مورو شهر علم ادب جي حوالي
سان سنڌ توڙي هند ۾ اهم حيثيت والاريندڙ آهي. هن شهر جا ڪيترائي ناميارا،
تاريخدان، محقق، اديب، شاعر، تعليمي ماهر، استاد ۽ سماجي درد رکندڙ مشهور آهن. جن
۾ سنڌي ادب جي اسلامي ناول “سندري” جو بنياد وجهندڙ عالم اديب، شاعر، صحافي، حڪيم
قاضي عبدالخالق خليق مورائي پڻ آهي. جڏهن ته هند ۽ سنڌ جو ڪهاڻيڪار ناصر مورائي پڻ
هن ئي شهر سان تعلق رکندڙ آهي. ان کان علاوه تعليم جي ميدان ۾ پروفيسر نظير احمد
قاضي، سيد علي بخش شاهه، سائين رستم خان خميساڻي، سائين محمد ڇتل سرهيو، سيد جعفر
علي شاهه، فيض محمد سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي ناميارا استاد ٿي گذريا آهن. هن وقت سنڌي
علم، ادب، تحقيق ۽ تاريخ تعليمي ۽ سماجي خدمتون ڏيندڙ پروفيسر شمشاد احمد سومرو
جنهن جو پڻ علمي، ادبي ۽ استاد گهراڻي سان تعلق آهي.
سندس جنم 6 سپٽمبر 1963ع
ڌاري موري شهر جي سومرا محلا ۾، موري جي جهوني اديب، ناول نگار ۽ 60 ڪتابن جي خالق
فتح الدين سومرو “بيدار مورائي” جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم دل چنڊ ۽ احمد
شاهه اسڪول مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته مئٽرڪ 1978ع ۾ هاءِ اسڪول موري مان ۽ انٽر
پري ميڊيڪل مهراڻ ڪاليج مورو مان 1980ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪيائين. بي اي 1984ع ۾
سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايم اي ايڪانامڪس ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس پڻ سنڌ يونيورسٽي
مان ڪئي اٿن، جڏهن ته ايم اي سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان
1990ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيل اٿن. ان سان گڏوگڏ بي ايڊ پڻ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي
اسلام آباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي اٿن، جڏهن ته ايم فل شاهه نصير نوشهرائي ۽ ان
سلسلي جا شاعر جي عنوان تي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي اٿن.
پاڻ تعليم کاتي ۾ 1993ع کان
هڪ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ هن وقت گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج
مورو ۾ سنڌي ادب جي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيا آهن.
پاڻ تاريخ، تحقيق ۽ علم ادب
سان بي پناهه لڳاءِ رکن ٿا، کيس ننڍپڻ کان وٺي گهر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول مليو،
1982ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس لاڙو تحقيق ڏانهن رهيو آهي، سندس پهريون
تحقيقي ڪم “مورو جي قاضي خاندان جي علمي، ادبي، سياسي ۽ ديني خدمتن جو تحقيقي ۽
تنقيدي جائزو” آهي جيڪو “جوڳيئڙا جهان ۾” جي نالي سان مڪمل ڪيو اٿن . پروفيسر صاحب
1993ع کان ساهتي جي تاريخ ( ضلعي نوشهروفيروز) تي ڪم شروع ڪيو ۽ ڪيترن ئي موضوعن
تي تحقيقي ڪتاب تيار ڪيا اٿن جن ۾ ساهتي جون وستيون ۽ واهڻ، ساهتي جا صوفي بزرگ ۽
شاعر، ساهتي جا ساهتڪار (ورهاڳي کان اڳ ساهتي جا هندستان لڏي ويل اديب ۽ شاعر)،
ساهتي جا سرجڻهار، ساهتيءَ جا ماڳ ۽ مڪان، ڪافيءَ جو باڪمال صوفي شاعر شاهه نصير،
سندس طالبي سلسو فن ۽ فڪر، مخدوم نجيب ۽ ريلائي بزرگ، موري جا مور ( 100 کان مٿي
موري جي علمي، ادبي شخصيتن جا پروفائيل لکيا اٿس)، نيهه ڪيم نروار، جيد عالم، اديب
۽ شاعر قاضي مولوي محمد صادق مورائيءَ جي شاعري ۽ سوانح ۽ سنڌ
جي انمول صوفي ۽ ڪافيءَ جي باڪمال شاعر سائين سيد سليمان شاهه “بودلائي” جي شاعري
۽ سوانح اچي وڃن ٿا.
ان سان گڏوگڏ پروفيسر شمشاد
احمد سومرو سنڌ جي مختلف تاريخي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي سيمينارن ۽ ميڙاڪان ۾ پنهنجا
تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪندو رهيو آهي، جيڪي پڻ مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا
آهن، پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جو 1984 -85 ۾ سيڪريٽري رهيا آهن.
هن وقت پاڻ سنڌ جي قداور سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جا جنرل سيڪريٽري پڻ بنا مقابلي چونڊجي آيا آهن ۽ سگا موري جي طرفان صحت، تعليم، ثقافت ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن ۽ سگا مورو شاخ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي 1976 کان 2021 تائين تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ هڪ ڪتاب “سگا منهنجي ساهه ۾” جي نالي سان لکي رهيا آهن.
