٺ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي ٿو، آفق تي
لالڙي جھڙيون ريکائون سج جي آجيان ڪن ٿيون، ھاري جوڙو جوٽي ٿو ڏاندن جا چڙا وڃن
ٿا، ولر چراگاهه ڏانھن ڪاھن ٿا، گھنڊڙين مان صدين جي سازن جا ٿڪيل آواز اچن ٿا ولر
جي کرن مان ڌرتي جي ڌوڙ اٿي ٿي، ماحول ۾ ميرانجھڙي سُڳند ڇانئجي وڃي ٿي، ڏور ڪنھن وڻ
مان ڪوئل جي ڪو-ڪو جا ٻول ٻڌجن ٿا، ھو اٿي ٿو....
پسار جي
خيال سان گھر کان ٽلھندو واھ جي ڪنڌي وٺي ٿو. پاڻي جي وھڪري جا سرڙاٽ سندس اندر جي
اڌم جيان لڳي رھيا آھن. اندر ۾ ڪا ولوڙ اٿس جھڙي پاڻي ۾، ماحول ۾، ڪوئل جي آواز ۾.....!
ھو ھلندو
ھلندو ڍوري ۾ پھچي ٿو، ھر طرف لئين جا ٻروٽا آھن. ننڍا وڏا ٻروٽا، ٿڙ، پکي،
ٻوليون، مينھن جي پيرن جا نشان.....
ھو سوچي ٿو
آخر سڪون ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان!
سندس ذھن
تي ماضي جو ھڪ ان وڻندڙ لمحو تري اچيس ٿو جڏهن آخري سيميسٽر جي ڏينھن ۾ مرڪ ھن کي
ويٺي ويٺي چيو ھو، سائل! مون کي ڪجھ چوڻو آھي. ۽ ھن چيو ھيس جي چئہ، ھن پنھنجو مٿو
سائل جي ڪلھي تان ھٽائي کيس چيو ھو تہ سائل تو لاء منھنجون فيلنگس ختم ٿي ويون آھن
مان ڪجھ ڏينھن کان زبردستي پاڻ کي توسان گڏ ھلي رھي آھيان، ان وقت ھن سموري ڪائنات
اٿل پٿل ٿيندي محسوس ڪئي، سندس اکين جي بندن پويان اڏيل خوابن جي دنيا کي وڇوڙي جي
باھ وڪوڙي وئي، اچانڪ سان اھو ٻڌي ھن چيو شايد مرڪ مذاق ڪري رھي آھي پر جڏھن ھو
گھر ھلي وئي ۽ ھو بار بار ڪال ته چوندو ھيو مرڪ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي اسان جو
ھڪٻئي گڏ جيئڻ جا خواب ڏٺا آھن، تو واعدو ڪيو ھو، مون کي اڪيلو نه ڇڏي وينديئن، پر
ھر ڀيري مرڪ جو ھڪ ئي جواب ھيو ته پليززز سائل مون کي مجبور نه ڪر! تولاءِ منھنجون
فيلنگس ختم ٿي چڪيون آھن، نيٺ مرڪ ھن کي ھميشه لاء ڇڏي ھلي وئي ۽ ھن پاڻ کي ڪيترو
وقت ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، ۽ جڏھن آخري سال جا ڪجھ مھينا اچي بچيا ته يونيورسٽي وڃڻ
لڳو انھن ڏينھن ۾ ھن کي خبر پئي ته مرڪ جي مڱڻي ٿي وئي آھي، ۽ اھا بي خبر پئي ته
اھو پيار جو رشتو آھي، ھن سڀني سامھون پاڻ سنڀالي ھيڊي مرڪ مرڪي وراڻيو ھيو ته:
منھنجي دعا آھي جنھن سان به ھجي خوش ھجي.
ھن ٿڌو
شوڪارو ڀري ماضي کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي.
ھاڻ
ھو ڊگري مڪمل ڪري ڳوٺ واپس آيو آھي. ھن جو
مزاج اڻ وڻندڙ ٿي ويو آھي گھر وارن کي ته سمجھ ئي نٿو ڏئي، دوستن يارن کي جواب ڏيڻ
ڇڏي ڏنو اٿائين، نه ننڊ پوري اٿس نه پنڌ کٽيس ٿو، نه ھنڌ تي آرام ٿو اچيس، ھو سوچي
ٿو؛ آخر سڪون ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان..!
سج نرواڻ
اچي ٿيو آھي، ھاري جوڙو ھڪلي پگھرجي ويو آھي ۽ جوڙي پويان کڙن تي ڊوڙي ڊوڙي سھڪي
پيو آھي، پير ٿڪجي پيا اٿس.
ھو سوچي ٿو آخر سڪون ڪٿي آھي،
سوچيندو
سوچيندو گھر واپس اچڻ ساڻ ئي ڪتابن جي ڪٻٽ جا پڙ کولي ٿو، ڪتاب ڌوڙ جي ھولي کيڏي
رھيا آھن، ھن ڊائري کنئي ۽ واپس کٽ تي ويھي لکڻ شروع ڪيائين:
"جڏھن کان سانڀر آئي ته
تو مون کي حسين خواب ڏيکاريا، افق تي سَجيل انڊلٺ جي رنگن جھڙا رنگين خواب، اُماس
راتين ۾ تو محبت جي ڌاڳن مان شاھي پَرَ اُڻي مون کي پرواز ڏني، منھنجي من جي
جھوپڙي مان تو مون کي ليئو پارائي اڀ جي
چولي تي چنڊ ڏسيو. ۽ پوء مون کي ڪارين اونداھ راتين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي، مون کي
پاپن جي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ھلي وئينَٔ! آخر ڪنھن جي سھاري؟
منھنجي من جي شانت کي اکيڙي منھنجي خوابن جي
روپا ماڙيءَ کي باھ ڏئي وئي آھين، جنھن کان پوء مون کي سڪون ناھي، مان سڪون
جي تلاش ۾ جھر جھنگ ڀٽڪندو ٿو وتان مون کي ڏَس سڪون ڪٿي آھي؟ تو ئي ته چيو ھو
وڇوڙو انسان کي مضبوط بڻائيندو آھي محبوبائن کان وڇڙيل عاشق دنيا کي ڀاڪر پائي
پنھنجون ننڍيون ننڍيون ڪائناتون تخليق ڪندا آھن. پوء ڇو؟ ڇو تو منھنجي تخليق ٿيندڙ
ڪائنات کي وڇوڙي جي ھوا جي جھوٽي سان پل ۾ ڍاھي ڇڏيو؟ منھنجي ننڍڙي حسين دنيا
منھنجي ڪائنات ھئي، جنھن ۾ مان خوش رھندو ھيس، مون کي سڪون ميسر ھيو مون کي ڪو دڳ
تي ڏسي وڃي ھان جتي سڪون ھجي ھان! مون کي سڪون گھرجي! مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان!
مان تڙپان ٿو، لڇان ٿو، جيئان ٿو مران ٿو وري مران ٿو، وري جيئان ٿو، تلاشيان
ٿو ....!!! "
ھن جي اکين
مان اشڪ ڳڙي ڊائري تي ڪرن ٿا، ھو اشڪ اُگھي ٿو ۽ گھرو ٿڌو ساھ کڻي ٿو، ۽ ڊائري
واپس ڪٻٽ ۾ رکي موبائل کڻي گھر کان ٻاھر وڃي رھيو آھي.
دڳ جي
ٽي-واٽي تي رکي کجيءَ جي ٿڙ تي ويھي سگريٽ دکائي آزاد فضا جي چولي تي
تيز رفتار سان نڪ مان دونھون ڪڍي ميرو ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري ٿو، ھوا جي چولي جا لھرائيندڙ پاند دونھين کي جذب ڪري وڃن ٿا.
ھن موبائل
کولي ته ٿوري دير ۾ ھڪ ميسيج آيو. ھن سگريٽ جي اونھي ڪش سان دونھون پنھنجي اندر ۾
اوتي من جي ڀڃ ڍاھ کي واس ڏيندي ھڪ نظر ميسيج تي وڌي.
ھن جي
فرانس جي ڪنھن يونيورسٽي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاء اسڪالرشپ منظور ٿي وئي آھي، ھن جي چھري
تي ڪو خوشي جو تاثر نہ ھيو. ھو واپس گھر ڏانهن ڳرا قدم کڻندو اچي ٿو، ۽ گھر اچي
پنھنجي گھر وارن کي ٻڌائي ٿو، ماء پڙ ڪڍي بيھي ٿي ته آء توکي ٻاھرين ملڪ ڪونه
ڇڏينديس پيءُ ھن جي حمايت ۾ آھي نيٺ سڀ راضي ٿي وڃن ٿا.
ھو ٻئي
ڏينھن سامان سھيڙي ٿيلھي ۾ وجھي ٿو ۽ ڪٻٽ مان ڊائري کڻي ٿيلھي ۾ وجھي ٿو. ۽ ٽئين
ڏينھن صبح جو سوير پئُ سان گڏ
ايئرپورٽ لاء روانو ٿئي ٿو ته ڌرتي اکيون پٽيون آھن ۽ افق تي لالاڻ جا رنگ پکڙيل
آھن، ھاري جوڙو جوٽيو آھي، ولر صدين کان ٿڪيل گھنڊڙين جا ساز وڃائيندو چراگاهه
ڏانھن ڌوڙ اڏرائيندو پيو وڃي، ڏور ڪنھن وڻ تي ڪوئل سڏڪي رھي آھي ۽ ھي پکين سان گڏ
دڳ وٺيو ديس جا دڳ لتاڙي ولاديت وڃي رھيو آھي.
پيءُ
ايئرپورٽ تي ڳراٽي پائي موڪلائيس ٿو، ھاڻ ھو جھاز ۾ وڃي ويٺو آھي، دري کان آخري
ڀيرو ديس جي ڌرتي تي ھڪ نگاھ وجھي فون کولي مرڪ ڏانھن آخري ميسيج ڪري ٿو:
"ھن آڪاس جي
ھيٺان راڪاس رھن ٿا منھنجي دنيا اجڙي وئي آھي ھن ديس ۾ مون کي سڪون نٿو اچي اڄ
اپسراء جي ڏسيل خوابن جي دنيا مان جان آجي
ڪرايو وڌيڪ پڙھڻ لاء فرانس وڃي رھيو آھيان. ڇو ته مون کي سڪون جي تلاش آھي مون کان
ڪنھن سڪون کسي ڇڏيو آھي مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان".
ميسيج سينڊ
ڪرڻ جي دير لڳي ۽ جھاز اڏام ڀري ھوائن کي چيريندو اٺن ڪلاڪن ۾ جھاز فرانس جي
ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو والٽيئر ۽ روسو جي ڌرتي ھن جي آجيان ڪئي ھو ايئرپوٽ کان ھيٺ
آيو ته اداري جي بس ھن جو انتظار ڪري رھي ھئي بس وڏيون وڏيون آسمان سان ڳالھيون
ڪندڙ عمارتون، پلون ۽ پلازه جھاڳيندي قسمن قسمن جي وڻن ھيٺيان گذرندي منزل تي پھتي
سڀئي مسافر بس مان ھيٺ لٿا سامان بس جي
ٽول مان لاٿو ويو. ھڪ سفيد رنگ جي ڇوڪري مٿي تي انگريزي ڪيپ پاتل سڀني کي ڪجھ
چيو سڀ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا ھن ڏٺو ھر چھري
تي سڪون آھي، ماڻھو پنھنجن مصروفيتن ۾ رڌل آھن فٽ پاٿ تي موسيقڪار ڳائي وڄائي
مداحن کي نچائي انعام وصول ڪري رھيو آھي.
صاف سٿري
گھٽيءَ مان ڇوٽن ڪڇن سان ڇوڪريون گذري رھيون ھيون سڀن جي چھرن تي خوشي ٻھڪي رھي
ھئي، ڪنھن کي ڪنھن مان خوف نه ھيو سڀئي پراعتماد نظر اچي رھيا ھئا.
ھن کي
ھاسٽل تي 30 نمبر روم مليو، رات جا 8 ٿي رھيا ھئا ھو فريش ٿي ماني لاء ڪمري مان
نڪتو ھن جي ڀر واري ڪمري مان ھڪ ڇوڪري نڪتي، ھن ڇوڪري ڏانھن ڏٺو ۽ ڇوڪري ھن کي
ڏسندي ھيلو ھاء ڪئي، موٽ ۾ ھن به کيڪاريو، ھو ھلندو وڃي ڪينٽين تي ويٺو، اڃا سوچي
رھيو ھو ته:
سڪون ڪٿي آھي؟ مون کي ھتي سڪون ملندو الائي نه؟
اتي ئي ھن جي ڀر ۾ ساڳي ڇوڪري مسڪرائيندي اچي
ويٺي ھن پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته: منھنجو نالو ميري آھي، مان فلپائني آھيان ھت تاريخ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ
لاء آئي آھيان.
ھن تعارف
ڪرائيندي چيو ته؛ منھنجو نالو سائل آھي، مان ادب جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاء پاڪستان
کان آيو آھيان، ٻنھي جي سٺي عليڪ سليڪ ٿي
وئي ھو ماني کائي گڏ اُٿيا ۽ گڏ رومن تائين ويا.
ھو روم
کولي بيڊ تي ليٽي پيو
ھن کي اھو
سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي وئي ته الائي ھتي سڪون ھوندو الائي نه..
صبح جو
ڪمري جي گھنٽي وڳي اداري جو ماڻھو آيو جنھن ھن کي يونيورسٽي جو ٽائيم ٽيبل ڏيندي
چيو ته اٺ ڏينھن کان پوء توھان جا ڪلاس شروع ٿيندا ھي اٺ ڏينھن توھان کي ڏنا ويا
آھن ته توھان گھمو ماحول ڏسو ته جيئن فرانس جي قانون ۽ رھڻي ڪھڻي کان واقف ٿي سگھو
ھو اڃا ٽائيم ٽيبل ئي ڏسي رھيو ھو ته ٻيھر ڊور بيل وڳي ھن ھائوڪار ڪئي فلپائني
ڇوڪري اندر آئي ھن کي چيائين ته اڄ آء سمنڊ تي وڃي رھي آھيان توھان ڪمپني ڏئي سگھو
ٿا؟ ھن ھائو ڪئي ٿوري دير ۾ بس پڪڙي سمنڊ تي لٿا ھر طرف مختصر ڪپڙن ۾ ننڍا وڏا
پڪيون پوڙھيون چانديءَ جھڙي واريءَ تي ليٽي رھيون ھيون، ھو بينچ تي ويھي سمونڊ جي
لھرن ڏانھن گھرائي سان ڏسي رھيو ھو
ھن جي ڀر ۾
ويٺل فلپائني ڇوڪري ھن کان پڇيو: ڇا پيو سوچين؟
ھو سوچن جي
پاتال مان پاڻ بچائيندو ھيڊي مرڪ مرڪي جواب ڏنائين: ڪجھ به ته نه!
سائل ھڪ
ڳالھ چوان؟
ميري ھن
ڏانھن ڏسي چيو؟
ھون-جي چئو..
مون کي
تنھنجي اکين ۾ صدين جو ٿڪ، ۽ قديم ماڳن جھڙي جھونائپ ٿي نظر اچي ان جي پويان ڪو
سبب؟؟
ھن ٿڌو
شوڪارو ڀري چيو: ھا! منھنجي من جي محل کي ڪو مسمار ڪري ويو ان کان پوء مون کي سڪون
ناھي مان سڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رھان ٿو.
ائين ھو
ڪجھ وقت خاموش رھيا!
ميري ھن
ڏانھن نھاري چيو: سائل ڇا پاڻ ٻئي دوست ٿي سگھون ٿا؟ ھڪ ٻئي جو ھڪٻئي جو سھارو؟
ھن کي اھو
ڏينھن ياد اچي ويو جڏھن مرڪ کيس سڀني جي سامھون پيار جو اظھار ڪيو ھيو.
ھو چپن ۾
ڀڻڪيو: "تو نھیں تو اور سھی اور نھیں تو کوئی اور سھی"
ھن ميري
ڏانھن مسڪرائي ڏٺو ۽ ميري ھن جي ھٿ کي پنھنجي ھٿ ۾ پڪڙيو.
ٻئي بينچ تان اٿي ھلڻ لڳا ميري فلپ ٻولي ۾ گانو
چوندي ٿي وئي ھن محسوس ڪيو ته ولر جي گھنڊڙين مان من کي شانتي بخشيندڙ آواز اچي
رھيو آھي ڏور ڪوئل جي گونج ۾ خوشي سمايل آھي اڏامندڙ واريءَ مان ھن کي سڪون
بخشيندڙ سڳند اچي رھي ھئي.
ميري جا
ھوا ۾ اڏرندڙ وار ھر ھر ھن جي چھري کي چمي رھيا ھئا، ھن پنھنجي نئين دنيا جا گونچ
ڪر کڻندي محسوس ڪيا.
ھن ٿڌو
شوڪارو ڀري چيو سڪون.. سڪون.. منھنجي نئين دنيا منھنجو سڪون...
No comments:
Post a Comment