سردار ٻرڙو: پنھنجو مڪمل تعارف، جنم، ٻاروتڻ ۽
تعليم، خاندان بابت ڪجھ ٻڌايو؟
سيما چانڊيو: منهنجو اصل نالو سماني ۽ ادبي نالو
سيما چانڊيو آهي، آئون ضلعي ميرپورخاص جي شهر نئون ڪوٽ جي آهيان، جيڪو
منهنجو جنم ڀومي پڻ آهي، آئون مشڪل سان مئٽرڪ ئي ڪري سگهي آهيان، اسين پاڻ ۾ ٽي ڀائر
۽ چار ڀينرون آهيون، آئون
ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀ کان وڏي آهيان، مون پنهنجي خاندان
۾ ئي شادي ڪئي آهي ۽ مون کي هڪ پٽ جو اولاد آهي.
شاعرہ ۽ ڪھاڻيڪارہ سيما چانڊيو |
سردار ٻرڙو: ادب ڏانھن لاڙو ڪيئن ٿيو ۽ اوھان جي
پھرين تخليق ڪھڙي ھئي، ان تخليق
جو پس منظر پڻ ٻڌائيندا؟
سيما چانڊيو: مون پهرين ڪهاڻي پبلش ڪرائي هئي، جيڪا هزار داستان ۾ فيبروري 2014ع
۾ ”ننڍڙي پري“ جي عنوان سان پبلش ٿي هئي، جيڪا هڪ واقعو هڪ حادثو هو، جنهن جو گهڻو تعلق منهنجي ذات سان هو، جنهن کي ڪهاڻي جو نالو ڏئي ويٺي هئس. ان کان اڳ ننڍا ننڍا شعر، تحريرون،
مضمون، ڊائري جا ورق ڊائرين تي لکندي هئس، ادب پڙھڻ
جو شوق پرائمري کان هو، جڏهن تہ گهر ۽ خاندان ۾ پري پري تائين تعليم ۽ ادب جو
ڏس پتو نہ هو. بابا اڪثر گهر کان ٻاهر اتر پاسي ڏانهن
نوڪري ڪندو هو، بابا کي اولاد کي
تعليم ڏيارڻ جي خواهش هئي، جڏهن تہ گهڻو پٺتي پيل ڳوٺاڻو ماحول هو، مرد جي تعليم جو بہ تصور نہ
هو، آئون پهرين ڇوڪري هئس خاندان ۾ جيڪا ڳوٺ ڇڏي شهر پرائمري کان اڳتي پڙھڻ وئي
هئس. اسڪول جي خرچي مان اسڪول کان ايندي هاڪر کان
روزانو اخبار ضرور وٺندي هئس، اخبار کان پوءِ
رسالا، مئگزين پڙھڻ ڏانهن دل ڇڪبي هئي،پوءِ ٻيا
ادبي ڪتاب لِڪ ۾ گهرائي پڙھندي هئس، بابا کي منهنجو ادبي ڪتاب پڙھڻ بلڪل بہ پسند نہ
هو. اگر غلطي سان ڪو ڪتاب گهر ۾ ڏسي ويندو هو تہ ڦاڙي اڇلائي ڇڏيندو هو، امان کي چوندو هو ”هنن ڪتابن ۾ رڳو عشق جون ڳالهيون هونديون آهن
ڇوڪري کي نہ پڙھڻ ڏي اهي ڪتاب
دماغ ۾ ويهي ويس تہ ڀڄي ويندي.“ پوءِ
امان دڙڪا ڏيندي هئي، گهر ۾ وڙهندا هئا تہ
ڪتاب اسڪول جي سهيلين وٽ رکندي هئس، اسڪول ۾ پڙهي واپس انهن کي ڏيندي هئس، ڏاڍو
جُنون هوندو هو ادبي ڪتابن پڙھڻ جو. ان وقت مون سوچيو بہ ڪونہ
هو تہ مطالعي جو هيءُ شوق مون کي ليکڪ بڻائي ڇڏيندو،
آئون لکندي ويس پڙهندڙن پاران موٽ ملندي وئي حوصلو وڌندو ويو هاڻ سوچيان ٿي اندر ۾
اهو لڪل تخليقڪار هو، جنهن ادب
ڏانهن ايڏو ڇڪيو جو ذلتن اذيتن ملڻ باوجود بہ
ڪٿي ٿڪجي هار نہ مڃيم.
سردار ٻرڙو: جيتري تائين مون کي خبر آھي تہ اوھان نظم گو شاعرہ بہ آھيو تہ
ڪھاڻيڪارہ پڻ! اوھان جا پڙھندڙ اوھان کي ڪھاڻيڪارہ جي حيثيت سان سڃاڻين يا شاعرہ جي حيثيت سان؟
سيما چانڊيو: مون کي جيڪا پڙهندڙن پاران موٽ
ملي
آهي سان منهنجي نظم توڙي ڪهاڻي کي هڪ جيتري ملي آهي. مان نٿي سمجهان تہ منهنجي نظمن يا ڪهاڻين مان ڪنهن هڪ صنف کي
وڌيڪ پڙهيو ويو آهي.
سردار ٻرڙو: اوھانجي نظر ۾ شاعري ڇا آھي ۽ ھن وقت
جيڪا شاعري سرجي رھي آھي ان بابت ڪا راءِ؟
سيما چانڊيو: شاعري
فطرت جو انمول تحفو آهي، خوشنصيب آهي اهو ماڻهو جنهن وٽ جذبن جي اظهار لاءِ شاعري
جي زبان آهي، موجودہ وقت ۾
سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم جت هڪ ٻئي تائين تڪڙو پنهنجو خيال پهچائڻ جو ذريعو آهي
اتي واھ واھ جي خواهش پويان ڪجھ شاعر/شاعرائون شاعري سان انصاف نٿيون/ نٿا ڪن.
سردار ٻرڙو: سنڌي ادب ۾ عورت لکارين سان سينيئرز
جا رويا ڪھڙا آھن؟
سيما چانڊيو: جيسيتائين منهنجو واسطو پيو آهي اصلاح
حوصلا افزائي کان وڌيڪ پاڻ پڏائڻ ساڙ حسد گهڻو آهي.
سردار ٻرڙو: فيمنزم ۽ عورت آزادي اوھان جي نظر ۾؟
سيما چانڊيو: عورت جي آزادي مرد جي آزادي سان سلهاڙيل
آهي غريب ملڪن جو مرد بہ غلام آهي، معاشي طور غريب آهي هو پنهنجي غلامي جي ڪاوڙ
عورت مان ڪڍي ٿو، جتي مرد باشعور آهي دال روٽي لاءِ پريشان ناهي ان گهر جي عورت بہ ٻين جي ڀيٽ ۾ نسبتن سکي آهي عورت ۽ مرد هڪ ٻئي
جو حصو آهن مغرب ۾ بہ عورت آزاد
هئڻ باوجود مرد کان پري ناهي، پر اسان وٽ ڪجھ
بيگمات فينمزم جو نعرو هڻي مردن کي گاريون ڏين ٿيون جيڪو منهنجي خيال ۾ صحيح ناهي
پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ فيمنزم جي پرچار ڪندڙ عورتن مان اڪثريت انهن جي آهي جيڪي
خود عورتن جي حقن تي ڌاڙو هڻي ڪنهن نہ
ڪنهن مرد جي سيڪنڊ وائيف آهن. عورت کي پوئتي ڌڪڻ انهن جو پيشو آهي.
سردار ٻرڙو: بين الاقوامي سطح تي ڪھڙي عورت واد
اڳواڻ کان متاثر آھيو؟
سيما چانڊيو: سنڌ جي ڳالھ ڪجي تہ ادي عائشہ
ڌاريجو کان سواءِ ڪا بہ عورت، عورت
جي حقن لاءِ سنجيدہ
نظر ناهي آئي.
سردار ٻرڙو: ڇا اھو درست آھي تہ مجازي عشق جا پيچرا عام ماڻھو کي ادب جي گھاٽ
تي آڻي بيھارين ٿا؟
سيما چانڊيو: ڪو چوي ٿو عشق ادب ڏانهن ٿو وٺي وڃي، ڪو
چوي ٿو ادب عشق ڏانهن ٿو وٺي وڃي. پر عاشق سڀ ڪو آهي اديب سڀ ڪو ناهي. ادب عشق جو
ادب سيکاري ٿو ۽ عشق ادب جو عشق سيکاري ٿو!
سردار ٻرڙو: بين الاقوامي ادب ۾ ڪنھن ڪنھن کي
پڙھيو اٿوَ ۽ ڪنھن کان متاثر آھيو؟
سيما چانڊيو: سارا شگفتہ ۽ امرتا پريتم کي گهڻو پڙهيو تہ نہ
آهي پر پسند گهڻو ڪندي آھيان.
سردار ٻرڙو: ادب ۾ اچڻ کان پوءِ پنھنجي مزاج ۾ ڪا تبديلي محسوس ٿي؟....ڪھڙي؟
سيما چانڊيو: ها بلڪل علم برابر ٽين اک آهي، پر ادب
شعور جو ٻيو پاند آهي ادب ۾ اچڻ کان پوءِ
منهنجي سامهون هڪ نئين دنيا کُلي، نوان گس
نوان مقصد مليا ان کان پهريان آئون جذباتي روئڻي ۽ تڪڙا فيصلا ڪندڙ ڇوڪري هئس. ادب
پڙھڻ لکڻ کان پوءِ مون پاڻ ۾ بردباري، صبر،
سنجيدہ ۽ بهتر فيصلا ڪرڻ جي سگھ محسوس ڪئي. اگر آئون
ليکڪہ نہ
بڻجان ها تہ شايد خودڪشي ڪري
ڇڏيان ھا.
سردار ٻرڙو: زندگي جو ڪو يادگار واقعو؟
سيما چانڊيو: هر حساس ماڻهو ماضي کي نٿو وساري
سگهي، اهڙو ڪو مخصوص پل ناهي جنهن کي هر هر ياد ڪجي.
سردار ٻرڙو: ادب ۾ اچڻ کان پوءِ ڪٽنب مان ڪو ناراض ٿيو؟
سيما چانڊيو: ڪو ڇا؟ پورو راڄ ڀاڳ منهنجي لکڻ جي
خلاف هو، 2021ع تائين تہ منهنجي فيملي کي بہ ڄاڻ نہ
هئي تہ ڪو آئون لکندي آهيان، جڏهن ڳالھ کلي تہ اهڙين اهڙين اذيت کي منهن ڏنو جيڪي فلحال هتي ٻڌائي نہ ٿيون سگهجن.
سردار ٻرڙو: ڪھڙي ڏيھي تخليقڪار کان متاثر آھيو؟
سيما چانڊيو: ڪافي سٺو لکن پيا، شاعري توڙي نثر،
ڪنھن ھڪ جو نالو نٿو کڻي سگھجي.
سردار ٻرڙو: اوھان زندگي ۾ پھريون ڪتاب ڪڏھن ۽
ڪھڙو خريد ڪيو ھو؟
سيما چانڊيو: مون پهريون مذھبي ڪتاب ”قصص الانبياء“
خريد ڪيو هو.
سردار ٻرڙو: اڄ جو اديب/اديبہ سياست ۾ پير ڇو نٿا
پاين؟
سيما چانڊيو: اسان جو اديب/اديبہ جي اڪثريت هيٺئين طبقي جي آهي، جن وٽ نہ
هيلا آهن نہ وسيلا جن لاءِ قلم
سان نڀائڻ بہ امتحان بڻيل رهي ٿو. اهڙين حالتن ۾ سياست جو خيال ڪٿان ايندو؟
سردار ٻرڙو: ڪھاڻين ۾ موضوع ۽ ڪردار اوھان وٽ
حقيقي آھن يا تصوراتي؟
سيما چانڊيو: سڀ ڪجھ ئي تہ حقيقت آهي هن سماج جي ڪجھ ماضي آهي. ڪجھ حال
آهي تہ ڪجھ مستقبل آهي. ليکڪ محض هڪ فرد ٿي ناهي
لکندو ليکڪ هر ان اک سان ڏسندو آهي جنهن ڏانهن هن جي دل ۽ دماغ ڇڪبو آهي.
سردار ٻرڙو: ڪتابي صورت ۾ اوھان جو مواد ڇپيو آھي؟
اڻ ڇپيل مواد ڪيترو ٿيندو؟
سيما چانڊيو: منهنجو هڪ ڪتاب نثري نظمن جو، هڪ ڪهاڻين جو مڪمل لکيل آهن۔ ۽ ٻہ ناول پڻ ٿوري ترتيب کان پوءِ مڪمل آهن.
سردار ٻرڙو: توھان جي ڪھاڻين ۾ بہ ھڪ لڪيل ڪردار اوھان جو ھوندو آھي؟
سيما چانڊيو: ها بلڪل ڪٿي نہ ڪٿي. احساس کان بنا ڪجھ بہ تخليق نٿو ڪري سگهجي ۽ ٻئي جو درد ڪيفيت گهڻو
تڏهن پسي سگهجي ٿي. جڏهن پاڻ
ان درد، ان ڪيفيت منجهان گذري آيو هجي يا گذري رهيو هجي.
سردار ٻرڙو: سنڌ سان محبت جو اظھار اوھان ڪھڙن
لفظن ۾ ڪرڻ چاھيندا؟
سيما چانڊيو: منهنجي خيال ۾ ايترو ڪافي آهي جو جيترو
فخر مون کي سنڌ مان هجڻ تي آهي ايترو ئي فخر سنڌ کي بہ منهنجي سنڌ مان هجڻ تي ٿئي.
سردار ٻرڙو: سنڌي عورت ليکڪائون ادبي فورمن جون
ميمبر ڇو نٿيون ٿين؟ سبب ڪھڙا آھن؟
سيما چانڊيو: ادبي فورمن جو حال اهو آهي جو ڪو
ماٺيڻي طبيعت شريف مرد بہ شامل ٿيڻ
نٿو چاهي. سنڌي عورت تہ
پوءِ بہ
مرداڻي سماج جي اثر هيٺ رهي ٿي پليٽ فارم ڀلي ڪهڙو بہ
هجي.
سردار ٻرڙو: اڄ جي مجموعي ڪھاڻي مايوسي آھي يا
اتساھ؟
سيما چانڊيو: ڪهاڻي سٺي لکجي پئي ڪجھ بہ مڪمل خالص ناهي هوندو ڪميون ڪوتاهيون بہ آهن تہ
چڱيون ڀليون بہ آهن مايوسي کان اتساھ
جو پاسو پوءِ بہ ڳرو آھي.
سردار ٻرڙو: اڄڪلھ زندگي جي مصروفيات ڇا آھي؟
سيما چانڊيو: ڪجھ خاص نہ
گهر ٻار ۽ لکڻ پڙھڻ.
سردار ٻرڙو: زندگي جو مقصد؟
سيما چانڊيو: محبت،
ادب ۽ اولاد.
سردار ٻرڙو: ڪو يادگار وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ....نه
وسرندڙ واقعو؟
سيما چانڊيو: آئون اهو ڏينهن ڪڏهن بہ نہ
وساري سگهي آهيان نہ ڪڏهن
وساري سگهان ٿي. جڏهن ست سال جي عمر ۾
مون کي راند مان اٿاري ڪنوار جو وڳو پهرايو ويو، منهنجو نڪاح پڙهايو ويو.
سردار ٻرڙو: اڄ جي عورت پاڻ کي ڪيئن پراعتماد
بڻائي؟
سيما چانڊيو: خود اعتمادي کان سواءِ هڪ قدم بہ
اڳتي وڌي نہ سگهندي. سڀ کان پهرين
پاڻ تي اعتماد رکي تہ هوءَ اهو سڀ ڪجھ ڪري سگهي ٿي جنهن جو خيال بہ هن کي ڊيڄاري ڇڏي ٿو. سچ جي عمارت حوصلن جي بنياد تي ئي جوڙي سگهجي
ٿي.
سردار ٻرڙو: واقعي مرد معاشرو عورت کي غلام رکڻ
چاھي ٿو؟
سيما چانڊيو: علمي ادبي ڄاڻ کان هٽي ڪري مون پنهنجي
ذاتي زندگي ۾ جيڪو ڏٺو آهي. جهڙي ماحول ۾ اک کولي آهي، عورت کي حد کان وڌيڪ ذھني توڙي جسماني غلاميءَ ۾ ڏٺو آهي.
شهرن جي ڀيٽ ۾ عورت ڳوٺن ۾ وڌيڪ لاچار ۽ مجبور آهي انهن اختيارن جو تصور بہ ناهي جيڪي عورت جو حق آهن، غلامي، آزادي گهڻائي،
ٿورائي، ڊگهو موضوع آهي جنهن تي جيترو بہ ڳالھائجي گهٽ آهي.
سردار ٻرڙو: قومي مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ وطن سان محبت
جو جُزُ آھي، اوھان سنڌ کي غلام سمجھو ٿا؟ سنڌ جي آزاديءَ تي يقين رکو ٿا؟
سيما چانڊيو: ماضي جي ڀيٽ ۾ قوم ۾ اڳ کان وڌيڪ
سجاڳي آهي. صحيح غلط جي سڃاڻ ڪري سگهي ٿي ميڊيا جو دور
آهي ڪجھ بہ ڳجهو ڪونهي، اگر صحيح کي صحيح غلط کي غلط چوڻ
جي سگھ پيدا ڪئي وئي تہ ڪير بہ سنڌ جو حق نٿو کائي سگهي.
سردار ٻرڙو: پڙھندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
سيما چانڊيو: بس پنهنجو اندر ٻاهر (قول فعل) هڪ
جهڙو رکو اوهان کي ڪامياب انسان بڻجڻ کان ڪير نٿو روڪي سگهي